Home / ڪور افيئر / زرداري- دفاعي اداري جي ٽڪراءَ جي اصل ڪهاڻي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ جيالن جي ظاهر ٿيندڙ ڪرپشن
above article banner

زرداري- دفاعي اداري جي ٽڪراءَ جي اصل ڪهاڻي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ جيالن جي ظاهر ٿيندڙ ڪرپشن

Barkat Nonariهندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ جڏهن تاريخ جي ستم ظريفي سبب غير متوقع طور تي سنڌ مان سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ٿي ۽ سنڌ ۾ هندستان مان لڏي آيل مهاجرن جي آبادڪاري شروع ٿي ته عام طور تي سموري سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي شهر جي ڊيموگرافي مڪمل طور تي تبديل ٿي وئي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ شرط ئي ڪراچي شهر سنڌين جي لاءِ اوپرو بڻجي ويو، جن روڊن رستن ۽ مارڪيٽن ۾ انگريز حڪمران، گجراتي واپاري ۽ بلوچ مزدور به سنڌي ٻولي ڳالهائيندا هيا ان ڪراچي شهر ۾ سنڌي ٻولي به اقليت ۾ تبديل ٿي وئي. ڪراچي شهر کي پاڪستان جي وفاقي گادي جو هنڌ مقرر ڪرڻ کان پوء جزوي طور تي ڪراچي تي هندستان مان لڏي آيل مهاجرن جو اثر وڌڻ لڳو پر 27 مارچ 1948ع کان پوء سنڌ حڪومت کي ڪراچي شهر مان نيڪالي ڏئي جڏهن حيدر آباد کي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ته ڪراچي شهر هميشه جي لاء سنڌ کان کسجي ويو. جيتوڻيڪ جنرل ايوب خان جي دور ۾ پٺاڻ فوجي جنرلن ۽ مهاجر بيوروڪريسي جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 1958ع ۾ ڪراچي شهر سنڌ حڪومت کي واپس ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت به ڪراچي شهر جو انتظام هلائڻ جي لاء سدائين نسل پرست مهاجر بيوروڪريسي ۽ وفاق پرست پنجابي پٺاڻ فوجي جنرلن جي رحم ۽ ڪرم تي هلندي رهي.

ڪراچي شهر مان وفاقي گادي تبديل ٿيڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ۽ وفاقي ملڪيتن جي وچ ۾ معاملا طئي ٿي نه سگھيا. ڪراچي جي جيتري زميني ملڪيت وفاقي گادي هجڻ جي وقت وفاقي ادارن وٽ هئي ان ۾ ڪا به گھٽتائي ٿيڻ جي بدران واڌ ٿيندي رهي. جن ۾ سامونڊي پٽي جي مالڪي ڪڏهن به سنڌ حڪومت جي هٿ نه رهي آهي، ان سامونڊي پٽي جي مالڪي هن وقت به ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، بن قاسم پورٽ اٿارٽي، ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي ڪن ٿيون. حالانڪه انگريزن جي دور کان مروج قانون جنهن کي ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊس ائڪٽ 1912 چئجي ٿو ان ۾ به اها ڳالهه طئي ٿيل آهي ته سمنڊ جي ڪناري واري زمين ان صوبي جي ملڪيت هوندي جنهن صوبي مان اهو سمنڊ گذري ٿو ۽ لٽ چڙهڻ جي ڪري سمنڊ جيڪا زمين ڇڏي ٿو اها زمين به ان صوبي جي ملڪيت هوندي. ڪراچي ۾ وفاقي گادي جو هنڌ هجڻ وقت جيڪي زمينون وفاقي ادارن وٽ هيون، وفاقي گادي جو هنڌ تبديل ٿيڻ کان پوء اهي سنڌ جي صوبائي ملڪيت بڻجڻ گھرجن ها پر اهي زمينون وفاقي ادارن جي ئي ڪنٽرول ۾ آهن.

june 24 new

هونئن ته ڪراچي شهر جي سياست لساني بنيادن تي ئي ٿيندي رهي آهي پر 1980 جي ڏهاڪي کان پوءِ هر لساني گروھ ڪراچي تي پنهنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي گرفت مضبوط ڪرڻ جي لاء اها ڪوشش ڪئي ته ڪراچيء ۾ پنهنجي پنهنجي نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي آبادڪاري ڪري پنهنجو انگ وڌائجي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي شهر بنا ڪنهن شهري رٿا بندي جي وڌندو رهيو آهي. ڪراچي شهر تي قبضي جي ڊوڙ ڪراچي ۾ ڪڏهن به امن قائم ٿيڻ نه ڏنو آهي، هر لساني گروھ پنهنجي مخصوص علائقي ۾ ٻين لساني گروهن جي آبادڪاري کي روڪڻ جي لاء طاقت جو استعمال ڪندو رهيو آهي. افغان جنگ کان پوءِ توڙي نائين اليون کان پوء جڏهن پٺاڻن جي علائقن ۾ نه کٽندڙ ويڙھ، مذهبي جنون سان گڏ معاشي وسيلن جي کوٽ پيدا ٿي ته وڏي انگ ۾ پٺاڻن ڪراچي شهر جو رخ ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جي نا اهلي ۽ بيوسي سبب ٽن ڏهاڪن ۾ 3 ڪروڙ غير سنڌي مختلف ملڪن (انڊيا، افغانستان، برما، بنگلا ديش، سري لنڪا) ۽ مختلف صوبن (خيبر پختونخواھ، پنجاب، بلوچستان، ڪشمير، گلگت) مان لڏي ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿي ويا جن جي اڪثريت وري به ڪراچي شهر ۾ آباد آهي. 1973ع جي آئين ۽ سنڌ حڪومت جي ڪمزوري سبب سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي شهر جو شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل حاصل ڪرڻ توڙي ووٽر لسٽ ۾ نالو شامل ڪرائڻ ڏاڍو آسان رهيو آهي، ڪراچي جو هر هڪ لساني گروھ پنهنجي نسل جي ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي لاءِ ان راند ۾ سرگرمي سان حصو وٺي ٿو.

ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ آبادي جي دٻاءُ سبب جڏهن موجود قانوني طور منظور ٿيل ڪالونين ۾ رهائشي جڳهن جي کوٽ ٿي ته مختلف لساني گروهن لينڊ مافيا ۽ سياسي تنظيمن جي ذريعي غير قانوني ڪالونيون تعمير ڪرڻ سان گڏ سرڪاري زمينن تي به قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. مختلف سياسي تنظيمن، لساني گروهن جي دٻاءُ تي سنڌ حڪومت انهن غير قانوني ۽ قبضو ڪيل علائقن کي به قانوني حيثيت ڏئي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ٻين ملڪن ۽ ٻين صوبن مان آيل ماڻهن کي به قانوني حيثيت ڏيندي رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ صوبي ۾ عام طور تي ۽ ڪراچي شهر ۾ خاص طور تي سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن.

پاڪستان جي سامونڊي پٽي 990 ڪلو ميٽرن تي ڦهليل آهي جنهن مان 230 ڪلو ميٽر سنڌ ۾ آهن ۽ 760 ڪلو ميٽر بلوچستان ۾ آهي. سنڌ جي اها سامونڊي پٽي ڪراچيء جي ڪيپ مونز (رس مُهاڙي) کان رڻ ڪڇ تائين ڦهليل آهي جنهن جي انتظام هلائڻ جي لاءِ 1992ع ۾ سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي پر ڪراچي جي سامونڊي پٽي سنڌ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هجڻ جي بدران پاڪستان نيوي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، بن قاسم پورٽ اٿارٽي، ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيء جي انتظام ۾ ورهايل آهي.

ڪاٺوڙ جيڪو هن وقت ڪراچي ڊويزن جي ملير ضلعي جي گڏاپ ٽائون جي هڪ ديهه آهي، 1982ع تائين گڏاپ ٽائون ٺٽي ضلعي ۾ شامل هيو. 1983ع ۾ گڏاپ ٽائون کي زبردستي ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن کان پوء گڏاپ ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي به پنهنجا ڳوٺ سنڌ سرڪار کان ليز ڪرائڻ تي مجبور ڪيو ويو. 50 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڪاٺوڙ جي زمين صدين کان آباد ڳوٺاڻن کي 30 سالن جي ليز تي ڏني وئي جيڪا ليز بغير ڪنهن نوٽيس جي 2012ع ۾ ختم ڪري ڪاٺوڙ جي زمين ڊي ايڇ اي کي 99 سالن جي ليز تي ڏني وئي. جنهن زمين جي قيمت 60 لک روپيا في ايڪڙ مقرر ٿي هئي اها زمين هڪ لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڊي ايڇ اي جي حوالي ڪئي وئي. (1992ع ۾ سنڌ حڪومت ڊي ايڇ اي کي ڊرگ روڊ تي 282 ايڪڙ زمين 53 لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڏني هئي). ان وقت جي پاڪستان صدر آصف زرداريء طرفان اعلان ڪيو ويو ته دهشتگرديء جي خلاف ويڙھ ۾ شهيد ٿيل فوجي آفيسرن جي وارثن کي هڪ هزار ايڪڙ زمين ڏني ويندي، جنهن کان پوءِ ڊي ايڇ اي سنڌ سرڪار ڏي هڪ خط لکي اها گھُر ڪئي ته آصف علي زرداري جي طرفان اعلان ٿيل زمين سنڌ سرڪار کي مهيا ڪري ڏيڻي آهي ۽ اها زمين ڪراچيء ۾ هجڻ گھرجي، جيئن ته ڊي ايڇ اي اڳ ۾ ئي زمين سپر هاء وي لڳ خريد ڪري فوجي آفيسرن جي هڪ نئين رهائشي اسڪيم (ڊي ايڇ اي سٽي) شروع ڪري رهي آهي تنهنڪري اها زرداري صاحب طرفان اعلان ٿيل هڪ هزار ايڪڙ زمين به ان ڊي ايڇ اي سٽي جي ڀرسان هجڻ گھرجي. سپر هاءِ وي لڳ خريد ڪيل زمين سان جڏهن وڌيڪ هڪ هزار ايڪڙ زمين به کين ملي ته ڊي ايڇ اي قديم ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ خريد ڪيل توڙي زرداري صاحب جي ڏنل زمين کان به وڌيڪ علائقي تي قبضو ڪري ورتو، جهڙي نموني 2002ع ۾ ملير ڪينٽونمينٽ جي توسيع ڪرڻ وقت ڪاٺوڙ جي مختلف ڳوٺن جي 214 ايڪڙ زمين بنا ڪنهن ڪورٽ نوٽيس يا بنا ڪنهن معاوضي جي خالي ڪرائي وئي هئي. ڊي ايڇ اي سنڌ حڪومت کان سپر هاءِ وي لڳ ڪاٺوڙ ۽ ٻاهل جي ديهن ۾ 11640 ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي، جنهن جي لاء ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي سيد سردار احمد شاھ اسيمبلي جي فلور تي چيو هيو ته ان زمين جي قيمت 60 لک روپيا في ايڪڙ مقرر ٿيل هئي پوء ڊي ايڇ اي کي هڪ لک ۾ ڇو ڏني وئي؟ سيد سردار احمد جو چوڻ هيو ته دفاعي ادارن ڏي سنڌ حڪومت جا ڏھ ارب روپيا رهن ٿا اهي به ڏيڻ جي لاء تيار ڪونهي ته پوء نئين زمين ڇو ڏني وئي آهي؟ هن وقت ملير ندي جي ٻنهي پاسن کان ڊي ايڇ اي زمينن تي قبضو ڪري ورتو آهي. موجوده وقت ۾ پيپلز پارٽي ۽ دفاعي ادارن جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب اهو به آهي ته ڊي ايڇ اي ملير ندي جي ٻنهي پاسن جي 50000 ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار کان بنا معاوضي جي وٺڻ چاهي ٿي.

13

ڪريسينٽ بَي پراجيڪٽ 31 مئي 2006ع ۾ ڊفينس فيز 8 جي 75 ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کان خريد ڪري اڍائي ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري سان شروع ڪيو ويو، جنهن جا مالڪاڻا حق گڏيل عرب امارات جي تعميراتي ڪمپني عِمار وٽ آهن. ڪريسينٽ بَي پراجيڪٽ 4000 رهائشي اپارٽمينٽن، فائيو اسٽار هوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرن تي مشتمل هڪ منصوبو آهي جنهن جي ليز توڙي آمدني مان سنڌ حڪومت کي ڪجهه به نه مليو آهي. جنهن جڳهه تي هن وقت اهو ڪريسينٽ بيَ پراجيڪٽ هلي رهيو آهي اها زمين ڊفينس فيز 8 جي آهي جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ لٽ چڙهڻ جي ڪري سمنڊ زمين ڇڏي چڪو هيو. 1912ع جي ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊس ايڪٽ هيٺ جيڪا به زمين سمنڊ ڇڏي ٿو اها زمين صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي.

ڪلفٽن جي بوٽ بيسن کان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي نيٽي جيٽي پُل تائين جڏهن مائي ڪلاچي باءِ پاس جي تعمير ڪئي وئي ته ان باءِ پاس ٺهڻ جي ڪري ٻنهي پاسن کان سامونڊي ڪريڪ بند ٿي وئي جنهن کان پوء انهيءَ علائقي ۾ سمنڊ جو پاڻي سُڪندو ويو. مائي ڪلاچي باءِ پاس جي ساڄي پاسي جي 75 ايڪڙ زمين تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قبضو ڪري ان زمين تي رهائشي اسڪيم ٺاهڻ شروع ڪئي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ وئي هن وقت تائين ان زمين جو معاملو طئي نه ٿيو آهي. پر اصل ۾ اها زمين ساڍا ٽي سئو ايڪڙ آهي جنهن ۾ لٽجي ويل حصي سان گڏ تمر جا ٻيلا به آهن جن تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو قبضو آهي. لڳ ڀڳ 300 ايڪڙ زمين مائي ڪلاچي باءِ پاس جي کاٻي هٿ تي هجرت ڪالوني ۽ آمريڪي قونصليٽ جي وچ تي به موجود آهي جنهن جي ڪريڪ کي سُڪائي، لٽي ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن.

بحريه ٽائون کي ڪلفٽن جي علائقي ۾ عبد الله شاهه غازي جي مزار جي ڀرسان ساڍا ٽي ايڪڙ زمين ليز تي ڏني وئي جيڪا زمين اصل ۾ تفريحي ڪيٽيگري جي آهي جنهن تي راند جو ميدان هيو ۽ تفريحي ڪيٽيگري جي زمين ڪاروباري مقصدن جي لاء نه ٿي ڏئي سگھجي. ان پلاٽ تي بحريه ٽائون پنهنجي مرڪزي آفيس تعمير ڪرڻ سان گڏ گئليڪسي ڪنسٽرڪشن ڪمپني سان گڏجي 66 ماڙ ڪمرشل عمارت تعمير ڪري رهي آهي جنهن جا 7 فلور زيرِ زمين هوندا ۽ 59 فلور زمين کان مٿي هوندا. جنهن کي بحريه آء ڪون ٽاور جو نالو ڏنو ويو آهي.

سنڌ صوبي ۾ خالي پيل سرڪاري زمين کي استعمال ڪرڻ جي لاء اڃا تائين 1912ع جو ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊس ائڪٽ مروج آهي جنهن جي شق نمبر 8 (1) (الف) ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي ڪا به سرڪاري زمين نيلام ڪرڻ يا ليز تي ڏيڻ کان اڳ ان زمين جي مارڪيٽ ويليو (ڪاروباري قيمت) طئي ڪئي ويندي جنهن جي قيمت طئي ڪرڻ جي لاءِ ان ضلعي جو ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر، ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ فائنانس آفيسر، ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر، ڊسٽرڪٽ رجسٽرار، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر ۽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ٻن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي، ان ڪاميٽيء جي طئي ٿيل قيمت تي ئي اها سرڪاري زمين وڪرو ڪئي ويندي. ساڳي ئي ائڪٽ جي شق نمبر 9 (1) ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته ڪنهن به سرڪاري زمين جي نيلامي کليل آڪشن (مختلف خريدارن لاء کليل ميدان) جو اشتهار انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇاپيو ويندو.

2006ع ۾ مقرر ٿيل مختلف ڪاميٽين ڪراچي ڊويزن جي مختلف ديهن جي سرڪاري زمين جي قيمت هن ريت طئي ڪئي. ديهه کانٽو اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 70 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 50 لک في ايڪڙ. ديهه ڌاٻيجي بي ڪيٽيگري 5 لک في ايڪڙ. ديھ جوڙيجي اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 70 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 50 لک في ايڪڙ. ديهه الله ٻانهو اي ڪيٽيگري 12 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 8 لک في ايڪڙ، سي ڪيٽيگري 6 لک في ايڪڙ. ديهه لال بکر اي ون ڪيٽيگري 40 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، سي ڪيٽيگري 7 لک في ايڪڙ. ديهه مانڊياري اي ڪيٽيگري 12 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 8 لک في ايڪڙ، سي ڪيٽيگري 6 لک في ايڪڙ. ديهه چُوهڙ اي ون ڪيٽيگري 20 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 10 لک في ايڪڙ. ديھ ڄام چڪرو اي ون ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 20 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ. ديهه لانڍي اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 70 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 40 لک في ايڪڙ. ديهه گھگھر اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 10 لک في ايڪڙ. ديهه مواڇ اي ون ڪيٽيگري 40 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 20 لک في ايڪڙ. ديهه نارا ٿر اي ون ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 20 لک في ايڪڙ. ديهه گُجھرو بي ڪيٽيگري ٻه ڪروڙ في ايڪڙ. ديهه ڦِهائي اي ون ڪيٽيگري 4 ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري ساڍا 3 ڪروڙ في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري ڏيڍ ڪروڙ في ايڪڙ، سي ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ. ديهه ابراهيم حيدري اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ. ديهه ريڙهي اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 70 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 50 لک في ايڪڙ. ديهه ڪونڪر اي ون ڪيٽيگري 50 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 40 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ. ديهه شرابي اي ون ڪيٽيگري 6 ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 5 ڪروڙ في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 4 ڪروڙ في ايڪڙ. ديهه پپري اي ون ڪيٽيگري هڪ ڪروڙ في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 70 لک في ايڪڙ. ديهه سُرجاڻي اي ون ڪيٽيگري 60 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 50 لک في ايڪڙ. ديهه گابو پٽ اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 10 لک في ايڪڙ. ديهه ٻاهل اي ون ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 10 لک في ايڪڙ. ديهه کڏيجي اي ون ڪيٽيگري 25 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 12 لک في ايڪڙ. ديهه آبدار اي ون ڪيٽيگري 30 لک في ايڪڙ، اي ڪيٽيگري 15 لک في ايڪڙ، بي ڪيٽيگري 10 لک في ايڪڙ. ديهه صفوره 6 ڪروڙ في ايڪڙ. ديهه مهراڻ 8 ڪروڙ في ايڪڙ.

2003 کان 2005 تائين سمنڊ جي ڇڏيل زمين تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي 1600 ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي 2 روپيا في گز جي حساب سان وڪڻي ڇڏي جنهن خريد ڪيل زمين تي ڊي ايڇ اي پنهنجو فيز 8 ۽ فيز 8 ايڪسٽينشن قائم ڪيو. انهي خريد ڪيل زمين کي ڊي ايڇ اي گڏيل عرب امارات جي تعميراتي ڪمپني عِمار کي اربين روپين ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ سنڌ حڪومت بيوس بڻيل رهي. ان کان سواءِ گزري ڪريڪ جي 490 ايڪڙن تي مشتمل تمر جي ٻيلن تي ڊي ايڇ اي قبضو ڪري ان کي به ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

14 فيبروري 2013ع تي بحريه فائونڊيشن جي سربراھ ملڪ رياض ابو ظهبي گروپ جي چيئرمين شيخ نهيان مبارڪ النهيان سان گڏيل سيڙپڪاري جي معاهدي جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 35 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاريء سان ڪراچيء ۾ هڪ اسپورٽس سٽي، هڪ انٽرنيشنل سٽي، هڪ ميڊيا سٽي، هڪ ميڊيڪل سٽي ۽ هڪ ايجوڪيشنل سٽي تعمير ڪيا ويندا. ان کان سواء ان سيڙپ ڪاريء ۾ سپر هاء وي لڳ بحريه ٽائون ۽ سيون وانڊرس سٽي به شامل هوندا. ان سان گڏ ملڪ رياض جو چوڻ هيو ته ڪراچي پورٽ کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود ڪُتا ٻيٽ تي سوا لک گھر تعمير ڪيا ويندا. ڪُتا ٻيٽ اصل ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني عِمار خريد ڪيو هيو پر عِمار گروپ کي ڊي ايڇ اي طرفان ڪريسينٽ بَي پراجيڪٽ ملڻ کان پوءِ سندن ڌيان ڪُتا ٻيٽ تان هٽي ويو جيڪو هاڻي ملڪ رياض خريد ڪيو آهي.

پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي سنڌ حڪومت جيڪي سرڪاري زمينون مختلف ادارن، مختلف تعميراتي ڪمپنين کي ڏنيون آهن توڙي مخلف نسلن جي آباد ٿيل ماڻهن کي جيڪا زمين ليز تي ڏني آهي ان جا تفصيل هن ريت آهن. لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽيء جي شروع ٿيل هاڪس بي اسڪيم 42 ۾ 11450 ايڪڙ زمين جيڪا 15 روپيا في گز جي حساب سان ڏني وئي. پي ايس 89 ۾ سلطان آباد سان لڳ نيازي ڪالوني 39 ايڪڙ زمين قابض پنجابي آبادگارن کي مفت ۾ ڏني وئي. ). ڊاڪس ڪالوني 18 ايڪڙ زمين (هڪ هزار گھر)، مجيد ڪالوني 10 ايڪڙ زمين (750 گھر)، سڪندر آباد 244 ايڪڙ زمين (8500 گھر)، نيازي ڪالوني 39 ايڪڙ زمين، محمدي ڪالوني 280 ايڪڙ زمين (9800 گھر)، مڇر ڪالوني 69 ايڪڙ زمين (4200 گھر). ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان سنڌ هاء ڪورٽ بار ايسوسي ايشن کي 100 ايڪڙ زمين في گز 70 روپيا. ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس کي ڪراچيء ۾ 4000 ايڪڙ زمين (جنهن تي فضائيه سوسائٽي تيار ڪري تجارتي بنيادن تي وڪرو ٿي رهي آهي)، سکر ۾ 250 ايڪڙ زمين، نوابشاھ ۾ 125 ايڪڙ زمين، موئن جو دڙو ۾ 100 ايڪڙ زمين، حيدر آباد ۾ 100 ايڪڙزمين ڏني وئي آهي.

ملير ضلعي جي آبدار ديهه ۾ انٽيليجنس بيورو ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيء کي 100 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. ڪراچي گارمينٽ سٽيءَ کي بن قاسم ٽائون ۾ 300 ايڪڙ زمين ساڍا ست ڪروڙ روپين ۾ ڏني وئي. ڪياماڙي ٽائون ۾ موجود قديم سنڌي ڳوٺ يونس آباد جي 63 ايڪڙ زمين پاڪستان نيوي کي 20000 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڏني وئي.

سنڌ حڪومت پنهنجي هڪ نوٽيفيڪيشن جي ذريعي ملير ضلعي جي 43 ديهن کي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڪنٽرول ۾ ڏئي انهن ديهن ۾ آباد قديم سنڌي ڳوٺن کي اهو علائقو خالي ڪري ڏيڻ جو چيو آهي. انهن 43 ديهن جي مجموعي زمين 7 لک ايڪڙ آهي جنهن ۾ تقريبن 13000 قديم سنڌي ماڻهو آباد آهن، کين موٽ ۾ 38617 ايڪڙ زمين ڏئي ڏورانهن ديهن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

ملير ضلعي جون جيڪي 43 ديهون وڪرو ڪيون ويو آهن تن جا نالا هن ريت آهي.لوهارڪو لنگه، گھگھر، الهه ڦائي، نارا ٿر، ٽوري، شاهي چب، چُوهڙ، ڪرمتاڻي لٽ، مندرو، کار، تراڙي، لُوسر، ميهار گبول، شورا ڪُنڊي، ڪوٽيئڙو، مٺا گھر، ڌاٻيجي، شاھ مريد، ڪونڪر، ماهيو، لنگھيجي، اميلاڻو، ڀڏ، موئيدان، سونڊي، جھونجھار، شورنگ، ڪُنڊ، وڻ ڪُنڊ، ڪاٺوڙ، کڏيجي، ڍنڊو، درساڻو ڇنو، بازار، ٻولهاري، ٻاهل، آبدار، گڏاپ، کر کرو، ملھ، هيڊر واھ، جُنگ ڪُنڊ ۽ سانهارو.

بحريه ٽائون جو قصو ته وري به ڏاڍو دلچسپ رهيو آهي. شروعاتي طور تي ملڪ رياض پنهنجي هڪ منظم گروھ جي طرفان ملير ضلعي جي مختلف ديهن ۽ مختلف ڳوٺن ۾ موجود زرعي فارم، مرغي فارم ۽ ريسٽ هائوس خريد ڪرڻ شروع ڪيا. جيئن ته انهن زرعي فارمن، مرغي فارمن ۽ ريسٽ هائوسن جي زمين ڪنهن هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هئي ته ملڪ رياض سنڌ حڪومت ۾ موجود پنهنجي ”سنگت“ جي ذريعي اها زمين تبديلي جي سهولت سان هڪ هنڌ گڏ ڪئي. جڏهن ملڪ رياض کي پنهنجي بحريه ٽائون جي منصوبي کي شروع ڪرڻ جي لاء گھربل بنيادي زمين هٿ اچي وئي ته سنڌ حڪومت سنڌ روينيو ايڪٽ 1967 ۾ ترميم ڪري هڪ نوٽيفيڪيشن (ايم 324 تاريخ 24 نومبر 2010) جي ذريعي زرعي فارمن، مرغي فارمن، ريسٽ هائوسن جي 30 سالن جي قانوني ليز کي تبديل ڪري 99 سالن جي لاءِ رهائشي ۽ تجارتي بنيادن تي استعمال ڪرڻ جي کيس اجازت ڏئي ڇڏي. هن وقت تائين ملڪ رياض جي بحريه ٽائون کي قانوني طور 85000 ايڪڙ زمين ملي چڪي آهي ان کان علاوه 30000 ايڪڙ زمين جي توسيعي مرحلي تي به ڪم جاري آهي.

ظاهري طور تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اسٽيبليشمينٽ جي وچ ۾ جاري موجوده ڇڪتاڻ جو سبب سندس پارٽي ۽ سندس ويجھن ساٿين جي ڪرپشن ڏسي ٿي وڃي پر پس پرده ملڪ رياض ۽ ڪامران پرويز ڪيانيءَ سان سندس ڪاروباري شراڪت داري به انهيءَ ڇڪتاڻ جو حصو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت شڪار پور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٻيلي کاتي جي 9600 ايڪڙ زمين دفاعي ادارن جي شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر پيپلز پارٽيءَ جي طرفان ٿيل سرڪاري زمينن جي نيلامي ۽ جمهوريت جي آڙ ۾ ٿيل مها ڪرپشن هاڻي ڪنهن کان ڳُجهي نه رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو