Home / ويندي ويندي / زنده آ ضيا زنده آ
above article banner

زنده آ ضيا زنده آ

اسان توهان مان جن جنرل ضيا کان اڳ جو پاڪستان ڏٺو سي ان پاڪستان کي ياد ڪري ٿڌا ساه ڀريندا هوندا. بيل باٽم فيشن. رونا ليليٰ ۽ احمد رشدي جا ڪلام، ڪلبن جا گانا ۽ هٿوڙا گروپ هٿان مٿو چٿڻ جي ڀوائتي خواب کان آجيون ننڊون. شراب، قادياني ۽ آچر جي ڏهاڙي موڪل تي پابندي ته ڀُٽو صاحب پاڻ هڻي ويو پر پوءِ جنرل ضيا جيڪا ٻيگهي مچائي تنهن جون برڪتون اڄ ڏسو ته بنا بندوق جي پهري جي اسان جمعي توڙي سومهڻي جي نماز به نه ٿا پڙهي سگهون. ست ٺڪائن واري چاقو جي دهشت ۾ ڪانچ جا پاچا ڀڄائيندڙ اڄ ڪلاشنڪوف جي ٺڪائن ۾ به بي ڌڙڪ ننڊ ڪن ٿا. هر چوٿون ماڻهو پنجين کي عقيدي جي بنياد تي قتل ڪري بهشت جو ثواب کٽڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. قادياني، عيسائي، هندو ڀڄائي هاڻ شيعن، سننين، وهابين، لهابين وغيره وغيره جي ڳچين ۾ هٿ وڌل آهن. احترامِ رمضان جو آرڊيننس به سندس مارشل لا جي زماني ۾ آيو.

JUNE 58

ان کان اڳ رمضان جي مهيني ۾ بي روزائتن مٿان کائڻ پيئڻ جي اجائي سختي نه هئي. رمضان ۾ جنهن کي روزن جو ثواب کٽڻو هوندو هو سي روزا رکندا هئي ۽ جيڪي بيمار، ڪمزور، پوڙها پڪا روزو نه رکي سگهندا هئا سي بي ڌڙڪ کائيندا پيئندا هيا. پر پوءِ رمضان آرڊيننس اچي ويو. ڀل اوهان بيمار آهيو، روزي رکڻ کان لاچار آهيو پر اوهان کي گهر کان ٻاهر ڪنهن کائيندي يا پيئندي ڏٺو ته اوهان جو خير ڪونهي. اڳي پوليس وارا مار ڪڍندا هيا، ڍڪ ۾ واڙيندا هيا پر پوءِ پبلڪ اهو ثواب کٽڻ شروع ڪيو. جي ڪنهن مسافر صدر يا بولٽن ۾ اڃ لڳڻ سبب پاڻي گهريو ته کيس ڇڙٻ ڏيئي چئبو ته شرم نه ٿو اچئي؟ رمضان ۾ پاڻي؟ جي ڪنهن لڪي پيتو ۽ ڪنهن جي نظر پئجي وئي ته کيس اهڙي ڊينڀ ڪڍبي جو ناني ياد اچي وڃينس. گذريل سال ڪراچي جي شاهراه فيصل تي “مڇريل عوام” هڪ بي روزائت پاڻي پيئڻ جي گناه ڪرڻ سبب ماري وڌو.

جيالا الائي ڇو نعرو هڻڻدا آهن ته “زندہ ہے بھٹو زندہ ہے”!حالانڪه کين ته اهو نعرو هڻڻ کپي ته زنده هي ضيا زنده هي!

هيل رمضان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ قهر جي گرمي پئي. مٿان بجلي غائب. جيڪي ماڻهو گهران نڪتا ۽ کين ڏينهن لڳو تن لوڪ لڄا کان يا ڊپ ۾ ڪنهن کان به پاڻي نه گهريو. نه ئي پاڻ لڪي پيئڻ جي همت ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي سوين لاش سٿجي ويا. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳي وئي.

احترام رمضان آرڊيننس جي احترام جي حد ڏسو ته ڪنهن به ٽي وي يا اخبار اهو نه ڪڇيو ته ڏينهن لڳڻ سبب مرندڙن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي مزدور يا غريب هئا ۽ جيڪي ڪنهن ڪم سانگي گهران نڪتا، گرمي کين جڏهن بيحال ڪيو ته کين ڊوڙي پنهنجي گهر جي ٿڌي ڇانو تائين پهچڻ ۾ ڪي ڪلاڪ لڳا ۽ ان وچ ۾ سندن وات ۾ پاڻي جو ٽيپو وجهڻ جو “گناهِ عظيم” ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نه هيو نتيجي ۾ سندن ساه نپوڙجي ويو.

اسان سوچيون پيا ته چوندا آهن ته رمضان ۾ شيطان قيد ٿي ويندو آ ته پوءِ ضيا جو روح ڪراچي جي گهٽين ڳلين ۽ بازارن ۾ ڇو ڇيڪ ڇڏيل هيو؟ ايڏا لاچار انسان اڃ، گرمي وگهي ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ مرن ها ته زلزلو اچي وڃي ها پر هي ضيا کان پوءِ جو پاڪستان آهي. زنده آ ضيا…!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو