Home / اسپيشل افيئر / سماجي متڀيد جو شڪار عورت سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟
above article banner

سماجي متڀيد جو شڪار عورت سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟

Sanaullah

آفاقي ادراڪ سمجھائيندي ڀٽائيءَ دانهن ڪئي هئي ته، “الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏِسن.” درد جي ڪيفيتن بابت ڀٽائي عالمي انداز سان کي متعارف ڪرايو هيو ته درد کي عورت ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. صديون ڊوڙنديون اچي ڌرتيءَ جي گولي تي نئين هزاري کي رسيون آهن. پر، حوا جي ڌيءَ مخالف انڌ ۽ انياءَ جيئن جو تيئن جڳ اندر جاري ۽ ساري آهي. عورت سان دوکو ايئن جاري آهي جيئن هر دور جي مريم زماني جي ڀوائتن مهڻن جي ڊپ کان بيت اللحم جي غڦا کان ٻاهر نه نڪرندي هجي. عورت تاريخ جي ڪفن سان جيئرو ستيءَ ٿي سڙندي رهي آهي. وقت وارا بي حسي سان اهيو تماشو ڏسندا رهيا آهن. اهڙن انڌن اونڌن ويڄن خلاف عورت جو وجود سگھه  سان پنهنجي وجود جي بقا لاءِ وڙهندو رهيو آهي. مرداڻي سماج جي ٿاڦي جنگين جو ڪو وقت مقرر هوندو آهي. عظيم جنگيون به ٻه ڀيرا ٻري ٻري پنهنجن شعلن ۾ مري ويون. مگر، عورت مخالف جنگ جيڪا جيئن جو تيئن جاري آهي. عورت هر دور ۾ جنگي حالتن م رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عورتن جي وجودي بهار مٿان اڄوڪو جديد دور به مهربان نه ٿي سگھيو آهي.

عورت مرد کان وڌيڪ جينيس ٿيندي آهي. هوءَ مرداڻي سماج کان بهتر فيصلا ڪري سگھڻ جي صلاحيت رکندي آهي. سندس سوچ جا اندازا مردن جي هڪ هٽيءَ کان وڌيڪ نتيجا ڏيندا آهن. عورت جذباتي درد توڙي نفسياتي عذابن کي ڀوڳڻ جي مرد کان وڌيڪ صلاحيت رکندي آهي. شيڪسپيئر جو طعنو، “عورت تنهنجو نالو بي وفائي آهي،” پنهنجي جاءِ تي پر سچ اهو به آهي ته عورت پنهنجي پيار جي حاصلات لاءِ مرد کان وڌيڪ بهادر ٿيندي آهي.  مرد عورت جي جاڙن هٿن ۾ مکڻ جي چاڻي جيان هوندو آهي مگر عورت سماج جي اڏاوت ڪندي نفاستن جا زمانا تخليق پئي ڪيا آهن. جنسي متڀيد باوجود عورت جڳ جي سورمي آهي. عورت جڳ جي ماءُ بڻجي انسانيت جو بنياد رکيو آهي. جيڪا عورت ماءُ بڻجي وڃي ان جي ڏاهپ روشن ڪرڻن جيان ڪارآمد هوندي آهي.

june 40

آزمائشن جي مُند اندر مرداڻو سماج هروقت پنهنجي نرڙ تان پگھر اُگھيندي اهيو تاثر ڏياريندو آهي ته ڏکن ڏولاون جا بار صرف مرد ئي کڻي سگھندو آهي. هي جيڪو عام زندگي جو گاڏو هلي پيو اهو پهاڙ صرف مرد ئي ڏوري سگي ٿو. حقيقت ۾ اهو سچ شامل نه ٿو ڪيو وڃي ته عورت سواءِ گھر ۾ هندورو نه ٿو لڏي سگهي. هيلن آف ٽراءِ جو پيار پنبڻين جي لوڏي سان سوين هزارين بحري جهاز جنگ تي موڪلي سگھي ٿو. اسان وٽ هڪڙو مفروضو آهي ته عورت ڪمزور آهي. انهيءَ ڳالهه جي تهه تائين ڪير به پهچڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري ته دليري جو مرڪز ۽ محور عورت هوندي آهي. عورت پيار سان دنيا فتح ڪندي آهي مگر وقت جو هر سڪندر مقدوني جنگ جي ميدان تي جسم ۾ تير کائڻ باوجود به هارائي ويندو آهي. عورت رواجن ۾ ڪمزور بڻائي سگھجي ٿي. کيس ريتن جا مهڻا ڏئي سگهجن ٿا. عورت کي ڪاري يا ڳاڙهي چئي سندس منڍي ڪهاڙي جي ڦر سان لڻي سگهجي ٿي. عورت سان ڪوڙي پيار جي بهاني ناٽڪ رچائي کيس ڪمتر بڻائڻ جو جواز پيدا ڪري سگهجي ٿو. عورت کي نج جنسي گارين سان ڪنفيوز ڪري سگهجي ٿو. مگر عورت ڌرتيءَ جي ڌيءَ بڻجي پنهنجي هر روپ ۾ پوترتا ماڻي ٿي.

اسان وٽ عورت مخالف تماشو پيو هلي. گھڻا بيوقوف عورت کي بازار جي جنس ۽ بازار مان خريد ڪيل وکر ٿا سمجھن. ڪيترائي ماڻهو عورت جي معاملي ۾  پنهنجن ذميوارين کان پاڻ کي آجو سمجھندي منجھيل آهن. دراصل عورت سماجي تنتي سرشتو آهي. عورت کان سواءِ وقت جي رفتار غيرسائنسي بڻجي پنهنجي موت پاڻ مري ٿي وڃي. اسين اڃا فڪر جي ننڍڙن دائرن ۾ بابنبڙا پيا پايون. اسان متڀيد، تشدد ۽ نفرت لاءِ عورت جو انتخاب ٿا ڪريون. اسان پنهنجي پگھر ۾ شل مرداڻي سماج جا ڪلها بڻجي هڪ طرفي ويڙه وڙهندڙ فرد ٿي جيئڻ چاهيون ٿا. اسانجن صبحن توڙي نما شامن ۾ عورت پنهنجي حيا ۽ محبتن جا موتي پرويا آهن. الميو آهي ته اسانجن سمورين واندڪاين جو وندر عورت جي تذليل تي اختتام پذير ٿيندو آهي.

افسوس سان اندازو لڳائڻو ٿو پوي ته اهيو به ڪو دور هوندو جڏهن عورتن جون قرآن سان شاديون شرعي طور تي ثابت ڪري ان الميي کي ريتن ۽ رواجن جو حصو بڻايو ويو. اهو اونداهون دور به هوندو جڏهن جيئرن جذبن جي وات وڪيل نياڻي نماڻيءَ کي ڪاري ڪري کيس عبرت جو مقام بڻايو ويو هوندو. اهيو جبر مذهب جي مٿان مڙهيو ويو جيڪو عورت کي ڀوڳڻو پيو ۽ ان انڌ خلاف اڃا تائين اسان جا چپ سبيل آهن. جيڪا عورت گھر اندر ٻارن جي پالنا ڪندي ان کي بورچيخاني جي هڪ دروازي واري ننڍڙي ڪمري اندر مڪمل زندگي گذاري ڇڏڻ تي مجبور ڪندڙ انائون ڪهڙي فتح جا جشن ملهائڻ چاهن ٿيون.

عورتن خلاف تشدد ۽ متڀيد جو تسلسل جيئن جو تيئن جاري آهي. جيڪو شڪ جي بنياد تي معصوم نياڻين کي قتل ڪري رهيو آهي. ناانصافيءَ جي اهڙي روش اسانکان پڇاڻو ڪري ٿو ته ترقي جي موجوده زماني ۾ عورت کي قانوني تحفظ ڇو ڪونه ملي سگهيو آهي؟ ملير جي مارئيءَ جو درجو رکندڙ سنڌ جي نياڻي اڄ به نالي ماتر روايتن جي زنجيرن ۾ قابو پئي نظر اچي. پنهنجي مٽيءَ سان وفائون ڪندڙ ۽ سماج جي تخليقي محرڪن جي نمائندگي ڪندڙ عورت جو ڳلو مفادن جي بي رحم هٿن سان گهوگهاٽيو پيو وڃي. اڄ به عورتن جي حسين چهرن کان ڊنل ڪم ظرف کيس تيزاب سان ساڙي بگاڙي رهيا آهن. اڄ به حوا جي ڌيءَ کي سِرن جي بٺيءَ ۾  جيئرو ساڙيو ۽ ماريو پيو وڃين. تنهنڪري، عورتن جي قانوني ۽ انساني حقن جي تحفظ بابت اسانکي پنهنجي حصي جو انصاف ضرور ڪرڻ گهرجي  ته جيئن آباديءَ جي اڪثريت کي بي وقوف بڻائڻ واري مدي خارج روين منجهان سندس پاند آجو ڪرائي سگهجي.توڙي جنس جي بنياد تي کيس ڏاڍ ۽ ڏمر جو نشانو بڻائڻ وارو انڌو رواج پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي سگهي.

رگِ سنگ سي ٽپڪتا وه لهو ڪي پهر نه تهمتا.

جسي غم سمجھه رهي هو يي اگر شرار هوتا…

sanaullahchinjni@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو