Home / اسپيشل افيئر / سنڌي ٻڪرار بيربل، جنهن همايون کي دهلي جو تخت واپس ڏياريو!
above article banner

سنڌي ٻڪرار بيربل، جنهن همايون کي دهلي جو تخت واپس ڏياريو!

ramzan chando1540ع ڌاري هندستان جو شهنشاهه نصيرالدين همايون “شير شاهه” سوري (شير شاهه جو اصل نالو فريد خان عرف شير خان هو سندس وڏا افغانستان جي علائقي سُور جا هئا) جي هٿان شڪست کائي دهلي جو تخت وڃائي سنڌ ۾ ڌڪا کائيندي جڏهن “جُوڻ” ۾ اچي رهيو. ان وقت سندس ملاقات “ويرمل” سان ٿي جيڪو ان وقت “فتح باغ” ۾ ٻڪريون چاريندو هو. سنڌ ۾ ان وقت هڪ غاصب جي پٽ “مرزا شاهه حسن ارغون” جي حڪومت هئي. همايون جي “جوڻ” ۾ رهائش دوران سندس ماڻهن جي ملاقات “ويرمل” سان ٿي، جن سندس ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻڌي وڃي همايون سان سندس ذڪر ڪيو ۽ همايون ويرمل کي گهرائي اُن سان ڪچهري ڪئي ۽ متاثر ٿيو. پوءِ پڻس کان سندس اجازت گهريائين. همايون جنهن وقت ايران ويو پئي ان وقت هي پيءُ پٽ به ساڻس گڏ هئا. دهلي جو تخت واپس وٺڻ لاءِ همايون کي هنن وڏي مدد ڪئي ۽ ان مهم ۾ وڙهيا به هئا. ان بابت سنڌ جو محقق مرحوم “دادا سنڌي” لکي ٿو ته: “بيربل جو اصل نالو “ويرو مل” هو. عمر ڪوٽ لڳ “فتح باغ” جي هڪ غريب برهمڻ جو پٽ هو. ٻڪريون چاري گذارو ڪندو هو. جڏهن همايون کي شير شاهه دهلي مان ڀڄايو تڏهن هو عمر ڪوٽ جي ڀرسان جوڻ ۾ اچي رهيو. همايون جي ماڻهن جڏهن بيربل کي ڏٺو کانئس عقلمندي جا گفتا ٻڌا تڏهن کيس همايون وٽ وٺي آيا. بادشاهه سندس ڳالهه ٻولهه کان متاثر ٿي پڻس کان هن جي موڪل ورتي. جڏهن بادشاهه سنڌ مان ايران ويو تڏهن هي پيءُ پٽ ساڻس گڏ هئا. دادا سنڌي وڌيڪ لکي ٿو ته:

JUNE 52

دهلي کي فتح ڪرڻ ۾ هنن سنڌي سوڍن سندس وڏي مدد ڪئي. جڏهن اڪبر تخت تي ويٺو تڏهن هن “ويرمل” جو درجو وڌائي کيس مُکي وزيرن ۾ شامل ڪيو. هو اڪبر کان 18 سال وڏو هو. اڪبر کي هن تي وڏو ڀروسو هو، هو تلوار هلائڻ جو ماهر هو. هن وڏين وڏين جنگين ۾ حصو ورتو هو. اڪبر جي “نورتن” ۾ شامل هو. سندس درٻاري ۽ سپه سالار ٿي رهيو. ويرمل “يوسف زئي مهم” ۾ مارجي ويو جنهن ڪري اڪبر ٻه ڏينهن ماني نه کاڌي”.

“ڪرنل ميلن” پنهنجي ڪتاب “شهنشاهه اعظم” ۾ لکي ٿو ته:

ڀڳوان داس کي هڪ فوج ڏئي ڪشمير فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين، ٻي فوج کي بلوچن کي سيکت ڏيڻ لاءِ، ٽين کي سوات تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. انهن ٽنهي مهمن مان آخري مهم ۾ ڏاڍي تڪليف پيش آيس. “يوسف زئي قبيلي” مغلن جي فوج کي نه رڳو ماري ڪُٽي پوئتي ڌڪي ڇڏيو پر جڏهن اڪبر جو ساٿي “راجا ويرمل” مدد لاءِ فوج وٺي اچي پهتو ته هنن اُن کي به ماري مڃائي ڀڄائي ڇڏيو.

جيتوڻيڪ ڪرنل ميلن اُهو ڪونه لکيو آهي ته ويرمل يوسف زئي ويڙهه ۾ مارجي ويو هو. پر هن يوسف زئي مهم ۾ ويرمل کي شامل ڏيکاريو آهي. حقيقت ۾ ويرمل ان جنگ ۾ مارجي ويو هو. جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب “اڪبر اعظم” جي صفحي 103 جي حاشئي ۾ لکيل آهي ته “ويرمل” برهمڻ هو. موسيقي جو ماهر ۽ شاعر هو. هن جي طبيعت جي سادگي ۽ سخاوت مشهور هئي. هن جا مختصر “دوها” ڀوڳن واريون ڳالهيون ۽ ٽوٽڪا اڄ تائين هندستان جي قومن ۾ مشهور آهن. (اڪبر اعظم) حقيقت ۾ هن “سنڌ ڄائي” ويرمل تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي. رڳو ويرمل کي چرچائي ۽ مسخرو ڪري نه پيش ڪرڻ گهرجي/نه ڪيو وڃي. اها وڏي ناانصافي چئبي ويرمل سان. ويرمل ۽ اڪبر بادشاهه ڏانهن جيڪي به ٽوٽڪا، چرچا کل ڀوڳ ۽ ٻيون ڳالهيون هند-سنڌ ۾ مشهور آهن انهن جو تاريخ سان ڪو به تعلق ناهي. اهي من گهڙت افسانا آهن. “ويرمل” سنڌ توڙي مغل درٻار جو هڪ بهترين ڪردار رهيو آهي. پر هن تي ڪا خاص تحقيق ڪا نه ٿي آهي، جيڪا نهايت ئي افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

“ويرمل” جي باري ۾ شروعاتي زندگي ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته هُو هڪ برهمڻ جو پٽ هو ۽ فتح باغ ۾ ٻڪريون چاري گذر سفر ڪندو هو ۽ پوءِ همايون سان ملاقات ٿيس ۽ ان سان گڏ ايران به ويو. باقي سندس پوئين زندگي مان هيٺيون ڳالهيون ملن ٿيون.

همايون کي دهلي جو تخت واپس وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين.

اڪبر جي “نورتن” مان هو. وزير ۽ سپه سالار به هو.

تلوار هلائڻ جو ماهر هو.

وڏين جنگين ۾ حصو ورتو هئائين.

يوسف زئي مهم ۾ مارجي ويو هو.

مٿي ڏنل ڳالهين کان پوءِ هاڻ هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن سڀني منزلن تي “ويرمل” پهتو ڪيئن؟ وزير، سپه سالار ۽ نورتن ته کڻي سندس صلاحيتن سبب سڀ ڪجهه ٿيو هجي. پر ويڙهه ڪرڻ جو طريقو ۽ تلوار هلائڻ ڪٿان سکيو هو؟ سندس استاد ڪير هو؟ موسيقي ۾ سندس استاد ڪير هو؟ منهنجي خيال موجب اهو سڀ ڪم همايون جو هو. جڏهن همايون ايران پئي ويو ان سفر دوران “ويرمل” جي صلاحيتن کي ڏسندي کيس پنهنجي ماڻهن (فوج) کي حڪم ڏنو هُجائين ته ويرمل کي فوجي تربيت ڏيو. ايران کان هندستان تائين تربيت همايون ماهر فوجين هٿان ڪرائي هجي. باقي موسيقي ويرمل شوقيه طور تي فري ٽائيم ۾ شام جو يا رات جو ڪنهن استاد موسيقار وٽ سکيو هجي ته شڪ ناهي.

مٿيون ڳالهيون اڃا به تحقيق طلب ضرور آهن ۽ انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ “ويرمل” جي ٻن ڳالهين تي ته سري سان تحقيق ٿيڻ گهرجي. هڪ اِها ته “فتح باغ” کان يوسف زئي مهم تائين. ٻيو اهو ته “ويرمل” جو اولاد هو؟ جيڪڏهن اولاد هو ته اهو ويو ڪيڏانهن؟ ان لاءِ تاريخ ماٺ ڇو آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو