Home / اسپيشل افيئر / سنڌ آڏو ايجنڊا: سِکيا!
above article banner

سنڌ آڏو ايجنڊا: سِکيا!

Irshad Memonمُشڪل زمانو آهي ۽ اڪيلي فرد جي سطح تي يا قومن لاءِ مُشڪل فيصلو جي گهڙي. جيئندان جاري رکڻ، ڏکيا مرحلا مُنهن سامهون آڻيندو آهي. سَو شخصي طور يا گروهي لحاظ کان جياپو ڏيهاڙي وڌيڪ سخت، اٽڪل وارو ڪم ۽ سرس جُهد طلب ڪندڙ خفو ٿيندو وڃي. سَروائوَل آف فِٽيسٽ جو مَول هاڻوڪي سمئه جي انسان کان سَوايَو ڪير ڄاڻيندو هوندو؟ جنهن منجهه جياپي جي سگهه هوندي، صُبحاڻ باک ڦُٽي نهاري سگهندو. عالمي امداد، سبسڊي سَوس کائينديون وڃن. نانءَ ڪٺي ٽين دنيا جي ڪرنسي مُلهه ڪڏهوڪو ڪيرائي چُڪي. وقت پري ناهي جو پاڻ پاري معاشرن جا چنگچي ماسٽرز هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻي، گهير واري شلوار پَهري، اينڊرائڊ فون رکي، معتبرائي هلائي ڪين سگهن. ناڻو اُن جو وزنائتو هوندو. جنهن جو پئداوار ۾ ڀاڱو هوندو. هلندڙ صديءَ جي آخر تائين ڪاڳر جي روپ ۾ ڏوڪڙ بچندوئي ڪونه. پئسو وِرچوئل ٿي وڃي ته ڏيتي ليتي، شين جي مٽاسٽا وسيلي ٿيڻ کپي. سامان ٺاهڻ واسطي ٽيڪنالاجي جي گهرج پوندي. مشين کي چورڻ لاءِ سکيا جو سوال آڏو ايندو. تربيت خاطر علم جي سُڌريل مُهانڊي سان وڌڻو پوندو. اڳواٽ معافي طلب ڪندي لکجي ٿو ته اُترادي مائينڊ سيٽ جي چوراڪاري ڪم نه ايندي.

june 46
هُنرمندي جي گهربل ليول کان گهڻو هيٺ، تعليمي لحاظ کان بجنس ڏَڏ، لُولا لنگڙا، اڌ اگهاڙا، مرضيل ٻار ڄڻڻ ۾ ڀَڙ ۽ سارو ڏينهن جُڳاڙ تلاشيندڙ اسان بدلجندڙ ٽائيم ۾ جياپو ڪهڙي ريت بچائي سگهنداسين- سوال آهي جنهن تي سوچڻ ڪاڻ اٽي ۾ لُوڻ برابر پَر خماريل، سنڌ جي ڏاهپ وٽ ڪيترا لمحا هوندا؟ پاڻ نرگيست جي ليڪي ۾ مالڪوس پئي ڪُڏي. بُک لڳيس ته واويلا ڪيو پيٽ ڀري. ڌرتي ۽ قوم کي عتابن هيٺ جن آندو سَي عجب وَٺَي، سندس مُرشد هستيون آهن! خيال، ويچار پڻ وڻج واپار جو حِصو ٿي چُڪا. بشني جي کيسي ڪَتَر کي پورهيو ڪوٺيندڙ هتان جو عقل حلال ۽ حرام، جائز ۽ ناجائز ۽ تفاوت الاهي اڳ پوئتي ڇڏي آيو آهي. مشڪل، ڏکين، بي رحم فيصلن جي گُهر ڪنهن کان ڪجي؟ سياست وارن کان ڪرڀَ ايندي هجي. انٽيليجنشيا جا افعال مٿي ڄاڻايل. عوام ته عوام آ نهَ، سائين. هر حال ۾ بادشاهه.
مادري زبان سنڌي رکندڙ راوي ايندڙ سِٽن ۾ جا ڳالهه چوي، سرائي ۽ ٻروچڪي ڪندڙ ان تي جذباتي ٿيڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، هنن جو احسان ٿيندو. آءُ ڄاڻان، منهنجي ٻولي پراچين، موچارو علم ادب سانڍيندڙ، سُريلي ۽ کوڙ ٻين خاصيتن واري آهي. خبر اٿم، سَندي لپي ۽ گڏيل سماجي اوسر جي هيٺين سطح ڪارڻي آءُ جا لينگوئيج سمجهان سَا جديد وقت جي ضرورتن سان ڀيچ کائي نه سگهي. ليکڪ سائنس جو طالب هئڻ ناتي مٿين لائين جي لفظ لفظ جي مطلب کي پروڙي ٿو. اجايون، ڪُوڙيون ڊگريون مُٺ ۾ ڪيو اڻ پڙهيل، هُنر کان خالي ۽ دماغي طرح ڍانڍو هُجوم جنهن کي سنڌي قوم ٿا سڏين، تنهن وٽ فقط هيءَ صدي ڪڍڻ لاءِ اڪيلي وَاهَه، سکيا آهي. ڊيموگرافي ۾ بگاڙ ۽ اهڙا مامرا ٺيڪ ڪرڻ سياست جي ميدان تي ڦُوڪون ڏيندڙ ڄاڻين. سندن پروگرام ۾ وطن جي هنج ۾ ويٺل اهڙيون بلائون تڙڻ آهي الائي نه، ڪنهن جو ڪيترو وَسُ هلي- هنن جي بِلي. مڇلائپ گهڻا ڏيهاڙا ڀِڀُ ڍائو ڪندن؟
مانوارا پاٺڪ! سڀ کان پهريون ۽ اُگرو وچن اسپيني، فرئنچ، انگريزي، جرمن يا چيني ٻولين مان چونڊ ڪري، منجهائن هڪ يا وڌيڪ ۾ مهارت پائڻ جو آهي. درسي کيتر ۾ سنڌي جو ڪردار محدود ڪرڻ پارو. عربي الفابيٽ واري اردو توڻي ديوناگري هندي ٻنهي جي تجربن مان سکجي. نَنهن چوٽيءَ جي زور باوجود ٻئي ٻوليون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄِڀَ بڻجي نه سگهيون. معاشرا پنهنجي اندروني سگهه جنهن ۾ ترقي ۽ اوسر شامل هجن وسيلي محاورا جنم ڏيندا آهن. اهڙن سماجن ۾ ڳالهائيندڙ ٻوليون پوءِ ڏاهپ جي سرواڻي ڪندي گڏبيون. اسان ڪافي پهريائين سڀيتا ۾ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي تنهن راهه تان ٿڙي وياسين. هتي ٻُرجندڙ آواز، اصطلاح، جُملا ڀَل مَن ڀائيندڙ هجن، ڪُوَانٽم فزڪس يا ميڊيسن جي ڪنهن شاخ جو اهڃاڻ ڪين ٿي سگهن. عقل جي جهان ۾ اسين ڳيجهو، هٿ ٽنگيندڙ آهيون. ڏاهپ پاڻ وارن شرطن تي نصيب ڇو ٿئي؟ ٻولي،سکيا ۽ ڊيولپمينٽ جي سنٻڌ کان واقف هزار نوجوانن جو سوال آهي. بُوءِ ڀريل نيشنلزم کان آجا جَي سوسائٽي ۾ تبديلي آڻڻ جي نيت سان اڳتي وڌن. سنڌ کي نئون پيراڊائم بخشين.
جيڪا انگلش هتي پڙهائجي ٿي اُن کان موڪلاڻي کپي. ڪيمبرج سسٽم جي اسڪولنگ هاڻ اوپرو وکر ناهي رهيو. گُهرج لگن جي آهي. ڪجهه به نا ممڪن ڪين چئجي. هڪ هزار فرد ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پيرن تي بيهاري ويندا. سکيا جو ڳڙهه اهي انسان، سماج جي نراڙ تي ستارن وانگر چمڪڻ شروع ڪندا.
ورجائي ٿو لکجي ته سنڌ جي ڪيس وڙهڻ، قومي جبر خلاف ماتام پِٽڻ، ٿورائي ۾ بدلجي وڃڻ جي خوف ۾ ڏڪندڙ قومي ڪارڪن جن کي ٿو سڏجي، راوي تن جي نِندا ڪري ئي ڪو نه ٿو. ايمانداري يا ڪُپت سان وطن جي ڇوٽڪاري واسطي جاکوڙيندڙ وقت کي وراڻي ڏيندا. ساڻيهه سان قهرام ڪڏهوڪو ٿي چڪو. ايندڙ نسلن جي بچاءَ جو سوچڻو آهي. قوم پسنديءَ جي گهڻ رنگي اوڙاهه ۾ هڙئي پڄري چُڪاسون. سنڌ کي نئون پروگرام، نئين ايجنڊا پيش ڪرڻ جي گُهرج آهي. خلق کي جيترو تُرت حقيقت دماغ ۾ ويٺي، سندس فائدو هوندو. ليکڪ پنهنجي وجود ۽ پڻ هاڻوڪي پَود کي جَنڊَ ۾ پيسجندو نهاري رهيو آهي. پونئير سلامت رهي، چنتا اٿس. سنڌي کي مادري ٻولي جي دائري تائين رکڻو پوندو. سُڌريل معاشرن وانگر. هر مُلڪ، سوسائٽي وٽ سکيا خاطر خاص ميڊيم، زبان آهي. ڀاشا جنهن لاءِ ماءُ جي لولي سَندي رومانويت جو شرط قطعي لاڳو نه. ٻار يا وڏي منجهه سکيا، ٽريننگ، اهل هجڻ جي متي کي بنيادي اهميت هجي ٿي. مثال واسطي انيڪ پرڳڻا ڳڻائي سگهجن. اردو جي گهڻ پاسائين هئڻ تي جن کي ناز هئو، سَي الوپ ٿي ويا. اُتر انڊيا ۾ جنم ورتل ان ٻهڳڻ لينگوئج جي فارسي يا عربي سُهاڳَ نئين دؤر جي طاقتور لهرن آڏو بيهڪ نه ڏيکاري. رياست جي ڀرپور ٽيڪي هوندي ايئن ڪين ٿيو. پنج، ڏهه، پندرهن سال گذرندا، اوهان کيس هِنَ اسٽيٽ منجهه رابطي جي وسيلي کانسواءِ ڪنهن مسند ڪو نه نهاريندا.
شاعري ۽ نثري ادب کان پرڀرو سائنسي قائدن ۾ تربيت کپندي. اُتي اردو ۽ سنڌي پوريون لهي نه سگهن. لازمي طرح ٻي ڀَاشا ۾ ڀَڙُ ٿيڻ کپندو. جن کي انگريزي کان بيزاري آهي سَي اسپيني، فرئنچ يا چيني زبان طرف وَرن. لاٽار ڪندا، پُورا ٿي ويندا. اڳڀرو سِرڪڻ جي واٽ ئي نه هُوندن. ٽيڪنالاجي جي ڪُک وٺي جيئڻ، ٽيڪنالاجي کان اڻ ڄاڻ ٿي، جاري رکڻ جا امڪان زيرو زيرو چئبا- چرياڻَ به سمجهن. وڌاءَ کان ڪم نه وٺجي، ٻه صديون پوئتي رهجي ويل سنڌ جو معاشرو مادري ٻولي سنڌي جي سَهاري، باقي جڳ سان ڪُلهو وڃي ملائيندو- گُمان کان ٻاهر لقاءُ سڏجي.
گِيان ۽ وِگيان جي انتهائن کي ڇُهڻ ڪارڻي وڏو رياض کپي. پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ بعد ئي ماڻهوءَ جي نظر ۾ گهرائي ۽ سندس ڳالهه ۾ وزن پيدا ٿين. انٽرنيٽ جي سهولت پنهنجي جاءِ تي، سائنس جي ڪنهن اڪيلي برانچ جي ڪنهن اڪيلي اسپيشلٽي جي وري ڪنهن اڪيلي باب بابت معلومات رکڻ خاطر هزار مضمونن، ٿيسز جو مطالعو اوس شرط آهي. واٽهڙو ڪَرواٽ منجهي پاري مٺڙن ٻَولن کان “بِيانڊ”، حقيقت پسندي جي قدرن آهر، دنيا جي فهم مان لاڀ وٺڻ واسطي تنهن مِيڊيم جو سهارو کپي، جيڪو کٿابي کي سبجيڪٽ جي باريڪين جي پروڙ خاطر اصطلاح، ٽرمنالاجي مُهيا ڪري سگهي.
علامتون، اهڃاڻ سامهون رکيس. سماجي اوسر جي انيڪ ٽٽل ڪڙين ڪارڻي اسان جي پراڊڪٽوٽي ۾ ايتري حصي داري صفا ڪونهي جو پاڻ شين، معاملن، متن، وصفن ۽ لقائن سان لاڳاپيل مقامي مُحاورا جنم ڏئي، انهن جي مُروج ٿيڻ جو ديدار ڪري سگهون. ڪوئي ڪيئن به چوي، سِنڌي جديد وقت جي ضرورتن تي پوري لهندڙ زبان ناهي سا ناهي. اردو به ڪانهي، هندي پڻ نه آهي. نئين زماني جي پهرين ۽ آخري گُهرج سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي رازن کي ڄاڻڻ آهي. تن تائين پهچڻ لاءِ پاڻ کي اسپيني، فرئنچ، انگريزي، جرمن يا چيني ڀاشائن مان چُوائس ڪرڻي پوندي.
جيڪب آباد کان ڪراچي تائين جاهلن جي لشڪر کي انسان ڪرڻ واسطي، کين ماڻهپي جي منصب تائين رسائڻ خاطر ‘قومي جدوجهد’ جنهن ڊوهه جو نالو آهي، اچو ته تنهن مان هٿ ڪڍئون. نئين سورج سامهون بِيهي واعدو ڪريون. اهو ته اڄوڪي شامڙيءَ اسان وٽ نئين سکيا، گيان ۽ بهتر قسم جا هُنر هوندا. مُحتاجيءَ کان پاسائتا ٿيندا، غلاميءَ مان ايئن چاڙهو ڪري ڏيکارينداسين جَو ڏيهه ڇا پر ڏيهه وارا اچرج ۾ هوندا.
سائنسي ڄاڻ، علم جي کيتر ۾ نهايت ڪِلاسيفائيڊ فصل آهي. گيان مان لاڀ وٺڻ ڪاڻ ٽرمنالاجي واحد چاٻي آهي. مُنهنجي سٻاجهڙي ٻولي سنڌيءَ ۾ اهڙي وٿ مهيا ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، آخري ڀيرو ٿو وراڻجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو