Home / سياسي افيئر / سنڌ: جمهوريت جي نالي ۾ ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ!
above article banner

سنڌ: جمهوريت جي نالي ۾ ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ!

Naseer Memonجيتوڻيڪ هنن حالتن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بنا رنڊڪ پرڏيهه روانگي تي ڪجهه حلقن ۾ اچرج جو اظهار به ڪيو پيو وڃي. پر ماضي جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به نه هئي. سياستدان هميشه سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اندر ڪجهه همدرد ضرور رکندا آهن، جيڪي اهڙي اوکي وقت ۾ واهر ڪري سگهن. البته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ زرداري جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي للڪار کي پيپلزپارٽي جو نئون جنم سمجهندڙ حلقن لاءِ اها نهايت مايوسي واري خبر آهي. هونءَ ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي ڪيل ان للڪار جي کوکلائپ چوويهن ڪلاڪن اندر چٽي ٿي وئي جڏهن سنڌ سرڪار سنڌ جي ٻيلن جي 9600 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ زرداري صاحب جي سياسي وڪيلن ميڊيا اڳيان وضاحتون ڪندي اهو به چئي ڏنو ته اسان ته فوج جي تڏهن به خلاف نه ٿياسين جڏهن ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي.

JUNE 26وائڙائپ ۽ کوکلائپ سان ڀريل وضاحتن ۾ چيو ويو ته زرداري جي تنقيد ته مشرف جي خلاف هئي. بينظير جي سالگرهه جي ڏينهن تقرير ڪندي زرداري صاحب اهو به چيو ته ساڻس اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هنن مشرف خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي کيس بينظير جي قتل ۾ ملزم قرار ڏنو هو. البته پيپلزپارٽي جي قيادت اهو ڪو نه ٻڌايو ته بينظير پاران پرويز الاهي کي پنهنجي ممڪنه قاتلن ۾ شامل ڪرڻ جي باوجود هو ڪهڙي طرح پ پ حڪومت ۾ نائب وزيراعظم جي خصوصي طور پيدا ڪيل عهدي تي فائز رهيو. پ پ قيادت عوام کي اهو به نه ٿي ٻڌائي ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي بينظير جي قافلي تي ڪراچي ۾ ٿيل حملي ۾ ڏيڍ سؤ جي لڳ ڀڳ شهيد ڪارڪنن جو ڪيس توڙ تائين ڇو نه پهچايو ويو، جڏهن ته صوبي ۾ ستن سالن کان سندن راڄ آهي. خير عوام جون اکيون ته آهن ئي ڌوڙ وجهڻ لاءِ سو پيپلزپارٽي هميشه جيان هينئر به ڪندي رهي. هميشه جيان ڏکيو وقت مٿان ڏسي پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر قومپرست ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي پر آزاريل عوام طرفان ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي. پيپلزپارٽي جي قيادت پهرين ته اهو به چيو ته ساڻس اهو ظلم سنڌ جون زمينون نه ڏيڻ سبب ٿي رهيو آهي پر حيرت انگيز طور تي ساڳي بيان کان ٻئي ڏينهن تي ڏيڍ ڏهاڪو پراڻي درخواست ڪڍي سنڌ جي زمين ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو. آصف زرداري پاران سيڪيورٽي اسٽيبليشمينٽ کي سڌن لفظن ۾ اهڙي طرح للڪارڻ تي سياستدانن ۽ دانشور لڏي سان تعلق رکندڙ ڪجهه حلقن جو شروعاتي خيال اهو هو ته جيئن ته آصف علي زرداري وڏي همت ڪري سگهه- ڌڻين کي للڪاريو آهي. تنهن ڪري هن موقعي تي کيس ڪمزور ڪرڻ بجاءِ سندس اخلاقي حمايت ڪرڻ گهرجي. سچ ته آصف زرداريءَ جي لفظن جي چٽائي ۽ للڪار نهايت موهيندڙ هئي ۽ هن ملڪ ۾ جنهن فرد زندگيءَ جي هڪ گهڙي به اسٽيبلشمينٽ خلاف گذاري هوندي، ان لاءِ اهي لفظ رت کي گرمائيندڙ هئا. بدقسمتي سان اهو سحر چوويهه ڪلاڪ به قائم نه رهي سگهيو ۽ زرداري صاحب توڙي پ پ جي قيادت جهڙي طرح پٺيان پير ڪيا ان سان زرداري ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جذباتي حامين مٿان ڄڻ ٿڌو پاڻي هارجي ويو. اهو به ڪو اچرج جوڳو عمل نه هو. زرداري ۽ سندس پارٽي پنهنجي ستن سالن جي ڪارڪردگي ۽ سياسي ڪردار وسيلي عوامي صفن مان اها همدردي ۽ حمايت وڃائي چڪا آهن، جنهن سان ملڪ جي سگهاري اسٽيبلشمينٽ کي ايڏي وڏي هڪل ڪري للڪاري سگهبو آهي. جلد ئي آصف زرداري ۽ پ پ قيادت کي احساس ٿي ويو ته هنن جيڏي وڏي للڪار ڪئي آهي، ان جي آبياريءَ جيتري وٽن سگهه ئي موجود ناهي. آصف زرداري شايد پارٽي ۽ پنهنجي عوامي مقبوليت کي اڃا به 2008ع واري تصور ۾ ڏسي رهيو هو. ستن سالن دوران پيپلز پارٽي قيادت ان مقبوليت کي ايترو پٺتي ڇڏي آئي آهي جو اهو ماضي بعيد جو فسانو ٿو لڳي. سياسي حوالي سان اصولي سوچ ۽ مؤقف رکندڙ هر فرد لاءِ اهو آزمائش جو مرحلو هو ته ڇا آصف زرداريءَ جي مخالفت ڪري سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪجي؟ پيپلز پارٽيءَ جي تڪڙي ابتي پيرين موٽ انهن حلقن کي ان ٻڌتر کان آجپو ڏياري ڇڏيو. جيتوڻيڪ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاران ڪرپشن ۽ ڏوهن خلاف اهي ڪارروايون رڳو سنڌ ۾ ڪرڻ تي جائز سوال اٿاريا وڃن ٿا پر ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته ڪرپشن، دهشتگردي، ڏوهه ۽ سياست جي چوڪنڊي جو اهڙو سگهارو ميلاپ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ ناهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ ته اڳي ئي گهڻا معاملا سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هلائي رهي آهي. باقي پنجاب انيڪ خرابين جي باوجود ڪيترن ئي معاملن ۾ بهتر گورننس وارو صوبو آهي. اتي مضبوط سياسي مخالف ڌر موجود هجڻ سبب هڪ سطح کان مٿي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ ممڪن ناهي. البته پنجاب ۾ فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسند ڌرين جا مضبوط ڳڙهه سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ توڙي سولين حڪومت جي اڳڀراين کان محفوظ آهن. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ناهي پر ورهين کان اهو سلسلو ايئن پئي هلندڙ آهي، جنهن تي هر ساڃاهه وند کي ڳڻتي آهي. جيئن ته پنجاب اندر اهي قوتون اڃا تائين ڪا وڏي نافرماني نه پيون ڪن، تنهنڪري ساڻن رعايتي ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. روزمره جي حڪمراني جنهن جو واسطو عوام جي زندگين سان آهي، ان ۾ پنجاب باقي صوبن کان گهڻو بهتر آهي، تنهن هوندي به عوام جا اهنج اتي به ڪي ٿورا ناهن. ويهن سالن ۾ پختونخواهه اندر روزمره جي حڪمراني ۾ واکاڻ جوڳي بهتري آئي آهي. سمورا نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر پي ٽي آءِ حڪومت جي ٻن سالن دوران صوبي اندر اسپتالن، اسڪولن، ٿاڻن، سرڪاري آفيسن اندر عوام لاءِ مهيا ٿيندڙ خدمتن ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي. پنجاب جيان اتي به اڃا گهڻي سڌاري جي گهرج آهي پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ پختونخواهه جي حڪمراني تمام گهڻي بهتر آهي. سنڌ اندر بدقسمتيءَ سان حڪمراني نالي ڪنهن شيءَ جو ڪو به وجود ناهي. سنڌ واحد صوبو آهي جتي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين سفارشي ڀرتين جي دٻاءَ خلاف استعيفا ڏئي هليو ويو. نوڪرين، بدلين ۽ ٺيڪن جي اهڙي کلي عام نيلامي ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ نظر نه ٿي اچي. سواءِ بلوچستان جي ٻهراڙين جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ شهر ۽ ڳوٺ ايئن کنڊرن جهڙو ڏيک نه ٿا ڏين جهڙو سنڌ ۾ آهي. پختونخواهه ۾ هڪ سياسي طور اڻ ڌرئي شهريءَ ٻڌايو ته هن کي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جو حال ڏسي سخت صدمو رسيو. هن ٻڌايو ته اسان کي اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتن سان ڪيئي رنجشون آهن پر صوبي جا شهر ۽ ڳوٺ سنڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر آهن. مون پاڻ پختونخواهه ۽ پنجاب جا يونين ڪائونسل سطح جا ڪيئي شهر ۽ ڳوٺ ڏٺا آهن، بنا وڌاءَ جي اهي سنڌ کان سؤ ڀيرا بهتر نظر اچن ٿا. ٻين علائقن کي ڇڏيو پر جن شهيدن جي مزارن جو پارٽي ۽ اڳواڻ سالن کان کٽيو کائي رهيا آهن، انهن جو ضلعو ڏسي شرم کان ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي. سوڪهڙو ۽ گهٽ برساتون ٻين صوبن جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿين ٿيون پر جهڙي طرح ٿر ۾ سوين ٻار گهٽ خوراڪ ۽ بيمارين وگهي تڙپي تڙپي مري ويا، ان تي سڄي ملڪ جا ماڻهو حيران آهن ته اها آهي سنڌين جي محبوب پارٽيءَ جي حڪمراني، جنهن لاءِ سنڌي ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو جوٽي بيٺا آهن. ٻين صوبن جا ماڻهو هاڻي سنڌين کي ڏسي “بھٹو زندہ ہے” جو نعرو ٽوڪ طور هڻن ٿا. جن صوبن ۾ نه ڀٽو پيدا ٿيو ۽ نه زندهه آهي، اهي سنڌ کان ڪيئي ڏهاڪا اڳتي بيٺا آهن. سنڌ ۾ شهيدن جا نعرا رڳو ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ اقربا پروريءَ کي پناهه ڏيڻ جو ذريعو بنايا ويا آهن. جيڪڏهن ڀٽو ۽ بينظير سچ پچ زندهه هجن ها ته ڇا سنڌ ۾ اهڙو انڌير هجي ها؟ ممڪن آهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي سان وير پاڙڻ لاءِ رڳو سنڌ ۾ اهي ڪارروايون ڪري رهي هجي پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي هر طرح جي ڪرپشن، دهشتگردي، لاقانونيت ۽ ميرٽ جي لتاڙ عام ناهي؟ ڇا سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاران جاري ڪيل وچور ڪوڙا آهن؟ زميني حقيقتن جو ته پيپلز پارٽيءَ جي اندر ويٺل ڪيترائي ماڻهو پڻ ذاتي ڪچهرين ۾ اقرار ڪن ٿا. اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن صوبي جي حڪومت پاڻ روڪڻ لاءِ تيار نه هوندي پوءِ ڪي غير قانوني طاقتون به جڏهن اها صفائي ڪنديون ته عوام سندن مخالفت ڪيئن ڪندو؟ سنڌ جا ماڻهو مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ جي ان انتها تي پهچي چڪا آهن جو هاڻي عام شهري اهو دليل ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهن ته اهو سڀ ڪجهه ٻين صوبن ۾ ڇو نه ٿو ٿئي يا اهو ڪم غير قانوني طريقي سان ٿي رهيو آهي. لاقانونيت صوبي ۾ ان انتها کي پهتل آهي جو هاڻي وڏي وزير جي پنهنجي ضلعي جا ماڻهو هاف فراءِ ۽ فل فراءِ پاليسيءَ جي حمايت ڪري رهيا آهن. پڙهيل لکيل ماڻهن پاران ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيڻ واري دليل کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ناهي. سوچ ۽ خيال جي ان انتها تي سنڌ واسين کي صوبائي حڪومت ئي پهچايو آهي. جڏهن چونڊيل نمائندن ۽ عهديدارن جي ڇٽيءَ هيٺ هر ضلعي ۾ اغوا، ڦرن، قتل ۽ ڀتي جا ڪم سرعام ٿي رهيا هجن ۽ پوليس حڪمرانن جي ٻڌي ٻانهي بنيل هجي ته پوءِ عوام پنهنجي زندگين ۾ سک ۽ سلامتي جي واپسيءَ لاءِ قانوني طريقن جو انتظار ڪيئن ڪندو. جڏهن عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ وارا آئيني ۽ قانوني رستا سندن زندگين ۾ زهر اوتي ڇڏيندا ته پوءِ عوام جمهوريت جا ڊگها خطبا ۽ شهيدن جا وڏا نعرا ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو. nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو