Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ پنجاب جي ڪوششن جي تاريخ !
above article banner

سنڌ جي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ پنجاب جي ڪوششن جي تاريخ !

Naseer Ejazدولت ۽ اقتدار جي لالچ ۾ مٽن مائٽن کي مارائڻ وارو ڪاڻو ۽ منھن تي ماتا جي سيارن وارو ڪوجھو رنجيت سنگھه جڏھن لاھور جو راجا بڻجي ويو تڏھن سندس توسيع پسندي کيس وڌيڪ علائقن تي راڄ ڪرڻ لاءِ اُڀاريندي رھي جنھن کانپوءِ ھن نه رُڳو موجوده پنجاب جي ٻين علائقن کي طاقت جي زور تي فتح ڪيو پر ڪشمير، ھزاره ۽ پشاور تائين پختونن جي علائقن تي ڪاھون ڪري ھٿيارن جي زور تي انھن کي به قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. ھُو ملتان، بھاولپور ۽ ديرا غازي خان وارن سرائڪي علائقن کي فتح ڪندو سنڌ جي سرحدن اندر مزارين جي جاگيرن ۽ روجھاڻ تي به قابض ٿي ويو. سندس اک سنڌ جي واپاري مرڪز شڪارپور تي به ھئي جنھن کانپوءِ ھن جو ارادو سڄي سنڌ کي فتح ڪري سمنڊ تائين پھچڻ جو ھو ڇو ته سمنڊ کانسواءِ پنجاب “زميني قيدي” ملڪ ھو. ان منصوبي تحت سندس لشڪر خيرپور وارن ميرن جي راڄ ھيٺ اُتر سنڌ جي سرحدن تائين به پھچي ويو ھو. رنجيت سنگھه، جيڪو ان وقت تائين مھا راجا بڻجي چڪو ھو، تنھن ته انگريزن کي به آڇ ڪئي ھئي ته ٽالپر حڪمرانن کي تڙي سنڌ کي ورھائي کڻجي، پر جيئن ته انگريز پاڻ سنڌ کي پنھنجي ڪالوني ٺاھڻ جي چڪر ۾ ھئا، تنھنڪري ھنن سدائين رنجيت سنگھه کي سختيءَ سان سنڌ تي ڪاھه ڪرڻ کان روڪيو. پر انگريزن وري ٻي چال ھلي ۽ سک راجا جي انھن منصوبن کي پنھنجي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ۽ ٽالپرن کي سندن شرطن مطابق ھلائڻ لاءِ کين رنجيت سنگھه جي امڪاني حملن جو ڊپ ڏيندا رھيا. ھڪ مرحلي تي ته انگريزن صاف لفظن ۾ ٽالپرن کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏھن ھو انگلينڊ جي شرطن کي نه مڃيندا ته انگلينڊ سنڌ تي ڪاھه ۾ رنجيت سنگھه جي مدد ڪندو.

ٽالپر اڳي سکن سان چڪريون کائي کين ڀڄائي چڪا ھئا، پر ھاڻ وقت گذرڻ سان گڏ ھو پنھنجي قوت وڃائي ويٺا ھئا جڏھن ته رنجيت سنگھه ستر ھزار پيشه ور فوج ٺاھي سگھارو ٿي چڪو ھو ۽ ميرن کي ان جو اندازو ھو. بھرحال رنجيت سنگھه انگريزن آڏو وري به ڪمزور ھو ۽ سندن حڪمن خلاف وڃي سنڌ تي قبضو نه ڪري سگھيو. بھرحال 1839 ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين سنڌ تي قبضي جي خواھش سندس دل ۾ رھي.

JUNE-15-2014   50

1843 ۾ انگريزن نيٺ سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري ورتو ۽ سر چارلس نيپيئر گورنر طور سنڌ جون واڳون سنڀاليون پر 1847 ۾ جڏھن ھو استعيفا ڏئي وڃي رھيو ھو ته اُن وقت سنڌ جي مستقبل جو سوال اُٿيو ۽ سنڌ جي الڳ ملڪ واري حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئيءَ جي ذيلي صوبي جي حيثيت ڏني وئي جڏھن ته سنڌ ۽ بمبئيءَ وچ ۾ ڪابه ھڪجھڙائي ڪانه ھئي. ٻنھي جي وچ ۾ سوين ميلن تي پکڙيل رڻ کين الڳ ڪيو بيٺو ھو؛ سندن اقتصادي حالتن، ٻولين، ماڻھن جي نسل، رنگ، ريتن رسمن، رواجن، ثقافت توڙي ٻي ھر ڳالھه ۾ وڏو فرق ھو. ان وقت جا واقعا ٻڌائن ٿا ته ھندستان جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ بمبئي حڪومت وچ ۾ جھيڙو ئي سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍڻ جو اصل ڪارڻ ھو. ان جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ جي جھوليءَ ۾ اُڇلايو ويو ۽ سنڌ 89 سالن تائين ان غلط فيصلي جا نتيجا ڀوڳيندي رھي.

تن ڏينھن ۾ ئي انگريز حاڪمن جي من ۾ سنڌ کي پنجاب جي انتظامي ڪنٽرول ھيٺ ڏيڻ جي تجويز به ھئي. ان تجويز تي سنڌ جي عوام جو ردِ عمل معلوم ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ ان قسم جون خبرون ۽ تبصرا ڇپرايا ويا جنھن تي سنڌ وارن ناپسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو ھو. سنڌ کي پنجاب جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جا بنياد ٻنھي ملڪن وچ ۾ زميني ويجھڙائپ، مذھب ۽ ٻولين ۾ ھڪجھڙائي ڄاڻايا ويا. انگريزن عام راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ اھو شوشو ته ڇڏيو پر سنڌ پاران مخالفت ٿيڻ تي ۽ پنجاب ۾ حالتون سازگار نه ھئڻ سبب پنھنجو ذھن مٽائي ڇڏيو. ان مھل تائين پنجاب تي انگريزن جي پڪڙ اڃا مڪمل نه ٿي ھئي. انگريز حاڪمن جو خيال ھو ته سنڌ جي ماڻھن کي ٻيو ته ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو پر کين وڏو ڊپ ان ڳالھه جو آھي ته پنجاب سنڌو درياھه جي پاڻيءَ تي قبضو ڪري وٺندو ۽ سنڌ جا آبپاشي وسيلا کسجي ويندا.

1883 ۾ وري سنڌ لاءِ خطرو اُٿيو جڏھن انگلينڊ جي ھوم ڊپارٽمينٽ جي انڊر سيڪريٽري سر جان پريسڪاٽ ھيوليٽ حڪومت کي تجويز ڏني ته سنڌ کي پنجاب جي انتظام ھيٺ ڏنو وڃي جنھن سان سرحدي سڪيورٽي انتظام سگھارو ٿيندو. ھن ھمراھه بھرحال بمبئيءَ جي ڪامورن جي ناراضگيءَ جي انديشي ڪارڻ پنھنجي تجويز تي زور نه ڀريو ۽ سنڌ پنجاب جي ڪالوني بڻجڻ کان بچي وئي. سال 1901 ۾ ھڪ ڀيرو وري وائسراءِ ھند ۽ گورنر جنرل لارڊ ڪرزن کي تجويز موڪلي وئي ته سنڌ کي پنجاب سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس (موجوده خيبر پختونخواه صوبو) ٺاھڻ سبب پنجاب کان ڪٽيل علائقن واري نقصان جو ازالو ٿي سگھي. ھي اھي علائقا ھئا جيڪي سک راجا رنجيت سنگھه قبضي ۾ آندا ھئا. لارڊ ڪرزن اھا تجويز رد ڪري ڇڏي ھئي. لارڊ ڪرزن 1903 ۾ به اھڙي تجويز رد ڪئي جڏھن ھڪ انگريز آفيسر سر ڊينزل چارلس کيس ان ڏس ۾ خط لکيو. سر ڊينزل چارلس کي سنڌ کي پنجاب حوالي ڪرڻ جو خيال ان ڪري آيو جو پاڻ پنجاب جو ليفٽيننٽ گورنر ٿيڻ وارو ھو. لارڊ ڪرزن کيس جواب ۾ لکيو: “پنجاب وٽ پنھنجي ترقيءَ لاءِ پئسو ڪونھي ته سنڌ تي ڇا خرچ ڪندو. ان تجويز سان ڪراچيءَ جي ترقي متاثر ٿيندي.”

رنجيت سنگھه ته مري ويو پر سنڌ، ان جي وسيلن، درياھه، سمنڊ ۽ بندرن تي قبضي واري مخصوص سوچ موجود رھي. اڳتي ھلي لاھور ۾ پنجاب جي ڪن رجعت پسند مسلم ليگي اڳواڻن پارٽيءَ جي ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ تجويز ڏني ته پنجاب، سنڌ ۽ ڀرپاسي جي مسلم اڪثريت وارن علائقن تي ٻڌل فيڊريشن ٺاھجي جيڪا انگريزن جي انتظام ھيٺ ھندستان جو حصو ھجي. مسلم ليگ جي ٻين ليڊرن ان خيال کي رد ڪري ڇڏيو ھو پر شايد اھو ئي منصوبو ھو جنھن تي پاڪستان جي شڪل ۾ عمل ٿيو. علاما اقبال، جنھن آل انڊيا مسلم ليگ جي الھه آباد واري 1930 جي اجلاس جي صدارت ڪئي ھئي، پنھنجي صدارتي خطبي ۾ به اھڙن ئي خيالن جو اظھار ڪيو ھو. ھن فرمايو ھو:

The Muslim demand for the creation of a “Muslim India” within India is, therefore, perfectly justified. I would like to see the Punjab, North-West Frontier Province, Sind and Baluchistan amalgamated into a single State. Self-government within the British Empire, or without the British Empire, the formation of a consolidated North-West Indian Muslim State appears to me to be the final destiny of the Muslims, at least of North-West India.

علاما اقبال جي انھن جملن مان صاف ظاھر آھي ته ھن خودمختيار رياستن جي نه بلڪ ھڪ مسلم صوبو ٺاھڻ جي حمايت ڪئي ۽ اھو به انڊيا جي وفاق اندر ۽ انگريزن جي ماتحت. ھڪ انگريز تاريخ نويس ۽ ليکڪ ايڊورڊ ٿامپسن لکيو آھي ته ھڪ ملاقات ۾ علاما اقبال کيس چيو ته الھه آباد واري اجلاس ۾ جيئن ته ھو پاڻ صدارت ڪري رھيو ھو تنھنڪري پاڪستان جي ڳالھه ڪيائين پر حقيقت ۾ ھو سمجھي ٿو ته اھا ڳالھه انڊيا جي لاءِ ٺيڪ ناھي. 12 آڪٽوبر 1931 تي لنڊن جي دوري دوران اتان جي اخبار “دي ٽائمز” ۾ علاما اقبال جو خط ڇپيو ھو جنھن ۾ ته ھن ٿامپسن جي ڪن ڳالھين جي ترديد ڪندي صاف لفظن ۾ چيو ته “مون ڌار ملڪ جو مطالبو ئي ڪونه ڪيو ھو بلڪ اھو ھڪ خيال ھو ته برٽش انڊيا اندر رھندي انھن صوبن کي آرگنائيز ڪجي ته جيئن ايشياٽڪ جبلن جي بکايل نسلن کي انڊيا ڏانھن رُخ ڪرڻ کان روڪي سگھجي.”

1931 ۾ ئي ھوشيارپور پنجاب جو چوڌري رحمت علي گُجر انگلينڊ ويو جتي ھن پاڪستان نيشنل موومينٽ شروع ڪئي ۽ ھڪ پمفليٽ ڇپائي ورھايائين جنھن ۾ ھن صاحب به برٽش انڊيا اندر پنجاب، سنڌ، اين ڊبليو ايف پي، بلوچستان ۽ ڪشمير تي ٻڌل ڌار فيڊريشن ٺاھڻ جي تجويز ڏني. سندس چوڻ ھو ته ان وقت جڏھن انگريز سرڪار انڊيا ۾ وفاقي آئين لاڳو ڪرڻ جو سوچي رھي آھي، اسان کي ان وفاق اندر ھنن پنج رياستن کي ملائي ھڪ فيڊريشن ٺاھڻ گھرجي. ھن چوڌريءَ به ان رياست يا صوبي کي انڊيا اندر انگريزن جي ماتحت ھئڻ جي ڳالھه ڪئي جنھن مان ظاھر آھي ته اھي سڀ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ ڪشمير کي پنجاب سان ڳنڍي ھڪ صوبو ٺاھي ساڳي توسيع پسند ذھنيت ذريعي پنجاب لاءِ ايراضي ۽ سمنڊ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ ھئا.

اڳتي ھلي وقت ۽ حالتن ان زماني جي وڏي طاقت انگلينڊ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ خاص طور جڏھن ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ انگلينڊ جي معيشت به زوال جو شڪار ٿيڻ لڳي ھئي، تڏھن انگريزن کي ننڍي کنڊ مان تڏا ويڙھه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر ڪونه آيو. شاطر ذھن انگريزن وري ھڪ پلان ٺاھيو. ترڪيءَ ۾ خلافت جي خاتمي سبب کين انديشو ھو ته روس (سوويت يونين) سينٽرل ايشيائي رياستن جي مسلمانن کي استعمال ڪري ننڍي کنڊ جي مسلم ملڪن تي اثرانداز ٿي سگھي ٿو. ان ڳالھه کي روڪڻ ۽ ھن خطي ۾ پنھنجي مفادن جي تحفظ لاءِ “ورھايو ۽ ھليا وڃو” واري پاليسي اختيار ڪري ننڍي کنڊ کي ٻن حصن ۾ ورھائي انڊيا ۽ پاڪستان کي وجود ۾ آندو ۽ ايئن انھن کي به دولتِ مشترڪه ۾ (انگلينڊ جي آزاد ڪيل ڪالونين جي تنظيم) شامل ڪيو. انگريز تارخ نويس لکن ٿا ته پاڪستان انگلينڊ لاءِ سوويت يونين کي منھن ڏيڻ لاءِ “اسپرنگ بورڊ” جي حيثيت رکندڙ ملڪ ھو. ايئن راجا رنجيت سنگھه جي پونئيرن جي خواھش انگريزن جي ڪمزوري ۽ سامراجي پاليسين جي نتيجي ۾ پوري ٿي وئي ۽ سنڌ سميت ھيءُ سمورو خطو پنجاب سان ڳنڍجي ويو. بظاھر اھي ڌار صوبا آھن ۽ اُتان جو عوام پنھنجي صوبن ۾ حڪمراني ڪري ٿو پر ھن ملڪ جي 67 ورھين جي تاريخ شاھد آھي ته اصل حڪمران ڪير آھي. خاص طور ڏسجي ته سنڌ، سندس قدرتي وسيلا، سمنڊ ۽ بندر بازاريون ڪنھن جي استعمال ۾ آھن. پنجاب ھاڻي “زميني قيدي” ڪونھي.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو