Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ جي صوبائي بجيٽ 16-2015: سکڻي ڪني اُڀامي گھڻو!
above article banner

سنڌ جي صوبائي بجيٽ 16-2015: سکڻي ڪني اُڀامي گھڻو!

Shujauddin qureshi

سنڌ صوبي جي ايندڙ مالي سال 16-2015 لاءِ بجيٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 13 جون تي پيش ڪئي وئي. ناڻي جي صوبائي وزير مراد علي شاھ ڪل 739 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته هن سال به بجيٽ روايتي انداز سان خساري واري آهي، جنهن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 214 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ان ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ جي صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام جا 162 ارب روپيا پڻ شامل آهن.

سنڌ جي صوبائي بجيٽ جي اهم ڳالهه سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ آهي، جيڪا ٻين صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي ملازمن لاءِ ساڍا ست سيڪڙو اعلان ڪئي وئي آهي.ان سان گڏوگڏ گذريل سالن ۾ ملندڙ ٻه واڌارا پڻ بنيادي پگھار ۾ ضم ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ سرڪاري ملازمن جي ميڊيڪل الائونس ۾ پڻ 25 سيڪڙو جي حساب سان واڌارو ڪيو ويو آهي. وفاقي بجيٽ وانگر سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ پڻ پرائيويٽ/غير سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 12000 روپين مان وڌائي 13000 ماهوار ڪئي وئي آهي.

حڪومت کي هلائڻ لاءِ گھربل خرچن جي پورائي لاءِ صوبائي حڪومت 503.34 ارب روپيا رکيا آهن، جيڪي هلندڙ سال جي تخميني 436.09 ارب روپين کان 15 سيڪڙو وڌيڪ آهن. صوبائي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ سال دوران پڙهيل لکيل 15000 نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وينديون.

jaly 12

امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ، انرجي ۽ انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي جي منصوبن لاءِ نئين بجيٽ ۾ گھڻا فنڊ رکيا ويا آهن. سنڌ صوبو، خاص طور تي ڪراچي شهر ڪافي وقت کان بد امني جي صورتحال جو شڪار آهي. ڪراچي ۾ رينجرز طرفان گذريل هڪ سال کان ٽارگيٽڊ آپريشن پڻ جاري آهي، ليڪن صورتحال اڃا اطمينان جوڳي نه آهي. صوبائي وزير خزانه موجب ايندڙ سال امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت 10000 نوان پوليس وارا ڀرتي ڪندي. بجيٽ جو 13 سيڪڙو حصو امن امان قائم ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيو ويندو. امن امان قائم ڪرڻ وارن ادارن جھڙوڪ پوليس، رينجرس، جيل کاتي لاءِ ايندڙ سال جي 64.5 ارب روپيا رکيا ويا آهن جيڪي هلندڙ مالي سال جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهن. صرف رينجرس لاءِ 2.45 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ سال لاءِ رينجرس کي 2.22 ارب روپيا مهيا ڪيا ويا هئا. تعليم لاءِ سنڌ حڪومت 144.6 ارب روپيا رکيا آهن، جنهن ۾ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن کي ملندڙ فنڊز به شامل آهن. هن سال تعليم لاءِ رکيل بجيٽ گذريل سال جي بجيٽ جي مقابلي ۾ 7.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گوسڙو استادن ۽ گھوسٽ اسڪولن جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن. صحت جي شعبي جي بجيٽ ۾ به ڪافي حد تائين واڌارو ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ صحت جي شعبي لاءِ 54 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران 43 ارب رکيل هئا.

سنڌ يا پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن سياسي پارٽي ڪنهن بجيٽ جي خلاف هڙتال جو سڏ ڏنوهجي. مخالف ڌر متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سميت بجيٽ تقريردوران نه صرف ايوان ۾ گوڙ گھمسان ڪيو پر بجيٽ تقرير مان واڪ آئوٽ پڻ ڪري وئي. ان کان سواءِ، ايم ڪيو ايم جي ليڊرن ٻئي ڏينهن يعني آچر تي سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اها هڙتال ته خير آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري ڪا خاص اثرائتي ته ڪونه هئي ليڪن ان هڙتال جي سڏ کي آچر جي به اڌ ڏينهن تائين محدود رکيو ويو ۽ منجهند هڪ بجي کان دڪان، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ چالو ڪرڻ جو اعلان ڪيائون.

گذريل ڪافي سالن وانگر هن سال پڻ ايم ڪيو ايم کي شڪايت آهي ته بجيٽ ۾ وڏين شهرن يعني جتي ايم ڪيو ايم جي اڪثريت آهي، جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ ڪا خاص رقم ڪونه رکي وئي آهي، جڏهن ته حقيقت هي آهي، ته ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جي وڏن شهرن جھڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي منصوبن لاءِ ٻهراڙي وارن علائقن جي منصوبن کان وڌيڪ رقمون رکيون ويون آهن. مثال طورڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو منصوبو ڪي-4 شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ جون وڏيون اسڪيمون پڻ بجيٽ ۾ شامل ڪيون ويون آهن جي تي اربين روپيا خرچ ٿيندا. صرف ڪراچي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 49.736 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد جي ڊويزن لاءِ 37.56 ارب روپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن.

ڪراچي لاءِايندڙ سال لاءِ ڪيتريون ئي وڏيون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويو آهن، جن ۾ بس ريپڊ ٽرانسپورٽ (بي آرٽي) لاءِ چار اسڪيمون ييلو لائين، اورينج لائين، ريڊ لائين ۽ گرين لائين شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ييلو لائين بي آرٽي اسڪيم تي 13 بلين روپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، ان اسڪيم کي شروع ڪرڻ لاءِ گذريل سال جي بجيٽ ۾ پڻ اعلان ڪيو ويو هئو پر صوبائي حڪومت سڄو سال گذرڻ جي باوجود ان اسڪيم کي شروع نه ڪري سگھي. جاپان جي امدادي اداري جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي طرفان ان اسڪيم لاءِ سيڙپ مهيا ڪرڻ جو آسرو ڏنو ويوهئو، پر ان تي ڪو خاص ڪم نه ٿيو. ايندڙ سال پڻ ان اسڪيم کي شروع ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، ڏسجي تي ان کي ڪيترو پاڻي ڏجي ٿو.

ان کان سواءِ وفاقي حڪومت گذريل سال بجيٽ جي موقعي تي ڪراچي لاءِ گرين لائين بس سروس وفاقي بجيٽ جي خرچ مان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هئو پر ان تي پڻ عمل درآمد نه ٿي سگھيو آهي، ايندڙ سال لاءِ پڻ وزير اعظم نوازشريف گرين لائين منصوبي تي وفاق جي پيسي سان عمل درآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڏسجي ته ڪيتري قدر پورائو ٿئي ٿو. گرين لائين بس سروس تي ڪل 15 ارب روپيا خرچ اچڻ جو اندازو آهي ۽ ان کي مڪمل ٿيڻ لاءِ 18 مهينا گھربل آهن. 22 ڪلوميٽر ڊگھي اها اسڪيم سرجاني ٽائون کان شروع ٿيندي ۽ وچ شهر تائين پهچندي، جنهن ذريعي اندازو آهي ته 4 لک کان وڌيڪ مسافر روزانو ان سروس مان فائدو وٺي سگھندا.

صوبائي وزير خزانه مراد علي شاھ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ سال لاءِ اورينج لائين بس لاءِ 2.3 ملين روپيا رکيا آهن، جڏهن ته ريڊ لائين بس سروس لاءِ پڻ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 2 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ ذڪر جي قابل ڪي خاص اسڪيمون ته شامل ڪونه آهن، ليڪن پرڏيهي امداد وسيلي شروع ٿيندڙ ڪجهه منصوبا ڳڻايا ويا آهن، جن ۾ چين جي قرض مان شروع ٿيندڙ نوابشاه-سانگھڙ روڊ لاءِ 1.2 ارب روپيا رکيا ويا آهن. آبپاشي جي منصوبن لاءِ 12 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ روهڙي ۽ جمڙائو ڪئنالن کي پڪو ڪرڻ (لائننگ) جون اسڪيمون پڻ شامل آهن. ان کان سواءِ گڊو بئراج جي مرمت ۽ بحالي جي هڪ اسڪيم لاءِ پرڏيهي امداد مان حاصل ٿيندڙ 9.46 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪجھ منصوبا ماضي ۾ شروع ڪيا ويا هئا جيڪي ايندڙ سال مڪمل ٿيندا، انهن ۾ سنڌو درياھ تي جھرڪ-ملان ڪاتيار پل جنهن تي 4.2 ارب روپيا لاڳت اچڻي آهي، جيڪا اميد ته ايندڙ سال دوران مڪمل ٿي ويندي.

ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي وٺرائي رهي آهي ۽ سنڌ اندرمستقبل ۾ ڪيترائي منصوبا ان اسڪيم تحت شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ پڻ سنڌ حڪومت بجيٽ اندر 16.5 ارب روپيا رکيا آهن، جن مان 13.8 ارب روپيا هلندڙ اسڪيمن لاءِ جڏهن ته 2.7 ارب روپيا 8 نين اسڪيمن لاءِ هوندا.

ٿر جي ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي 9 هلندڙ ۽ 4 نون منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت 9.7 ارب روپيا رکيا آهن. خزاني جي وزير ٻڌايو ته ٿر ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ڪوئلي ڪڍڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد ته ٿر ۾ لڳندڙ ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ وارا ٻه پاور پلانٽ 2018 تائين مڪمل ٿي ويندا جن ذريعي پهرئين فيز ۾ 330 ميگا واٽ بجلي في يونٽ حاصل ٿي سگھندي. هن اها پڻ دعويٰ ڪئي ته صوبائي حڪومت ٿر جي ڪوئلي وسيلي سن 2020 تائين 10000 ميگا واٽ تائين بجلي حاصل ڪرڻ گھري ٿي.

سج جي روشني (سولر) مان 20 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي پنج منصوبن کي پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيو ويندو، جيڪي ٺٽي، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ لڳايا ويندا. وزير خزانه موجب سنڌ صوبي ۾ هوا جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ وارن پنجن منصوبن اڳ ۾ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جن جي ذريعي 256 ميگا واٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي. پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هوا ذريعي بجلي پيداڪرڻ جا 9 نوان منصوبا ايندڙ سال شروع ڪيا ويندا، جن ذريعي 477 ميگا واٽ وڌيڪ بجلي پيدا ٿي سگھندي. مراد علي شاھ اسيملي کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت 2200 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارن 25 منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪي مختلف مرحلن ۾ آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اميد آهي ته هرسال سنڌ طرفان قومي گرڊ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 100 ميگا واٽ بجلي شامل ٿيندي.

سنڌ حڪومت صوبائي وسيلن ذريعي ڪجهه ٽيڪس، سيس، فيس وغيره وصول ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي. جن ۾ سڀ کان اهم ايڪسائيزٽيڪس، انفرااسٽرڪچر سيس، اسٽيمپ (ٽڪليون) ڊيوٽي پڻ شامل آهن. اندڙ سال يعني 16-2015 جي بجيٽ ۾ ڪجھ ٽيڪسن ۽ ٽڪلين جي شرح ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. سنڌ جي حڪومت سروسزيعني خدمتن تي لاڳو سيلز ٽيڪس پڻ اڳاڙيندي آهي. هلندڙ سال دوران ان ٽيڪس جي اڳاڙي جي مد ۾ سنڌ ٻين سڀني صوبن کان اڳڀري رهي آهي ۽ ايندڙ سال لاءِ پڻ سروسز سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 61 ارب روپين جمع ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويوآهي.

سنڌ سرڪار سروسز سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو جي گھٽتائي پڻ آندي آهي، جيڪا وڌ کان وڌ 15 سيڪڙو مان گھٽجي ايندڙ سال 14 سيڪڙو هوندي. گھٽ ۾ گھٽ شرح جيڪا اڳ 5 سيڪڙوهئي اها هاڻي وڌائي 6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. تعليم ۽ صحت جا شعبا اڳ ۾ ئي سروسز سيلز ٽيڪس کان آجا آهن، جڏهن ته اخبارن ۾ ڇبجندڙ اشتهارن تي پڻ اهو ٽيڪس لاڳو نه ٿو ٿئي. هي ٽيڪس ايندڙ سال دوران ڪجھ نون سروسز شعبن تي پڻ لاڳو ڪرڻ جو پلان آهي، جن ۾ ڪجھ هي آهي: ٽريول ايجنٽ، ڪيمشن ايجنٽ، ٽيڪنيڪل انسپيڪشن اينڊ سرٽيفڪيشن سروسز، يوٽلٽي بلز جمع ڪندڙ بئنڪن ۽ نادرا جون برانچون، ڪمرشل پراپرٽي ڪرائي تي ڏيڻ وغيره. سنڌ حڪومت سنڌ فائنانس ايڪٽ ۾ ترميم ڪري انفرااسٽرڪچر سيس جي شرح 0.95-090 سيڪڙو مان وڌائي 1.05-1.00 سيڪڙو ڪئي آهي، جنهن ذريعي صوبائي حڪومت کي 2.5 ارب روپيا وصول ٿيڻ جي اميد آهي. ان ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدني صوبي اندر موجود انفرااسٽرڪچر(روڊ رستا وغيره) جي بحالي ۽ انهن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ خرچ ڪندي آهي. ٺيڪن ۽ پرچيز آرڊرن تي هر سئو روپين تي 5 پيسا اسٽيمپ ڊيوٽي طور وصول ڪيا ويندا.

ليکڪ فري لانس صحافي آهي، جيڪو پوليٽيڪل اڪانامي جي موضوعن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهندو آهي. هي ليک خصوصي طور تي ”افيئر“ لاءِ لکيائين.

وفاقي حڪومت جون سنڌ سان زيادتيون

سنڌ سرڪار هن سال بجيٽ جي موقعي تي وفاقي سرڪار جي سنڌ سان مالياتي زيادتين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو، جن ۾ گذريل سال دوران واعدو ڪيل رقمن جي عدم ادائگي، دير سان ادائگي ۽ رهيل رقمن ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي جهڙيون سنجيده شڪايتون پڻ شامل هيون. صوبائي وزير مراد علي شاھ پنهنجي بجيٽ واري تقرير کان علاوه ٻئي ڏينهن پوسٽ-بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ پڻ انهن شڪايت جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ ڪافي نقطن جي وضاحت پڻ ڪئي.

مراد علي شاھ موجب سنڌ جي بجيٽ ۾ 70 سيڪڙوتائين انحصاروفاق کان ملندڙمختلف ٽيڪسن ۽ نيشنل فنانس ڪميشن اوارڊ جي فارمولي تحت وفاق کان ملندڙ فنڊن تي هوندو آهي. هن سال جون ۾ نيشنل فنانس ايوارڊ جو مدوپڻ ختم ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين نئون اوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪميشن نه جوڙي وئي آهي. سنڌ وڌندڙ آبادي سبب شديد اقتصادي دٻاءَ جو شڪار آهي، پر اين ايف سي اوارڊ کي هڪ سال لاءِ مزيد وڌائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته جيئن ايندڙ سال ٿيندڙ آدم شماري کان پوءِ نئون ايوارڊ جاري ڪيو وڃي.
سنڌ جي سڀ کان اهم شڪايت سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گيس مان سنڌ کي ملندڙ گھٽ حصو هئي. آئين جي آرٽيڪل 158 موجب قدرتي معدنيات جنهن صوبي ۾ پيدا ٿئي ٿي ان معدنيات کي استعمال ڪرڻ جو پهريون حق ان صوبي جو آهي. پر سنڌ کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گئس به نه ٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه وفاقي سرڪار ويجھڙ ۾ گيس جون قيمتون پاڻ سرمقرر ڪنيون آهين، جڏهن ته صوبائي حڪومتن سان صلاح مشوروڪونه ڪيوويو، اهڙي قسم جي شڪايت سنڌ سرڪار ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ پڻ هڪ خط ذريعي ڪئي آهي.
سيد مراد علي شاھ چيو ته وفاقي حڪومت گذريل سال واعدو ڪيو هئو ته سنڌ کي 381.3 ارب روپيا وفاق مان مهيا ڪيا ويندا جيڪي بعد ۾ گھٽائي 357.7 ارب ڪيا ويا، جن مان به صرف 278 ارب روپيا سنڌ کي ڏناويا، جيڪي 65 ارب روپيا گھٽ آهن.
اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ سڌا سوان (اسٽريٽ ٽرانسفر) فنڊ پڻ ڪٽوتي ڪرڻ کان پوءِ ڏنا ويا آهن. وفاق کان سنڌ کي 82 ارب روپيا ملڻا هئا، پر وفاق 22.5 ارب روپيا ڪٽي صرف 59.7 ارب روپيا سنڌ ڏانهن موڪليا آهن، جنهن سبب سنڌ جا ڪيترا ئي منصوبا متاثر ٿيا آهن. ان کان علاوه وفاقي حڪومت واعدو ڪيو هئو هو اها سنڌ کي 61.5 ارب روپيا مهيا ڪندي، ليڪن ان مد ۾ صرف 49 ارب روپيا ئي ملي سگھيا آهن.
واپڊا جي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) طرفان نوري آباد ۾ لڳندڙ 100 ميگا واٽ پاور پلانٽ جي بجلي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ءِ وفاقي اداري نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني طرفان ٽرانسميشن لائين نه وڇائڻ سبب سنڌ سرڪار کي اهي ٻئي ڪم ڪرڻا پون پيا. سنڌ سرڪارپنهنجي هڪ نئين صوبائي ڪمپني ”سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني“ جوڙي ورتي آهي، جيڪا نوري آباد کان ڪراچي تائين ٽرانسميشن لائين وڇائڻ جو ڪم ڪندي. اها بجلي ڪراچي اليڪٽرڪ کي اسڪيم 33 ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏني پئي وڃي.

shuja98@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو