Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ وزيرن جي گرفتاري جا امڪان؟
above article banner

سنڌ ۾ وزيرن جي گرفتاري جا امڪان؟

Ajiz jamaliسنڌ ۾ ڪرپشن ڪهاڻين سنڌ سرڪار ۽ حڪمران جماعت کي ايڏو سوڙهو ڪيو جو بار برداشت ڪرڻ بدران سنڌ جي وڏي وزير شڪارپور ضلعي ۾ ساڍا 9 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين فوج کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اها زمين اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ گهري وئي هئي جيڪو پاڻ به فوج جو سربراهه هو پر انهي ٻيلي کاتي جي زمين نه ڏني. ڇو ته قانوني طور تي ٻيلي جي زمين ٻيلا پوکڻ لاءِ رکيل هوندي آهي. لڳي ايئن ٿو ته سنڌ سرڪار اها زمين پنهنجي پارٽي جي سربراهه جي ڌمڪين جي بيان جي “بدلي” ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گذريل هفتي آصف علي زرداريءَ طرفان فاٽا کان ڪراچي بند ڪرڻ ۽ “سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ” جهڙي ڳالهه ڪرڻ وقت اهو به ڪو نه سوچيو هوندو ته سندس پارٽيءَ ۾ راجا پرويز اشرف جهڙا به ڪيترائي هوندا جن پارٽيءَ مان ئي روانگي جو فيصلو ڪيو. آصف علي زرداريءَ جو اهڙو بيان اصل ۾ ڪرپشن خلاف سنڌ ۾ هلندڙ ڪاررواين جو رد عمل هو پر ڏٺو وڃي ته اهو بيان کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.

june 22 23
اطلاع آهن ته چوڌري شجاعت حسين آصف زرداري ۽ جرنيل جي وچ ۾ “مٽي پائو” فارمولي تحت ٽياڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ عملي طور تي پيپلز پارٽي به پنهنجي بيان تان هٿ کڻي وئي آهي. آصف زرداري جي بيان کانپوءِ شيري رحمان، قمرالزمان قائره ۽ رحمان ملڪ جي بيانن مان ايئن لڳي پيو ته “بس غلطي ٿي وئي-ايئن نه چيو هو هيئن چيو هو” اهو سڀ ڪجهه پٺتي هٽڻ هوندو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو سربراهه مشهور آهي. هاڻي ساڳيو ڪم پيپلز پارٽي به ڪري رهي آهي. اچو ته اصل ڪهاڻيءَ کي ڳوليون جتان هي مامرو شروع ٿيو.
رينجرز سنڌ اها رپورٽ ڏني ته سنڌ ۾ 230- ارب روپين جون بدعنوانيون ٿين ٿيون، ڀتو وصول ڪيو وڃي ٿو. هٿيارن لاءِ سرڪاري رقمون خرچ ٿين ٿيون، سرڪاري ادارن مان وڏيون رقمون سياسي همراهن جي گهرن تائين پهچن ٿيون. رينجرز جي بيان ۾ گهڻو نشانو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي بڻايو ويو ڇو ته ٻئي جماعتون سنڌ سرڪار جو حصو آهن. سرڪاري ڪامورا به سندن مرضيءَ سان رکيا وڃن ٿا يا هٽايا وڃن ٿا. ذريعن چواڻي رينجرز اهڙو بيان تڏهن جاري ڪيو جڏهن مٿان گرين سگنل ملي چڪو هو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وڏين مڇين ۾ هٿ وجهو. ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر مصطفيٰ جمال قاضي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو هو پر قاضي پاڻ ڪو نه هو.
ڄاڻو حلقا دعويٰ ڪن ٿا ته مصطفيٰ جمال قاضي، شاذر شمعون، حضور بخش ڪلوڙ، محمد علي شيخ، شوڪت جوکيو، انور مجيد، سميت ڪجهه سرڪاري ڪامورا ته ڪجهه غير سرڪاري ماڻهو اصل ۾ اويس مظفر ٽپيءَ سان گڏجي زمينن جي ڪاروبار ۾ شامل رهيا. ان کانپوءِ وري هڪ گروپ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ هو. فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي اصل ۾ ڪراچيءَ جي سامونڊي مُهاڻن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ٺاهيل ادارو آهي. هي ادارو هميشه ماهي گيري جي وزارت جي ماتحت رهيو آهي ۽ چونڊيل حڪومت ۽ فشريز جو وزير ئي سوسائٽي جو چيئرمين هوندوآ هي. پر پيپلز پارٽي جي گذريل سرڪار اها روايت ٽوڙي سوسائٽي ۾ غير سرڪاري ماڻهن کي ايڊمنسٽريٽر يا چيئرمين بڻايو.
هن سوسائٽي جي بجيٽ اربين روپين ۾ آهي. ملازمن جي ماهوار پگهار پوڻا ٻه ارب روپيا آهي. سوسائٽي ۾ پهرين جعفر خواجا ايڊمنسٽريٽر رهيو. ان کانپوءِ پيپلز پارٽي جي گذريل سرڪار ۾ سعيد بلوچ کي سوسائٽي جو چيئرمين بڻايو ويو جنهن جو سڌي ريت تعلق عزير جان بلوچ گروپ سان هو. جڏهن پيپلز پارٽي جا لياري ۾ عزير بلوچ سان معاملا خراب ٿيڻ لڳا ته ڪنهن وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اهم ماڻهو ڊاڪٽر نثاز مورائي کي فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ به امير ڀنڀري سميت پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اڳوڻن ساٿين کي مقرر ڪيو ويو. جنوري 2014 ۾ نئون بورڊ آف ڊائريڪريٽر آيو. هن سوسائٽي تي الزام هو ته اها سڌي ريت بلاول هائوس سان رابطي ۾ آهي. هاڻي ان الزام کي حقيقت جو روپ سوسائٽي جي گرفتار ٿيل ٽن اهم ماڻهن ڏنو جن رينجرز آڏو بيان ۾ چيو ته هو واقعي سوسائٽي جون رقمون بلاول هائوس، فريال ٽالپر ۽ عزير گروپ تائين پهچائيندا هئا.
رينجرز ڇاپا هڻي سوسائٽي جي وقتي چيئرمين سلطان قمر صديقي، ڊائريڪٽر محمد خان چاچڙ، شاهد رانا کي گرفتار ڪيو. ڇو ته سوسائٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر نثار مورائي اڳي ئي پرڏيهه فرار ٿيل آهي ٽن مهينن کان. رينجرز جي تحقيقات موجب فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فش هاربر کان ملندڙ اربين روپيا غريب ماهي گيرن تي خرچ ڪرڻ بدران سياسي مقصدن ۽ دهشت گردي جي مقصدن لاءِ خرچ ڪيا.
فشرمين سوسائٽيءَ کان اڳ رينجرز سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ تي ڇاپو هنيو. مزيدار ڳالهه ته هن اٿارٽيءَ جو چيئرمين منظور قادر عرف منظور ڪاڪا به پرڏيهه ڀڄي ويل آهي. ان ڪري اٿارٽي جي وائيس چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن کي رينجرز گرفتار ڪيو. منظور ڪاڪا ۽ نثار مورائي وانگر ٻين ادارن جا به ڪيترائي آفيسر ڀڄي ويا آهن ۽ ڪيترائي سرڪاري آفيسر ڀڄڻ جي تيارين ۾ آهن. ٻڌايو وڃي پيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي حساس ادارن خاص ٽيمون ويهاريون آهن جيڪي ڪرپشن ۾ گهربل آفيسرن ۽ سياسي ماڻهن تي نظر رکيو ويٺا آهن. اهڙي خاص ٽيم ئي “فرنٽ مين” محمد علي شيخ کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو. همراهه دبئي ۽ پوءِ آمريڪا وڃي رهيو هو.
محمد علي شيخ جو سکر سان تعلق آهي. اڳوڻي ايم پي اي تاج شيخ جو ڀاءُ آهي. هي همراهه اڄڪلهه مئنيجر طور ڪم ڪري رهيو هو. زمينن جي وڪري ۽ قبضي جا مامرا هي ڏسندو هو، ٻيو فرنٽ مين انور مجيد آهي جيڪو شگر ملز جا مامرا ڏسي ٿو. حساس ادارا انور مجيد جي ڳولا ۾ آهن. م
حمد علي شيخ بابت ڄاڻ ملي آهي ته هن سڀ قصا ٻڌائي ڇڏيا آهن. سندس نشاندهي تي مصطفيٰ جمال قاضي ۽ شاذر شمعون تي هڪ نئون ڪيس تيار ٿي رهيو آهي. ان ڪيس ۾ مٿن سمنڊ جي پٽي جي زمين وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي. اويس ٽپي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي. ٻڌايو اهو ويو ته سندس ڀاءُ وسيم ٽپي لاڏاڻو ڪري ويو هو ميت کڻائڻ ويو آهي. کيس به ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو. ضمانتن کان پوءِ ڇڏيو ويو. ڏسڻو آهي ته هو واپس اچي ٿو يا نه؟
حساس ادارن جي رپورٽن موجب کين گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جا 30 اهم ماڻهو گهربل آهن، جن ۾ ڪجهه هاڻوڪا وزير، ڪجهه آفيسر ۽ ڪجهه غير سرڪاري ماڻهو شامل آهن. هي سڄي صورتحال اصل ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سوڙهو ڪرڻ آهي. سوڙهه محسوس ڪندي آصف علي زرداريءَ فوج کي ڌمڪي ڏني پر هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ سان سنڌ گڏ بيهڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌي ماڻهن جو رد عمل ٻڌائي ٿو ته زرداري سنڌ جي آسري تي ايڏي وڏي ڳالهه نه ڪري ڇو ته هو ستن سالن ۾ سنڌ کي ڪجهه ڏئي نه سگهيو آهي.
ڪرپشن ڪيسن ۾ ٿيل گرفتارين کانپوءِ “نيب” ۽ “رينجرز” سرگرم آهن. ڪجهه اڳوڻن وزيرن، ڪجهه هاڻوڪن وزيرن جي گرفتارين لاءِ اعليٰ ايوانن کان منظوري ورتي پئي وڃي. ڪجهه وزيرن ۽ ڪجهه ڪامورن اڳواٽ عدالتن کان ضمانتون ڪرائي ڇڏيون آهن. جن ۾ پير مظهر الحق ۽ علي مردان شاهه به شامل آهن. جڏهن ته رپورٽن موجب تعليم، صحت، گهرو کاتو، آبادي جو ڀلائي کاتو، روينيو، ورڪس اينڊ سروسز اينٽي ڪرپشن، جيل کاتو، ٻيلو کاتو، مڪاني ادارا، اطلاعات کاتو، مطلب هر کاتي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. ان ڪري جلد وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جو امڪان آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو