Home / سنڌ افيئر / سنڌ ۾ وڌندڙ بنياد پرستي- نيٺ ڇا ڪجي؟
above article banner

سنڌ ۾ وڌندڙ بنياد پرستي- نيٺ ڇا ڪجي؟

Sajid Zaheerڪجهه ڏهاڙا پهرين مذهبي تنظيمن پاران مدرسن جي بچاءُ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون، ليڪن اهي مدرسا جيڪي نفرت پکيڙي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروايون ضرور ٿيڻ کپن. جيڪي به عبادت گاهون انسانيت جو درس ڏينديون رهنديون اهي عبادت گاهون تاريخ جو حصو رهنديون. مذهبي بنياد پرستي جا ڪيترائي سبب اسان جي سماج ۾ ملن ٿا. سموري پسمنظر تي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. بنياد پرستي کي هٿي ڏيندڙ قوتون بار بار پنهنجي ڪاررواين ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون. کوڙ سارا مدرسا ۽ تبليغ ڪندڙ انهن جي خلاف چٽي طرح مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهن. هن ملڪ ۾ بنياد پرستي کي هٿي ڏيندڙ جهيڙي جو سبب هندو مسلم فرق به آهي.

مختلف حلقن جي هڪ راءِ آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ بنياد پرستي ۽ مذهبي ڪٽر پڻي جو سبب غير قانوني مدرسا آهن، جن جو تعداد ڳاڻيٽي کان ٻاهر ٿيندو وڃي پيو. ملڪ جا اعتدال پسند چون ٿا  ته مدرسا پرامن تهذيب لاءِ تمام وڏو خطرو آهن. مذهبي ڌرين مطابق مدرسا امن جو درس ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن 22 هزار مدرسن جو تعداد تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ انهن مان اهو ڪاٿو ڪيئن لڳائي سگهبو ته ڪهڙا امن جو درس ۽ ڪهڙا بنياد پرستي جا بنياد مضبوط ڪري رهيا آهن.

جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ تي نظرڊوڙائجي ته اڪثريتي مدرسن مان سواءِ نفرتن جي ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي. اهي مدرسا ڪنهن جي ڏوڪڙن تي هلي رهيا آهن اهو به هڪ وڏو سوال آهي.

پاڪستان ۾ مدرسن اندر جيڪو مواد تخليق ٿئي ٿو اهو غير مسلم آبادين جي خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو. مدرسن ۾ ڪچن ذهنن کي بنياد پرست خيالن سان پاليو وڃي ٿو، سندن نيپاج ۾ بنياد پرستي جي ستي پياري انهن کي مختلف اقليتي مذهبن جي خلاف استمعال ڪري جنت جي گارنٽي آڇي وڃي ٿي. اهي ڪچا ذهن مختلف فرقن ۽ گروهن کي به پنهنجي نفرت جو محور بڻائي تشدد پسندي کي هٿي ڏيڻ ۾ عملي ڪردار اد ڪن ٿا. ماڻهن جي غربت جو ناجائز فائدو وٺندي ننڍڙن ٻارڙن کي مذهبي مدرسن جا اڳواڻ انهن کي خريد ڪري وٺن ٿا. اهي ڪچا ذهن وڏا ٿي رياست خلاف بارود بڻجي اٿن ٿا.

june 37

نه وسارڻ کپي ته پاڪستان ٺهڻ وقت مدرسن جو تعداد 2 سو هو. ضياءُ حڪومت جي شروع ٿيڻ وقت اهي مدرسا 1 هزار جي لڳ ڀڳ پهچي ويا. جڏهن ته اڳتي هلي جڏهن رجسٽريشن جي عمل ۾ تيزي آئي جمهوري حڪومت ٺهي ته ان وقت رجسٽريشن مطابق 8/ 9 سو مدرسا هئا. 3 هزار غير رجسٽرڊ مدرسا هئا. اڄ ملڪ ۾ مدرسن جو تعداد هزارن کي ڪراس ڪندي اڌ لک جي ويجهو ٿيندو پيو وڃي. انهن ۾ ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن جو تعداد به لکن ۾ ٿيندو. ضيا جي آمريت ۾ هيروئن جي واهپي کي ڳاڻيٽي ۾ آڻي سگهجي پيو پر هن وقت اهو ناممڪن آهي. پاڪستان ۾ هيروئن جو واهپو هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ يا ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو . ان ۾ اڪثريت ۾ نوجوان سان گڏ عورتون به شامل آهن. جهادي تنظيمون ماڻهن کي اغوا ڪري ڳرا ڀنگ وصول ڪن ٿيون. کوڙ سارا لشڪر جن جو بنياد اهي مدرسا آهن جن سموري ملڪ کي دهشتگردي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. افغانستان ڪيترن ڏهاڪن کان انهي خوني جنگ جو شڪار آهي.

غير مسلم ماڻهن جي خلاف سڀ کان وڌيڪ انهن مدرسن ۾ تبليغ ڪئي ٿي وڃي جيڪي طالبان نواز پاليسين جو بچاءُ ڪن ٿا. انهن جي فڪر سان تعلق رکندڙ گروهه هندو آبادين، سندن نياڻين ۽ انهن جي عباد گاهن کي هٿ وٺي نقصان پهچائين ٿا ته جيئن سنڌ ويڳاڻپ طرف وڌي ۽ ڇڪتاڻ واري صورت پيدا ٿئي. ٻئي طرف ترقي پسند تحريڪ جي خلاف هٿ ٺوڪي واويلا پڻ انهن قوتن کي ان ڳالهه جو بنياد ٺاهي ڏين ٿا جنهن جي ڪري بار بار اهي سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

دنيا جي عظيم ڏاهي بنياد پرست  نظرين کي آفيم سڏي رد ڪيوهيو هئو . هن وقت جيڪي ماڻهو بنياد پرستي جي مرڪزي ادران کي تنقيد جو نشانو نٿا بڻائين اهي پاڻ خود ان ئي جهالت جو شڪار ٿيندا. جيڪي سياسي ڪارڪن فقط آزادي آزادي ڪندا رهندا ۽ سوشلزم کان انڪار ڪندا انهن کي به هيءُ بنياد پرستي کائي ويندي فقط سنڌ صدين کان صوفي آهي واري اصطلاح سان ڪم نه ٿيندو. هتي نظرياتي ويڙهه ڪرڻي پوندي جيڪا ويڙهه ماضي ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سبطِ حسن جهڙن دانشورن وڙهي آهي.

بنياد پرستن جي خلاف هڪ لانگ مارچ جي ضرورت آهي جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌ بچائڻ جي نعري هيٺ ٿيڻ گهرجي. اچو ته جيئن بچي ويل سنڌ بنياد پرستي جي باهه ۾ سڙڻ کان بچي پوي. ان لاءِ ڀرپور جدوجهد جو آغاز ڪريون لکڻ کان ويندي عملي ميڙاڪن کي مرڪز بڻايون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو