Home / پروفائيل / سِڪن جو پارکو عبدالله ورياهه، سنڌ کان وسري ويو!
above article banner

سِڪن جو پارکو عبدالله ورياهه، سنڌ کان وسري ويو!

Achar Khaskheliدنيا ۾ اهڙن ڏاهن جنم ورتو آهي جيڪي جيئري لک ته مرڻ کان پوءِ سوالک وارو مثال آهن، مطلب حياتي ۾ جيتري ضرورت هوندي آهي ته ان کان وڌيڪ مرڻ کان پوءِ به هوندي آهي. اهڙن املهه ماڻهن ۾ محقق، شاعر مرحوم عبدالله ورياھ به ڳڻي سگهجي ٿو. مرحوم عبدالله 1950 ۾ تاج محمد ورياھ جي گھر جمن شاھ ٽنڊوآدم ۾ جنم ورتو جنهن شروعاتي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول ميمڻ پاڙو، ۽ ميٽرڪ گورنمنٽ شاھ عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم مان جڏهن ته باقي تعليم هن حيدآباد مان حاصل ڪئي، جنهن سڄي زندگي تاريخ لاءِ ڪم ڪندي گذاري. مرحوم عبدالله ورياھ هڪ وڏو زميندار ۽ سياستدان هوندي به هڪ فقيراڻي گھر جو هجڻ ناتي هميشه فقيراڻي زندگي گذاري جنهن جو تعلق تاريخي ۽ ثقافتي ماڻهن سان هجڻ ڪري هن انهيء تي وڏو ڪم ڪيو جنهن پي ايڇ ڊي ڪري ان جي ٿيسز “سنڌ جي تاريخ سڪن جي آئيني ۾” ۽ ان جو ترجمو ڪري انگريزي ۾ وري “هسٽري آف سنڌ ٿرو ڪوئنس” رکيو ويو. جنهن ۾چون ٿا ته سندس ڪنهن دوست جي سستي جي ڪري کيس ڊگري نه ملي سگهي.

عبدالله خان اهو ڏاهو ماڻهو هو جنهن سانگھڙ هسٽاريڪل سوسائٽي جي پليٽ فارم تان سندس تنظيمي دوستن بابر سومرو، محمد خان ٻرڙو، الهورايو بهڻ ۽ سرفراز راڄڙسان گڏجي سڄي ضلعي جي تاريخي ماڳ مڪانن بابت تحقيق ڪري سانگھڙ صدين کان ڪتاب مرتب ڪيو. هن پنهجي تاريخ ۽ ثقافت کي سهيڙڻ لاءِ شاھ عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم ۾ ٽي روزه سگھڙ ڪانفرنس ڪوٺائي. سڄي سنڌ جي سگهڙن، شاعرن کي گڏ ڪري وڏو ميلو مچايو جيڪا ڪانفرنس ٽي ڏينهن جاري رهي. هن “سگھڙن جي ڊائريڪٽري” پڻ ڇپرائي. جڏهن ته هو ڀلوڙ شاعر به هوجنهن جو تخلص عبدالله ورياھ “آزاد” هو جنهن شاعري به ڀلي انداز ۾ ڪئي.

june 54

هن سنڌ جي تاريخي ماڳ برهمڻ آباد تي جيڪو سنڌ حڪومت ۽ ضلعي حڪومت جي تعاون سان گڏجي انٽرنيشنل سيمينار ڪرايو. جتي سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسي سميت دنيا جا وڏا وڏا اسڪالر، تاريخدان، محقق، برهمڻ آباد سيمينار ۾گڏ ٿيا. ان کانپوءِ ان تاريخي ماڳ تي اهو به ڪم ٿيو جنهن جي کوٽائي ڊائريڪٽر منظور مغل جي رهنمائي ۾ شروع ڪري ان مان تاريخي ۽ ناياب شيون هٿ ڪيون ويون جن ۾ سونيون مهرون، سونيون ڍڳيون، سڪا ۽ ٻيون شيون هيون جيڪي ان وقت برهمڻ آباد تي ٺهرايل ميوزم ۾ رکيون ويون، جڏهن ته ان وقت عبدالله خان جي ڪوششن سان برهمڻ آباد تي ريسٽ هائوس ۽ هوائي اڏي جو پڻ اعلان ڪيو ويو هو ۽ گڏو گڏ برهمڻ آباد لاءِ ضلعي ۾ سالياني گرانٽ به رکي وئي پر اهي سڀ ڪاغذن جي ٽڪرن ۾ تبديل ٿي ڪنهن رديء جي ٽوڪري ۾ هليا ويا جنهن بعد ٺهرايل ميوزم به اجڙڻ ڪري برهمڻ آباد جون ناياب شيون لاهور جي ميوزم ۾ رکيون ويون آهن.

عبدالله ورياهه ملڪ جو اهو واحد اسڪالر هو جيڪو هزارين سالن جي تاريخ جي سڃاڻپ رکندو هو. هو ٺپن، سڪن، جون ٻوليون پڙهي وٺندو هو. هو فارسي، عربي، سنسڪرت يا ٻين ٻولين جي پڻ مهارت رکندو هو تنهن ڪري هن کي تاريخي لکڻين ۾ ڪا تڪليف محسوس نه ٿيندي هئي. عبدالله ورياھ هميشه سنڌ جي تاريخ لاءِ جھاڳيندڙ اهو انسان هو جنهن کي ڪجهه وقت لاءِ سياست ۾ به آندو ويو پر هن جو ڌيان هميشه سنڌجي تاريخ ڏانهن رهيو. هر مهيني سندس تاريخ جو مرڪز بڻيل سندس لطيف گيٽ واري اوطاق جتي نه صرف مشاعرا يا تاريخي گڏجاڻيون هونديون هيون پر سنڌ يا پاڪستان جي پرڏيهي اسڪالرن جو به ٺڪاڻو هوندو هو جن ۾ دنيا جي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر اين ميري شمل به سنڌ جي ڪنهن به ماڳ مڪان ڏانهن ايندي ويندي هن اوطاق جي ضرور حاضري ڀريندي هئي.

تاريخ ۽ ادب جو هي پارکو عبدالله ورياھ پهرين جون 1999 تي بيماري سبب تاريخ تحقيق پنهجن لکڻين کان موڪلائي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. کيس 16 سال ٿي ويا آهن جنهن هر دور جا سڪا گڏ ڪري سهيڙي پاڻ سان رکيا. سگھڙ ڪانفرنسون ڪيون، انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺايا، جتي ميڙا متل رهيا جنهن سڄي زندگي تاريخي جستجو ڪري سنڌ جي تاريخ کي گڏ ڪيو جنهن کي نه ڪڏهن سنڌ حڪومت ياد ڪيو نه ئي ڪڏهن سندس وس وارن دوستن ڪڏهن ياد ڪيو. صرف اردو ادب جي تنظيم حلقه ياران سخن پاران سندس شاعري جي صنف تي ۽ مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران تاريخ، ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان کيس پنجين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ۾ ڀيٽا ڏني وئي. ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ٽنڊوآدم ۾ سندس پڳمٽ يار ان وقت آرڪيالاجي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، عبدالله ورياھ آڊيٽوريم ٺهرائڻ جو اعلان به ڪيو هو پر اڄ تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي. 16 سالن ۾ ڪڏهن به سندس ورسي تقريب ناهي ملهائي وئي نه ئي هن ڀيري کيس ياد ڪيو ويو آهي.

عبدالله ورياهه جو گڏ ڪيل مواد ڪيميڪل باڪس ۾ بند آهي جنهن بابت وارثن جو چوڻ آهي ته ان ملڪيت جو وارث سندس پٽ آهي جيڪو اڃا ٻار آهي، جنهن کي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سڄو مواد حوالي ڪيو ويندو. ان کان پوءِ سندس والد جو ڇڏيل ڪم هر دور جا سڪا سندس پٽ تاج محمد ورياھ جي حوالي ڪيا ويندا، في الحال ان جي ڪيل هر ڪم، تحقيق سميت گڏ ڪيل مواد کي يارن، دوستن، اديبن، محققن آرڪيالاجي کاتي ۽ وارثن پاران تالا لڳايا ويا آهن. ڏسجي تي ان تاريخي خزاني جا ڪڏهن ٿا تالا کولين؟ ڪڏهن ٿا ويران ٿيل اوطاق تي ميلا مچن؟

باقي هاڻ سنڌ ۾ تاريخ ميسارڻ هونئن ئي روايت بڻجي چڪي آهي ۽ عبدالله ورياھ جي تاريخ به اهڙي عمل جي ورچڙهڻ جو خدشو آهي. في الحال سڄاڻ حلقي جون نظرون ان جي ڇڏيل ڪم ۾ آهن ته ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي شروعات ٿئي. هن تحقيقي ڏات رکندڙ شخصيت عبدالله ورياھ جي ڪم جي جنهن سڄي زندگي تاريخ سان گڏ گذاري پاڻ به هڪ تاريخ بڻجي امر ٿي ويو.

khaskheliachar@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو