Home / شوبز / شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي: ماهره خان
above article banner

شاهه رخ خان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي: ماهره خان

june sho 2مشهور اداڪارا ماهره خان جو چوڻ آهي ته هن فلم ”رئيس“ جي شوٽنگ دوران بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان کان گھڻو ڪجھه سکيو آهي. ڀارتي ٽي ويءَ کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ ماهره خان جو چوڻ هو ته هوءَ نه ٿي ڃاڻي ته بالي ووڊ ۾ کيس ڪيئن پرکيو ويندو، پر سندس لاءِ هي بلڪل مختلف تجربو هو. رئيس جي شوٽنگ دوران هن شاهه رخ خان جي مقابلي ۾ بهترين انداز ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هو ڪنگ خان جهڙي اداڪاري نه ٿي ڪري سگھي. فلم جي شوٽنگ دوران هن شاهه رخ خان سان غير محسوس طريقي سان گھڻو ڪجھه سکيو، ان جو کيس ڏيهه واپسيءَ تي پاڪستاني فلم ”هو من جهان“ جي فلمبنديءَ دوران احساس ٿيو، جڏهن فلم جي ڊائريڪٽر به سندس پرفارمنس تي حيران رهجي ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو