Home / اسپيشل افيئر / عالمي سماجي ادارا ۽ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل سخت قانون
above article banner

عالمي سماجي ادارا ۽ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل سخت قانون

ناصر علي پنهور

اڄڪلهه سرڪار اين جي اوز خاص ڪري انٽرنيشنل اين جي اوز جي ڪمن تي نظر رکڻ سان گڏ وڌيڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. حڪومت بين الاقوامي اين جي اوز جي مالي معاملن جي نه صرف ڄاڻ رکڻ چاهي ٿي پر ان تي پنهنجو ضابطو به رکڻ چاهي ٿي. ملڪ جي قانون تحت حڪومت ايئن ڪرڻ جي مجاز آهي ۽ ان ۾ ڪا خراب ڳالهه به ناهي. پر ان سلسلي ۾ سرڪار جي طريقي ڪار بابت ڪافي سوال موجود آهن.

آءِ اين جي اوز جي حوالي سان هڪ عام تاثر ڏنو پيو وڃي ته اهي ملڪي مفادن جي خلاف ڪم ڪن ٿيون ۽ ٽين ڌر انهن کي پنهنجي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪري ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه آءِ اين جي اوز اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث هجن جن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي پر سڀني آءِ اين جي اوز کي ساڳي نظر سان نه ٿو ڏسي سگهجي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته بين الاقوامي غير سرڪاري ادارا ملڪ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ مدد مهيا ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي اصولي طور تي سرڪار کي ڪرڻ کپن. پوءِ چاهي اهو صحت هجي يا تعليم جو شعبو يا آفتن جي وقت ماڻهن جي امداد ڪرڻ.

جيستائين غير سرڪاري ادارن ۾ مالي انتظام ۽ آڊٽ جو تعلق آهي ته اهو سرڪاري ادارن جي ڀيٽ ۾ ته ڪافي بهتر آهي. انهن ادارن وٽ مالي وسيلا ايتري گهڻي تعداد ۾ ڪو نه هوندا آهن جيترو عام طور سمجهيو وڃي ٿو. غير سرڪاري ادارن جي بجيٽ جي ڀيٽ ڪنهن به سرڪاري کاتي جي بجيٽ سان نه ٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته سرڪار وٽ مالي وسيلا تمام گهڻا هوندا آهن. اڪثر غير سرڪاري ادارن جي بجيٽ تمام ٿوري هوندي آهي پر اها حقيقت آهي ته باوجود گهٽ مالي وسيلن جي اهي سرڪاري ادارن کان وڌيڪ ڪم ڪن ٿا. سرڪار وٽ بجيٽ ته گهڻي هوندي آهي پر انهن جي ڪارڪردگي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.JUNE 41

پاڪستان ۾ اسي جي ڏهاڪي ۾ اين جي اوز جي شروعات ٿي. هن کان اڳ فلاحي ۽ خيراتي ادارا رضاڪارانا بنياد تي ڪم ڪندا هئا، جن جي رجسٽريشن لاءِ پنج قانون موجود هئا. جنرل ضيا جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ افغانستان ۾ هلندڙ جنگ جي دوران پاڪستان ۾ آمريڪي امداد ۾ واڌ آئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اين جي اوز کنڀين وانگر تيزيءَ سان ظاهر ٿيون.

اين جي اوز جي تعداد ۾ واڌاري جي ٻي وڏي لهر نائين اليون جي واقعي کانپوءِ ۽ 2005 ۾ ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي کانپوءِ آئي. هن کان اڳ آڪٽوبر 1990ع ۾ آمريڪا پاران پاڪستان تي پابندين جي ڪري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ پنهنجيون سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون هيون جيڪي بعد ۾ مشرف جي حڪومت ۾ بحال ٿيون.

پاڪستان ۾ بين الاقوامي اين جي اوز اڪنامڪ افيئرز ڊويزن وٽ رجسٽريشن ڪرائينديون آهن. هيءَ ڊويزن و خزاني جي وزارت جو حصو آهي. هاڻ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته نئين پاليسي تحت بين الاقوامي اين جي اوز جي رجسٽريشن جو ڪم اڪنامڪ افيئرز ڊويزن بدران وزارت داخلا ڪندي. ان سلسلي ۾ حڪومت بين الاقوامي اين جي اوز کي ٽن مهينن اندر نئين سر رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ چيو آهي ۽ اها رجسٽريشن سخت شرطن تحت ڪئي ويندي. 2013 جي آخر تائين بين الاقوامي اين جي اوز اڪنامڪ افيئرز ڊويزن سان معاهدو ڪري ڪم ڪنديون هيون. 2013 ۾ ئي آءِ اين جي اوز کي هڪ نئين پر عارضي پاليسي تحت رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ چيو ويو جيستائين فارين ڪنٽريبيوشين بل پاس ٿي سگهي. ان پاليسي تحت هن مهل تائين صرف 19 آءِ اين جي اوز رجسٽر ٿي سگهيون آهن.

نئين پاليسي تحت آءِ اين جي اوز کي تسلسل سان پنهنجو گهربل رڪارڊ پيش ڪرڻو پوندو. آءِ اين جي اوز کي جيڪي ڪاغذ لازمي جمع ڪرائڻا پوندا تن ۾ اداري جو تفصيل، انتظامي ڍانچي جو تفصيل، جنهن ۾ ملڪ ۾ اداري جو هيڊڪوارٽر هوندو اتي جي رجسٽريشن جو ثبوت، اداري جو آئين، هر پروجيڪٽ جي فنڊنگ جو ذريعو ۽ اسلام آباد ۾ قائم واسطيدار ملڪ جي سفارتخاني پاران حمايتي خط، ڪم جو دائري ڪار ۽ ڪم ڪرڻ وارن علائقن جو تفصيل شامل آهن. جڏهن ته پابندي پيل علائقن ۾ وڃڻ لاءِ آءِ اين جي اوز جو عملو اڳواٽ لکت ۾ اجازت وٺڻ جو پابند هوندو ۽ ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ آءِ اين جي اوز جي رجسٽريشن رد به ٿي سگهي ٿي.

پاڪستان سول سوسائٽي فورم پاران حڪومت جي نئين پاليسي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب حڪومت تي زور ڀريو ويو آهي ته قومي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز جي ڪم کي تسليم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي پاڪستان جي عوام جي مدد ڪري رهيون آهن. فورم جو چوڻ آهي ته اين جي اوز عالمي سطح تي پاڪستان جي ناماچاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ به اين جي اوز جون ڪوششون نمايان آهن. فورم مطابق سڀني ملڪي قانونن تحت سڀني شهرين جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو