Home / ڪتاب / عورت جي عشق ۽ درد جو شاعراڻو بيان
above article banner

عورت جي عشق ۽ درد جو شاعراڻو بيان

Masoor

رخسانه “پريت” جي شعري مجموعي “نگاهن جا سجدا” کي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي اندر مان سوال آيو ته “شاعري ڇا آهي؟”- ٿوري دير کان پوءِ ان سوال جو جواب به پنهنجي اندر مان ئي آيو. اهو جواب هيو ته “شاعري پيار آهي ۽ تخليق!” پوءِ انهن پيار ۽ تخليق جي ٻن لفظن تي سوچيندي سوچيندي منهنجي سوچ عورت تي وڃي بيهي رهي. اها عورت جيڪا پيار به ڪرڻ ڄاڻي ۽ تخليق به!هونءَ ته مرد به پيار ۽ تخليق ڪري ٿو پر قدرت عورت کي اهي ٻئي صلاحيتون ڪجهه سرس ڏنيون آهن. شاعريءَ جي ديس جي شهزادي پروين شاڪر سچ لکيو هو ته:

میں سچ کہوں گی مگر پھر بھی ہار جاؤں گی

وہ جھوٹ بولے گا اور لاجواب کردے گا.

june 54

مرد ڪوڙ ڳالهائي عورتن کي لاجواب ڪرڻ جو هنر ڄاڻندا آهن پر ان هنر ۾ انهن کي ڪاميابي عورتون ئي ڏينديون آهن جيڪي اهو چڱي طرح سمجهنديون آهن ته اهو ڪوڙ آهي پر پوءِ به ان ڪوڙ تي اعتبار ڪري ٻار جهڙي ڏنگي مرد کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ رانديڪو ٿي وينديون آهن. اهي ناهن چاهينديون ته انهن جو محبوب ڪوڙ پڪڙجڻ تي انهن جي آڏو ڦڪو ٿئي. عورت چاهيندي آهي ته مرد هن جي دل ۽ روح ۾ لهي وڃي پر مرد اڪثر ڪري عورت جي جسم کان اڳتي ئي ناهي وڌي سگهندو- هو جسم تائين سفر ڪري ٿڪجي پوندو آهي ۽ دل ۽ روح تائين پهچي ناهي سگهندو.

ان ڪيفيت کي رخسانه پنهنجي شعر ۾ به لکيو آهي ته:

جسم تَنهن جي تي شاعري ٿئي ٿي

روح تنهن جو ڇو اڻ ڇهيو آهي؟

۽ هڪ ٻئي غزل ۾ هوءَ چوي ٿي ته:

ڀلا ڪيئن ماڳ ماڻيندو؟

قرارن ۾ ٿو اٽڪي پئي.

ڪرڻ دل جو سفر چاهي،

نهارن ۾ ٿو اٽڪي پئي.

رخسانه چاهي ٿي ته روح جي ان رڙ کي به سمجهيو وڃي ۽ ٻڌو وڃي!

روح جي رڙ ٻُڌي نه ٿو ڪوئي

پيار مان ڏِس، سڏي نه ٿو ڪوئي.

مان سمجهان ٿو ته غزل فقط وزن جي پورائي جو نالو ئي ناهي پر ان هر سٽ ۾ تغزل هجڻ لازمي آهي ۽ شاعر جو تغزل جي حاصلات لاءِ پهريون قدم وزن ۾ سگهارو هئڻ آهي. ان کان سواءِ تُز قافيو پڻ غزل جي خوبصورتيءَ کي قائم رکڻ لاءِ تمام ضروري هوندو آهي.

رخسانه ڪٿي ڪٿي فني حوالي سان ڪمزو نظر ٿي اچي. ڪٿي هن عيبدار قافيا جهڙوڪ پٿر، نگر، اثر سان شهر ۽ صبر وارا قافيا استعمال ڪيا آهن ته ڪٿي وري هن جي شعرن جا مصرعا وزن ۾ کُٽي ۽ وڌي به وڃن ٿا. اهڙي قسم جون غلطيون اسان وٽ حسن درس ۽ مظهر لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي سٺي شاعرن به ڪيون آهن. رخسانه جيڪڏهن انهن غلطين کي نه دهرائي ته هوءَ سنڌي غزل ۾ اڃا به وڌيڪ خوبصورتي آڻڻ جي اهل ٿي سگهي ٿي. هن وٽ تمام سٺي ۽ عظيم شاعري هميشه فن ۽ فڪر ٻنهي جو مضبوط هجڻ سان ئي جنم وٺي ٿي. مير يا غالب جو غزل هجي يا اياز يا امداد جو، اهو ان ڪري ئي هميشه سهڻو ۽ پُراثر لڳي ٿو ڇاڪاڻ جو ان ۾ فن ۽ فڪر جو خوبصورت ۽ مضبوط سنگم هوندو آهي.

ڪجهه خيال ۽ لفظ شاعرن جي شاعريءَ ۾ هر هر ظاهر ٿيندا آهن. رخسانه جي غزلن ۾ “درد” جو ذڪر گهڻو ٿو ملي.

هوءَ چوي ٿي ته درد ايترا هُجائتا آهن جو انهن کي دل ۾ اچڻ لاءِ دعوت ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. هوءَ اهو به چوي ٿي ته درد سان دل ٺهي وئي آهي ۽ وري اهي به سوال پڇي ٿي ته:

ڇو رڳو ماڻهو خود ڪشي ٿا ڪن؟

درد ڇو خود ڪشي ڪندو ناهي؟

لطيف سائينءَ چيو ته هو ته انهن تي اعتبار نه ڪجي جيڪي پنهنجا لڙڪ ڏيهه کي ڏيکاريندا آهن. جيڪي سڄڻ کي ساريندا آهن اهي نه ڪي روئندا آهن نه ڪي ڪنهن کي ڪجهه چوندا آهن. رخسانه پنهنجي شعر ۾ به اهڙي ئي قسم جي هڪ خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته درد کي اندر ۾ اوتي ڇڏجي ۽ درد کي سڏڪو نه ڪجي!

درد اوتي ڇڏ اندر،

درد کي سڏڪو نه ڪر!

يا رخسانه جو هي شعر به مون کي لطيفي روايت جي پاسداري ڪندي نظر آيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته:

پئي دردَ آ دُکي ڪيو،

اڄ درد کي دُکائجي!

جيڪڏهن رخسانه جي شاعريءَ کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته شايد مان اهائي سٽ لکان ته “هيءَ شاعري عورت جي عشق جو درد جو بيان آهي!”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو