Home / ڪور افيئر / فخر ايشيا جي پارٽي هي لاش هاڻي دفن ٿيڻ گهرجي!
above article banner

فخر ايشيا جي پارٽي هي لاش هاڻي دفن ٿيڻ گهرجي!

مظهر

5 جولاءِ جو ڏينهن آيو. دستور موجب جنرل ضيا کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ بنا، ته سويلين سرڪارن جي سرپرستيءَ ۾ جنرل ضيا هڪڙي آڪٽوپس جيان ڪيڏو نه وگهري ۽ وڌي آيو آهي ۽ هن جون انيڪ ٻانهون جمهوريت، لبرل سوچ ۽ اقليتن کي ڳٿڙ مان جهليو ويٺيون آهن. جنرل مشرف ۽ جنرل ضيا ۾ فرق اهو آهي ته وقت گذرڻ سان ضيا کي گندو سمجهڻ تي پورو ملڪ متفق ٿي ويو آهي ايتري قدر جو رائيٽ ونگر به هاڻي ان کي گاريون ڏين ٿا نتيجي ۾ سندس ”مائٽ“ کيس ملندڙ گاريون ٻڌي وٺن ٿا ۽ کيس defend نٿا ڪن جڏهن ته مشرف کي هو بچائيندا اچن ٿا ۽ نواز شريف کي برداشت ڪري رهيا آهن.

هن ڀيري 5 جولاءِ کان اڳ فخر ايشيا جي پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين پهريان جنرلن جي خبر ورتي ۽ پوءِ دبئيءَ جي ٽڪيٽ- سفر شايد وڃي لنڊن انت ڪري. سڀنيءَ کي خبر آهي ته لنڊن ڇو وڃبو آهي؟ ڪونه ڪو لنڊن پلان هوندو. يا وري ٻاهر ان لاءِ وڃبو آهي ته جن کي گهٽ وڌ ڳالهائي کين نياپو ڏنو ويندوآهي ته مون سان ڳالهايو، تن جا نمائندا لنڊن جي نويڪلائيءَ ۾ اچي ڳالهيون ڪري سگهن.

فخر ايشيا جي پارٽيءَ جي صوبائي سرڪار کي الطاف حسين سمجهائي رهيو آهي ته ڪيئن صوبائي سرڪار جي اختيارن کي روزانو جي بنياد تي مرڪز چورائي رهيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ڪالوني بنجي وئي آهي. مطلب ته هو قائم علي شاهه کي چئي رهيو آهي ته ”اِنج ڦڙيِدِي اي لالٽين!“

16

تازو عرفان حسين ڊان ۾ ڪالم لکيو ته هر گذرندڙ ڏينهن فخر ايشيا جي پارٽي سُسندي پئي وڃي. پهريان اها علاقائي پارٽي بڻي ۽ هاڻي لوڪل گورنمينٽ جي چونڊن ۾ پتو پوندو ته سندس پنهنجي تر ۾ به ان جو ڪو ڌڻي ڌوڙي آهي يانه. واقعي به اهو سوال سوچڻ جو آهي ته سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۾ هي پارٽي ڪيتري ۾ وڪامندي؟ هنن جيڪو لوڪل گورنمينٽ بل ٺاهيو هو تنهن ۾ اميدوارن کي انفرادي چونڊ وڙهڻ بدران پينل جي شڪل ۾ چونڊ وڙهڻي هئي. اهو بندوبست بعد ۾ هنن تبديل به ڪيو پر ان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته پارٽيءَ کي هاڻي پنهنجي غلام ووٽرز مان ڪا گهڻي اميد ڪانهي. لوڪل گورنمينٽ جو قانون جنهن ۾ هنن پاڪستان جي آئين کان به وڌيڪ ترميمون ڪيون آهن سو بدترين قانون آهي. هنن سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي رڳو ان مونجهاري ۾ وجهي رومال چورايو آهي ته پارٽي ڪراچيءَ کي هڪ ضلعي طور اليڪشن وڙهڻ ڪانه ڏيندي. مطلب ته ان جي آڙ ۾ ٻيا سمورا ضلعا چورائي ويندي. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن طهرجڻ واري ڇوڪر کي سوني جهرڪي ڏسڻ لاءِ چئبو آهي ۽ تيسين ڪم ٿي ويندو آهي.

فخر ايشيا جي پارٽي عرف وڏيرا ويلفيئر اينڊ ڊويلپمينٽ ٽريڊ يونين سنڌي ماڻهن کي عرصي کان سوني جهرڪي ڏيکاريندي پئي اچي. سڄي سنڌ پينافليڪس جي پاليوشن ۾ ورتل آهي. روڊ ڀڳو پيو هوندو، گٽر وهي رهيا هوندا، سڙڪون ڪچري جا ڍير بڻيل هونديون پر مٿان فخر ايشيا ۽ سندس ڪٽنب جي تصويرن هيٺيان ڪارا چشما پاتل ڪڙهائي گوشت کائي کائي ٿلها ٿيل واهيات وڏيرا ڇپيل هوندا آهن. هن رذيل راند جو ان وقت تائين ڪو انت ڪونه ٿو نظر اچي جيستائين سنڌي ووٽر پنهنجو واهيات پڻو پاڻ نٿا ختم ٿا ڪن. مون گذريل جنرل اليڪشن وقت لکيو هو ”پي پيءَ کي تون تيلي ڏي، سنڌ وڌي تبديلي ڏي!“ مون ۽ منهنجي ايڊيٽر ان نعري ۾ موجود شدت کي گهٽائڻ (يا لڪائڻ) لاءِ بعد ۾ اها ترميم ڪئي ته ”ڪاٺ ڪٻاڙ کي تيلي ڏي، سنڌ وڌي تبديلي ڏي!“ منهنجو دليل اهو هو ته ههڙي محسن ڪش، منحوس ۽پيراسائيٽ پارٽيءَ جي سوڪالڊ جمهوري جلوس ۾ شامل ٿيڻ بدران ڪن گهٽ واهيات ۽ پهريون ڀيرو ڏنگيندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ وري به انقلابي عمل هوندو. پر نئين زماني جي فخر ايشيا دانشورن جو چوڻ هو ته هن پارٽيءَ ۾ سنڌين جو ووٽ بينڪ هڪ جائتو ۽ سالڊ آهي، جي اهو ورهائجي ويو ته سنڌ کي نقصان ٿيندو. بينڪ اسان جي، نوٽ ۽ ووٽ پرايا! منهنجو خيال آهي ته ووٽ ورهائجڻ سان سنڌي گهٽ ۾ گهٽ اهو ٽيسٽ ته ڪري ڏسندا ته وڌ ۾ وڌ ڪهڙي سلفي ڀڄي پئي آهي؟هونئن به سنڌ وٽ وڃائڻ لاءِ بچيو ئي ڇا آهي؟ پر جمود پرست جمهوري دانشور فخر ايشيا جي پارٽيءَ تان نر پکي هڪليندا رهيا ۽ پارٽي ريٽرننگ آفيسرن جي خريد و فروخت سان وري داخل دفتر ٿي وئي.

جيڪڏهن ڏسجي ته فخر ايشيا جي پارٽيءَ سنڌ تي جمود قائم رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ٺاهيل اوزار آهي ۽ اصل مالڪ به ان اوزار کي وقت به وقت تيل ڏيندا رهن ٿا ته جيئن سنڌي جيئن جو تيئن ذليل ۽ خوار رهن. هي پارٽي ته صحيح معنيٰ ۾ انهن جي پاليل سوني جهرڪي آهي. ههڙي جديد زماني ۾، جڏهن اک ڇنڀ ۾ ٽيڪنالاجيءَ، معيشت ۽ سياست جا انقلاب پيا اچن، سنڌ کي هڪ ئي انڌي کوهه اندر ٽيهن سالن کان روڪي رکڻ سامراج جي ڪا گهٽ خدمت آهي ڇا؟ پندرهن سالن کان سنڌ تي جنهن جيوتي باسوءَ جي حڪومت آهي تنهن جو رحمان ملڪ شرجيل ميمڻ آهي. هيءَ سرڪار سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تباهيءَ جي صدارت ڪري رهي آهي. ضرور ڪنهن لنڊن پلان جي نتيجي ۾ اصل مالڪن ۽ هن پارٽيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل عارضي اختلافن کي نبيريو ويندو ۽ سيپٽمبر ۾ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ۾ سنڌين جي ووٽن جو هڪ ٻيو فصل لهندو.

عرفان حسين پنهنجي آرٽيڪل ۾ چيو هو ته فخر ايشيا جي پارٽيءَ جي بتدريج خاتمي ۽ ”ختمي“ جي نتيجي ۾ سنڌين کي ڪو نقصان ٿئي يا نه ٿئي پر پاڪستان کي ضرور نقصان ٿيندو جو هن ملڪ ۾ لبرل ۽ سيڪيولر سوچ سان گڏ اقليتن ۽ عورتن جي حقن جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن چپ چوريندڙ واحد وڏي پارٽي مري ويندي. شايد عرفان حسين صحيح آهي. پر ڇا اهو الميو ڪونهي ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مجرم پارٽي هن ملڪ ۾ لبرل ۽ سيڪيولر سوچ سان گڏ اقليتن ۽ عورتن جي حقن جو اڪيلو آواز آهي يا اڪيلو سرٻاٽ آهي. بگهڙ رڍن جو چوڪيدار آهي! اصل ۾ ان ڪم جي به مارڪيٽ موجود آهي ۽ فخر ايشيا جي پارٽي جيڪا انهن مان ڪنهن به ڪم ۾ سنجيدگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان انٽريسٽيڊ ڪانهي سا اهڙي قسم جو سانگ رچائي اسٽيبلشمينٽ کان ڀتو وصول ڪري ٿي. سنڌين جي پارٽي هجڻ، سنڌ ڪارڊ جو ڀتو الڳ آهي ۽ سويلين ملٽري لاڳاپن ۾ پاڻ کي سويلين ۽ جعلي جمهوري سوچ جي نمائندي سڏرائي الڳ ڀتو وصول ڪري ٿي. اسان کان احمدين کي ڪافر قرار ڏيارڻ ۽ مولائيءَ ماڻهن جي دوا دارون جا دڪان بند ڪرائڻ واري پارٽي ڪانه وسري آهي جنهن تي عرفان حسين جهڙا دانشور الزام هڻي رهيا آهن ته اها هن ملڪ ۾ لبرل ۽ سيڪيولر سوچ سان گڏ اقليتن ۽ عورتن جي حقن جو اڪيلو آواز آهي. جيڪڏهن اها ان ڪم ۾ سنجيده هجي ها ته اها آواز نه پر گوڙ ڪري ها. هيءُ ته رڳو ٺڪرن جي ٺڙ ٺڙ آهي جنهن جي مسواڙ اڪيلي سر سنڌي ڀري رهيا آهن. اسان جي پياري شاعر ۽ فخر ايشيا جي پارٽيءَ لاءِ جيل ڪاٽيندڙ سچي جيالي ارشاد ساگر لکيو هو:

جڏهن ديو اوندهه جي، لهڻو اڳاڙيو

سُڃا چنڊ تنهنجون ڀريون سين چٽيون!

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي نئين زماني ۾ پنهنجي مفادن کي اڳيان رکي ايندڙ وقتن جي چيلينجز کي نظر ۾ رکي سنڌ جو Vision 2015-2030 تيار ڪن ۽ جيڪڏهن فخر ايشيا جي پارٽي ان ۾ فٽ نٿي ٿئي يا مرڳو نقصان ڏيئي سگهي ٿي، ته ايندڙ لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن ۾ ان کي سنڌ نيڪالي ڏيڻ جو verdict ڏين. ٻين صوبن اڳ ئي ان کي رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي. ڀٽي جو قرض وصول ڪندڙ ڪرمنل ڪاٽڪوئن جو هي گروهه سنڌ جي هڪ هڪ شهر، هڪ هڪ گهٽيءَ، هڪ هڪ ڳوٺ جي هڪ هڪ مرد، عورت ۽ ٻار جو قرضي آهي. بهترين دليلن سان لکيل تاريخي مقدمي ۾ هنن تي انسان ذات خلاف ڪيل هنن جي ڏوهن جي فرد جرم لاڳو ڪئي وڃي ۽ ان کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سياسي طور سنگسار ڪيو وڃي. هي پارٽي جيڪڏهن پٺاڻن کي پياري آهي ته کين دعوت ڏني وڃي ته اهي پنهنجي پياريءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي هندوري ۾ ويهارين. هي جيڪڏهن پنجابين جي نورچشم آهي ته کين پنجابيءَ ۾ عرض ڪيو وڃي ته پنهنجي چهيتيءَ کي وٺي وڃي شاهي محلي ۾ داخلا ڏيارين.

جڏهن نيشنل عوامي پارٽي غير سنڌي ڪميونسٽن جي اشارن تي هلي رهي هئي ۽ سنڌ مان ان جو هونئن ئي صفايو ٿي چڪو هو ته رسول بخش پليجي ”صبح ٿيندو“ ۾ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ”هي لاش هاڻي دفن ٿيڻ گهرجي!“ پليجي جنهن خاص تجزئي سان اهو ايڊيٽوريل لکيو هو سو تڪراري ٿي سگهي ٿو، پر هن لکيو هو ته ”نيشنل عوامي پارٽي سنڌ ۾ هڪ لاش آهي جنهن کي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مهر حسين شاهه ڪلهن تي کڻي هلي رهيا آهن. هي لاش هاڻي ڌپ ڪري ويو آهي. نعپ جا ڪانڌيو، هاڻي هن لاش کي دفن ڪريو.“

سنڌ ۾ نعپ جا ڪانڌي ته وري به ڪي سڄاڻ ماڻهو هئا. فخر ايشيا جي پارٽيءَ جا ڪانڌي لڳي ٿو ته ادي ۽ ٽپي ٿيندا!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو