Home / اسپيشل افيئر / فوجي آپريشن ۽ سنڌ جي سياسي نفسيات
above article banner

فوجي آپريشن ۽ سنڌ جي سياسي نفسيات

  fhmeda rayazهڪ وقت هو جڏهن سنڌ ۾ هڪ اهڙو ڪور ڪمانڊر آيو جنهن سان سنڌين محبت ڪئي- اهو هو جنرل آصف نواز جنجوعه- هو ڪير هو؟ وڪي پيڊيا تي وڃي سندس بابت معلوم ڪري سگهجي ٿو. ايئن ته مون اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي ناول “ڪراچي” ۾ لکيون آهن ته سنڌين کي فوج جي ڪن ماڻهن سان ڪڏهن قربت محسوس ٿي- هو پنجابي هو، جهلم ۾ ڄائو هو.

وڪي پيڊيا موجب “چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي مقرر ٿيڻ کان ترت پوءِ جنرل آصف نواز جنجوعه چيو ته فوج جو سياست ۾ ان کان سواءِ ڪو ڪردار نه آهي ته اها جمهوري حڪومت ۽ ملڪ جو تحفظ ڪري. هن چيو ته مارشل لا جي وڏي عرصي دوران فوج جي ساک متاثر ٿي آهي ۽ ان جي آفيسرن تي ڪرپشن جا الزام لڳا آهن. جنرل آصف نواز جنجوعه جي سوچ اولهه ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ هئي، هو مختصر عرصي لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو، جنهن دوران هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ان کان اڳ به ويجها اتحادي رهيا هئا. هو روشن خيال قدرن تي يقين رکندو هو جنهن ڪري هو ڀارت سان بهتر عسڪري لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رهيو ۽ پنهنجي پيشروئن جنرل ضيا الحق ۽ جنرل اسلم بيگ طرفان جاري اسلامي بنياد پرستي جي هاڃيڪار پاليسي کي ترڪ ڪيو. نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ فوج حيراني جي حد تائين آزاد پريس ۽ روشن خيال قدرن جي محافظ بڻجي وئي.

JUNE 32

سنڌ ۾ ٿيندڙ آپريشن

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جنرل آصف نواز جنجوعه سياسي طور اڀري آيو ڇو ته ان وقت سنڌ صوبو پنهنجي تاريخ جي پرتشدد دور مان گذري رهيو هو. لساني گروهن جهڙوڪ سنڌين ۽ مهاجرن وچ ۾ ٿيندڙ خونريز ويڙهه ۾ هزارين ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا هئا ۽ اهڙين حالتن ۾ جنرل جنجوعه جي فوجي جٿن کي اڪثر ڪري ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ شهري تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. ان جو سنڌ ۾ تجربو ڪافي مثبت رهيو. اهو ئي سبب آهي جو گذريل سال حڪومت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ ۾ فوج کي مقرر ڪيو. فوج جي سربراهه جي حيثيت سان سندس هڪ اهم ڪاميابي سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن پڻ هو جنهن ۾ هن پنهنجا بهترين آفيسر مقرر ڪيا جن کي دادو ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سڌي ريت حڪم جاري ڪيا ويندا هئا. انڊس رينجرس انهن ڪاررواين جي نگران هئي جنهن ڪري انهن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. ميجر شميم احمد ونگ ڪمانڊر طور مقرر ٿيو جنهن کي پوءِ فورس ڪمانڊر بڻايو ويو جيڪو ساڻس سڌي ريت رابطي ۾ رهندو هو. ميجر شميم احمد 80 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ۽ 90 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪشمور کان اغوا ٿيندڙ جاپاني انجنيئرن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ آپريشن جي اڳواڻي ڪئي هئي. جنرل آصف نواز جنجوعه 8 جنوري 1993 ۾ ظاهري طرح دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو راولپنڊي ۾ پنهنجي گهر جي ويجهو جاگِنگ ڪري رهيو هو ته کيس دل جو دورو پيو جنهن مان هو چڙهي نه سگهيو. چيو وڃي ٿو ته سندس موت پراسرار نموني ٿي.

جنرل آصف نواز جنجوعه جي بيواهه ان معاملي جي جاچ ڪرڻ ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل اسد دراني به ان ڪيس جي جاچ جي حمايت ڪئي. ان کانپوءِ جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ فوج جي ڪمانڊ سنڀالي.

اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو جنرل آصف نواز جنجوعه بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته: “هو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پيشيور سپاهي هو”. هن وڌيڪ چيو هو ته “هو فقط اهو ڪم ڪندو هو جنهن بابت هو چوندو هو ته آءُ اهو ڪم ڪندس…. هن فوج کي سياست کان پري رکيو پنهنجي ڪيترن ئي پيشروئن جي ابتڙ هن جا ڪي وڏا مقصد نه هئا هو گهڻو ڪري اها ڳالهه ڪندو هو ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو رليڪس زندگي گذاريندو. هن جو اهو انداز انهن جرنيلن کان مختلف هو جن سياست ۾ طبع آزمائي ڪئي.”

جنرل آصف نواز جنجوعه

ان سنڌ ۾ جيتري محنت ۽ جاکوڙ سان ڌاڙيلن تي ضابطو آندو ان عمل کيس سنڌي عوام ۾ ڪافي مقبوليت ڏياري هئي. هن لاءِ پاڪستان جو ساک رکندڙ اسڪالر احمد رشيد لکي ٿو ته: هو پاڪستان ۾ روشن خيالي جي ترقي چاهي پيو ۽ پريس جي آزادي جي حفاظت ڪندو هو. هن جي ڀاءُ ۽ زال کي پڪ آهي ته سندس موت قدرتي نه هئي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته سليوٽ جنرل آصف نواز- توهان هڪ بهتر پاڪستان لاءِ جا ن قربان ڪئي.

صلہ شہید کیا ہے۔ تب و تاب جاودانھ

سنڌ سان ڇا ٿيو؟

جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب جو ڌيان هن پاسي نه هو ان جي باوجود سنڌ ۾ پهريون دفعو چونڊون ٿيون ته سنڌي اقتدار ۾ آيا. تڏهن پهريون ڀيرو سنڌين کي لڳو ته سنڌ اسان جي آهي. اونرشپ پيدا ٿي، ڀٽو صاحب جي گرفتاري ۽ ڦاسي سنڌين تي وڄ ڪيرائي وڌي. اهو داغ سندن دل مان نه ويو ۽ شايد اهو به اڻ ڪافي هو جو سندس نياڻي کي به ختم ڪيو ويو. سنڌي ڀٽو لاءِ نه پر سنڌ جي اونرشپ لاءِ روئن ٿا. افسوس افسوس- سنڌ جي مختصر مسلمان سول سوسائٽي نهايت ارمان سان پاڪستان ٺاهيو.

سنڌ سان اڃا ڇا ٿئي؟

سنڌ يتيم جو مال ڪيئڻ بڻي؟ ان جي اونرشپ ڪنهن وٽ ڇو نه آهي؟ سنڌ مان هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ ننڍا وڏا جاگيردار وڌيڪ مضبوط ٿيا. ڀٽو صاحب جاگيردارن کي ڪمزور ڪيئن ڪري ها؟ هن ته کليل طور جاگيردارن سان اتحاد ڪيو هو. ڪارڻ اهو ٻڌايو ويو هو ته جاگيردار سامراج جا اتحادي نٿا بڻجي سگهن، ڏسو هالا ڪانفرنس جو بيان. ڀٽو صاحب جو سمورو ڌيان سامراج مخالف جنگ تي هو. پاڪستان جي اندورني حالتن تي گهٽ هو. ان ڪارڻ ئي سامراج جي اشاري تي ضياءُ الحق کيس موت جو مزو چکايو. ٻيو ڪو به سبب سمجهه ۾ نٿو اچي ته فوج ان وقت ٽيڪ اوور ڇو ڪيو جڏهن ڀٽو صاحب جو نو ستارن سان ٺاهه ٿي چڪو هو. اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ضيا الحق جيڪو خط آمريڪي صدر کي لکيو هو، ان جي ڪاپي مون پنهنجي رسالي “آواز” ۾پڻ شايع ڪئي هئي. ان خط ۾ ضياءُ الحق لکيو هو ته: انقلاب ايران کانپوءِ خطي ۾ توهان جي مفادن کي نگهباني ڪرڻ وارا بس هاڻي اسان ئي رهجي ويا آهيون ۽ ان ڪري هو هوا جي گهوڙي تي سوار افغانستان جهاد ۾ لڳي ويا ۽ آمدني به جام ٿي.

ضياءُ الحق جي دور ۾ سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ شديد ويڳاڻپ جو شڪار ٿيڻو پيو. حڪومت فوج جي هئي ۽ فوج ۾ ته ڪو به سنڌي نه هو. سنڌين کي پاڻ سنڌ جي اونرشپ ڪڏهن به نه ملي سگهي. هتي ڪو به جنرل اعظم جهڙو فوجي ذميوار به نه آيو جنهن بنگالين جون دليون کٽي ورتيون هيون ۽ هو بنگال ۾ ڪنهن بنگالي کان وڌيڪ مقبول ٿي ويو هو- يعني رڳو اٿينسٽي ئي هر شيءِ ناهي هوندي. جيڪڏهن عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته پنجابي يا اردو ڳالهائيندڙ به سنڌ ۾ مقبول ٿي پئي سگهيا ۽ سنڌين کي پنهنجي اونرشپ جو احساس ٿي پئي سگهيو. انهي اونرشپ جو احساس سنڌين ۾ اڄ به نه آهي. سمورن سنڌي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ۾ به نه آهي، ان ڪري ضيا جي دؤر کان وٺي سنڌي ڪامورا ۽ سياستدان فقط ڪرپشن ۾ ئي خوش آهن ۽ زنده لاشن جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن ڇو ته بينظير کي هڪ سال به چين سان گذارڻ نه ڏنو ويو ۽ پوءِ کيس آخرڪار قتل ڪيو ويو. گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جو جاگيردار پنجابي جاگيردارن وانگر پنهنجي دولت کي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نه آڻي سگهيو آهي. ان جو سبب سندس نا تجربيڪاري ۽ قومي بئنڪن جو گهٽ سهڪار هو. پنجاب آزادي کان اڳ به وڌيڪ ترقي يافته هو يعني جيڪو پهرين اڳتي هو اهو هاڻي به اڳتي وڌيو آهي. پٺتي پيل وڌيڪ پٺتي پئجي ويو. اهو ئي ايڪانامِڪ قوتن جو دستور آهي جيڪڏهن ان روش کي لغام نه ڏنو ويو ته امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب بڻبو.

منهنجي سنڌ

ڀڳل ٽٽل گندا شهر، ڀڳل ٽٽل رستا، تعيلم ۾ سڀ کان پوئتي، اسپتالن جو نالو نشان نه آهي، غذائي قلت جو شڪار جوان ۽ ٻارڙا، وڏي پئماني تي ٻهراڙي جي آبادي ڀنگ پيئڻ جي عادي- جيڪا ماڻهو کي سست بڻائي ٿي. گٽڪي جي ايڊڪشن جنهنجو وات کلي تنهنجا ڳاڙها پيلا ڏند ڏسي سگهجن ٿا، مٿي جا وار جواني ۾ ئي اڇا. سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين کي حالتن ايئن بڻائي ڇڏيو. منهنجا مهربان دوستو! منهنجا ماءَ پيءُ يو پي کان آيا هئا. منهنجي امڙ ٻڌائيندي هئي ته حيدرآباد ڪيترو خوبصورت ۽ صاف سٿرو شهر هو. يو پي جي شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبصورت. اهي هتي اچي حيران ٿي ويا هئا. هتي قدم قدم تي باغيچا ٺهيل هئا. منهنجو مڙس به سنڌي آهي. سندس وڏي ڀيڻ نوشهروفيروز جي هڪ ڳوٺ اڇي مسجد ۾ رهندي هئي ۽ 8 جماعت تائين انهي ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهي هئي. سندس ڌي ۽ ڏهٽي لاءِ هاڻي اتي ڪو به اسڪول نه بچيو هو ان ڪري ڪو به اسڪول نه ويو.

ٿي سگهي ٿو آبادي جي اوچتو وڌي وڃڻ منفي اثر وڌا هجن ليڪن ان ڳوٺ جو اسڪول نون ماڻهن جي اچڻ سان ته نه ختم ٿيو هوندو. ان ڳوٺ تائين ته نوان ماڻهو ويا به نه هوندا. ڪجهه قدر هئا جيڪي ختم ٿي ويا ۽ هن قوم کي مايوسي جڪڙي ورتو. هن قوم جو ئي پڙهيل لکيل طبقو سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي کان الڳ ڪرڻ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سڀ کان اڳيان هو، “هلال پاڪستان” نالي اخبار سکر کان آزادي کان ٻه سال اڳ شايع ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي. ٻيون به ڪيتريون اخبارون سنڌي ۽ فارسي ۾ شايع ٿينديون هيون، چون ٿا ته هڪ وقت هو جڏهن ٺٽي ۾ ٻه سو فارسي شاعر موجود هئا هاڻي ٺٽي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي. ڇا هاڻي اهو ٻيهر ڪنڌ کڻي سگهندو. ڇا ٿو چئي سگهجي.

فوج کي ڳڙهي ياسين جا ٻيلا ڏيڻ

آءُ نيٽ تي ڳڙهي ياسين جا فوج کي ڏنل ٻيلا ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان- اڙي هي ڇا؟ هي سڀ ٻيلا جهنگلي جيوت لاءِ رِزروڊ ٻيلا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا ان معاملي کي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي؟ ڇا اهي ٻيلا فوج کي ڏيڻ جو وزير ۽ سيڪريٽري کي اختيار آهي؟

ٻيلا ڏيڻ جو جيڪو اهو اعلان ٿيو آهي ان تي دل ڏکي رهي آهي. ڇا ڀلا سنڌ ڪنهن يتيم جو مال آهي؟ هي پاڪستاني قوم کي تعمير ڪرڻ جو طريقو نه آهي- نه آهي- نه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو