Home / پروفائيل / قومي ڪارڪن در محمد عالماڻي جو وڇوڙو
above article banner

قومي ڪارڪن در محمد عالماڻي جو وڇوڙو

DR Muhammad Almaniدر محمد عالماڻي سان منهنجي زندگيءَ جي سياسي جدوجهد جو گهڻو وقت گڏ گذريو، سندس ڪيئي يادون  آهن، ڪيئي گڏيل جدوجهد جا يادگار مرحلا آهن، جن تي ڪوشش ڪري آءُ لکندس. هتي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختصر ڳالهيون ڪريون ٿا.

در محمد عالماڻي 10- سيپٽمبر 1955 تي ڳوٺ ٺوڙها لڳ جوان جتوئي، تعلقي مورو، ضلعي نوشهرو فيروز  ۾ پيدا ٿيو. ان وقت ضلعو نواب شاهه هيو. سندس والد بزرگ ميوو خان عرف برڪت فقير صوفي منش فقير صفت انسان هيو. سندن خاندان جو تعلق سڪرنڊ جي ذڪري پيرن جي درگاهه سان هيو. سندن خاندان ۾ ذڪر فڪر ڪرڻ جي روايت اڄ تائين هلندي اچي، شادي، غمي ۾ هي فقير گڏجي ذڪر ڪندا آهن. پر در محمد عالماڻي جو والد گيڙو ڪپڙن وارن صوفين کان به گهڻو متاثر هيو ۽ راڳ رنگ وارا صوفي فقير ور ور ڏئي سندس حاضري پيا ڀريندا هئا. سندس هدايتن موجب وفات کان پوءِ سندس جنازو يڪتاري ۽ چپڙي وارن فقيرن جي آلاپ ۾ کنيو ويو هو، آءُ به اتي موجود هيس ۽ ٽيجهي تائين سندس تڏي تي صوفي راڳ جي محفل رچائي ويندي هئي. اهڙي ماحول ۾ در محمد عالماڻي جي پرورش ٿي ۽ مئٽرڪ پاس ڪري هن ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. بعد ۾ ايم. اي سوشيالاجي ۾ ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ سندن پهرين رهائش گذري جي علائقي ۾ ٿي جتي 1978ع ۾ هي جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ هو ڪراچيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مکيه ٽيم ۾ شامل ٿي ويو. هن ٽيم ۾ شروعاتي طور قربان جتوئي، مشتاق شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، محمد هاشم کوسو، هاشم ميمڻ، علي نواز ٻٽ، خادم ٻٽ، در محمد عالماڻي، سيد سلام شاهه لياري وارو، سؤٽ عبدالغني جوڻيجو ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل هيا. 1983ع ۾ در محمد عالماڻي ۽ مون کي عبدالخالق جوڻيجوحڪم اچي ٻڌايو ته “اوهان سنڌي پورهيت سنگت ۾ ڪم ڪريو، اِها مرڪزي سنگت جي صلاح آهي. انهي وقت تائين ڪراچيءَ ۾ عبدالرحمٰن شيدي، انور ميمڻ، آصف حمايتي، باغ علي ٻگهيو، سيد قائم الدين شاهه، منظور سامٽيو، قربان ڪمانگر، سيد عابد شاهه ۽ ڪجهه ٻيا دوست ڪافي متحرڪ ٿي چڪا هيا.

june 48

اهو زمانو آهي جڏهن عبدالواحد آريسر جيڪو جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين هيو، جيئي سنڌ محاذ جو نئون آئين پاس ٿيڻ تي جيئي سنڌ محاذ جي پراڻي سينٽرل ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي هئي ۽ پاڻ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين شپ تان رضاڪاراڻي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي ۽ هڪ سال لاءِ سيد قائم الدين شاهه چيئرمين چونڊيو ويو ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ تي اهڙا ميمبر رکيا ويا جيڪي اڳ ڪڏهن به سينٽرل ڪميٽيءَ تي نه رهيا هيا. اها مرڪزي باڊي سنڌي پورهيت سنگت جي چونڊن ۾ پنهنجي مرضيءَ جي باڊي چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ باغ علي ٻگهيو سنڌي پورهيت سنگت جو چيئرمين ٿيو. هي سينٽرل ڪميٽي ۽ ان جو چيئرمين سٺو جذبو رکندڙ هيا، ليڪن انهن تي سنڌ اندر هلندڙ ڪميونسٽ تحريڪ جا اثر ضرور هيا. رحمٰن خاصخيلي ڪميونسٽ ٿي چڪو هو، هو اسان سڀني کي جدلياتي ماديت تي ليڪچر ڏيندو هيو، ٻيو ته ٺهيو پر منظور سامٽيو به جدلياتي ماديت تي ليڪچر ڏئي رهيو هو، هنن پراڻي ليڪچر سسٽم کي به ڊاهي پنهنجو سسٽم چالو ڪيو، ٻيو اهو ته هنن کي بنا محنت جي سڄي ساري جماعت ملي وئي هئي جيڪا ڳالهه هنن جي تصور کان ئي ٻاهر هئي. هي تنظيم هلائڻ واري حساب سان ناتجربيڪار هيا ۽ مخالف پروپئگنڊا جي سامهون بيهي نه سگهيا ۽ عهدا وغيره ڦٽا ڪري جيئي سنڌ محاذ کي ڇڏي ويا. هنن جي ڇڏي وڃڻ سان، سڄي جماعت هڪ وڏي مونجهاري ۾ ڦاسي وئي مخالف گروپ جيڪو گهڻي وقت کان عطاءُ الله انڙ جي اڳواڻي ۾ سرگرم هيو انهيءَ موقعو غمينت ڄاتو، حبيب الله ناريجو، ڊاڪٽر مخلص مغل قمر، ڀٽي اهي سڀ متحرڪ ٿي شاگردن کي آ ڏو آڻي ميدان ۾ لٿا. صورتحال اهڙي اپئدا ٿي جو مخالف گروه سائين جي. ايم. سيد وٽ دانهين ٿيو، جتي جيئي سنڌ محاذ جي عبوري سينٽرل ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ فريادي ڌر کي نمائندگي ڏني وئي، سنڌي پورهيت سنگت لاءِ عبوري باڊيءَ جو چيئرمين بخشل سيال کي مقرر ڪيو ويو، جيئي سنڌ محاذ جي عبوري سينٽرل ڪميٽيءَ جو چيئرمين عبدالواحد آريسر کي مقرر ڪيو ويو. هڪ اليڪشن ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ رسول بخش ٿيٻو، جمن دربدر ۽ ڪنهن ٻئي ميمبر کي کنيو ويو.

جيئي سنڌ محاذ جي نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ عبدالواحد آريسر چيئرمين چونڊيو ويو ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ جي اڪثريت عبدالواحد آريسر جي هم خيال چونڊجي آئي.

سنڌي پورهيت سنگت جو اجلاس به سن ۾ ٿيو اهو 1984ع جو زمانو هيو، اجلاس ۾ اسانجي مخالف گروهه جنهن جي اڳواڻي قربان اعواڻ پئي ڪئي، اسان تي الزام هينو ته اهي باغ ٻگهيو جا ايجنٽ آهن، ان ڪري انهن کي سنڌي پورهيت سنگت جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو وڃي. سنڌي پورهيت سنگت جي چونڊ رسول بخش ٿيٻو کي ڪرائڻي هئي، پر معاملو وڃي سائين جي. ايم. سيد تائين پهتو. سائين پاڻ اچي اجلاس ۾ ويٺو، وڏي جهڳ جهڳ هلي، مخالفن جو گهڻو زور منهنجي حوالي سان هيو ته “هي باغ ٻگهيو وارن جو ايجنٽ آهي” مون رضاڪارانه طور اُٿي بيهي سائين جي. ايم. سيد کي عرض ڪيو ته “سائين آءُ هٿ کڻان ٿو، باقي ميمبرن ۾ چونڊ ٿيڻ گهرجي. نتيجي طور جيڪا باڊي ٺهي انهيءَ جو چيئرمين قربان اعواڻ ۽ وائيس چيئرمين در محمد عالماڻي چونڊجي ويا، عبدالمالڪ مهر، غلام محمد ڀٽي ۽ ٻيا باڊيءَ جا ميمبر چونڊيا. سائين جي. ايم. سيد سمورن جون تقريرون ٻڌين ۽ آخر ۾ هڪ عجيب مسڪراهٽ سان هڪ نصيحت آميز مزاحيه گفتو چيائين جنهن مان مراد هئي ته “معاملو صرف عهدن جو آهي” مطلب ته تنظيمي ڪم جي ڳڻتي ناهي پر عهدا گهرجن.

سائين جي. ايم. سيد جي موجودگي ۾ عهديدارن کي رسول بخش ٿيٻو حلق وفاداري کڻايو ۽ اجلاس پورو ٿيو.

قربان اعواڻ ڏوڪري جو هيو ۽ هن جو هيڊ ڪوارٽر پاڪستان اسٽيل مل ۾ هيو، هو پاڻ کي سائينٽفڪ صوفي ازم جو پيروڪار سڏائيندو هو، پاڻ به ڳائيندو هو ۽ اسٽيل مل ۾ راڳ رنگ جي محفل رچائيندو هيو. سندس چوڻ هوندو هيو ته ڪنهن به صوفيءَ لاءِ حسن مجبوري هوندو آهي ان ڪر راڳ جي محفل دوران حسين نوجوان سامهون هجڻ ضروري آهي.

در محمد عالماڻي جيڪو به بنيادي طور صوفي خاندان جو هو پر هاڻ مٿس الزام هنيو ويو ته “پاڻ نه رڳو ڪميونسٽ آهي پر ڪميونسٽن جو ايجنٽ آهي، وڏو ڪميونسٽ عبدالواحد آريسر آهي، جنهن سان در محمد جو لڳ لاڳاپو آهي”.

در محمد عالماڻي راڳ رنگ جي محفل ته ڪو نه رچائي پر هن سنڌ جي مزدورن ۾ تنطيم ڪاريءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون انهيءَ تنظيمي ڪم ۾ عبدالمالڪ مهر ساڻس ٻانهن ٻيلي هيو ۽ هن مون کي به ڪي. اي. ايس. سي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ ڊيوٽي لڳائي. اسٽيل مل ۾ هن جو گهڻو لڳ لڳاپو منظور ابڙو سان هيو، منظور به سندس گهڻو خيال رکندو هيو. تنظيمي ڪم جي حوالي سان سنڌي پورهيت سنگت جي مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس کان اڳ ۾ هو (در محمد عالماڻي) اسان کي گهرائيندو هيو، انهيءَ اجلاس ۾ در محمد عالماڻي، عبدالمالڪ مهر، علي نواز ٻٽ، منظور ابڙو، ڪي. پي. ٽي مان عبدالطيف کوسو شريڪ ٿيندا هيا سون. هو اسان سان بحث مباحثو ڪري، مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس ۾ ويندو هيو. مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس ۾ پنجن عهديدارن مان ٽي هڪ پاسي ته ٻه ٻئي پاسي هوندا هيا. ان ڪري ڪو مثبت فيصلو وٺڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. در محمد عالماڻي سان صرف عبدالمالڪ مهر هوندو هيو. هڪ پاسي هي پڙهيل لکيل ٻئي اڳواڻ هيا ته ٻئي پاسي قربان اعواڻ، عطا محمد ڀٽي سادو ۽ ايماندار ورڪرهيو پر هو هلندو هنن جي صلاح سان هيو. اهڙي ماحول ۽ صورتحال ۾ به در محمد عالماڻي ڪوشش ڪري مثبت فيصلا ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو هو.

جيتوڻيڪ سنڌي پورهيت سنگت سڄي سنڌ ۾ مضبوط ۽ متحرڪ 1986ع کان پوءِ ٿي پر در محمد عالماڻي جي ڪوششن سان سنڌي پورهيت سنگت ڪراچيءَ کان نڪري هاڻ ٺٽي کان سکر ۽ گڊو ٿرمل تائين پنهنجي تنظيم کي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

در محمد عالماڻي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان پورهيتن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ليڪچر پروگرام شروع ڪرايا، اهڙو هڪ ليڪچر پروگرام هن عبدالمالڪ مهر ۽ منظور ابڙو سان صلاح مشوري کان پوءِ اسٽيل ٽائون ۾ رکرايو، اهو ليڪچر ڏيڻ لاءِ عبدالواحد آريسر کي چيو ويو. سڄو پروگرام طئي ڪيو ويو. عبدالواحد آريسر صاحب انڙ آباد کان ڪراچي پهچي چڪو هيو، قربان اعواڻ وارن اعلان ڪيو ته عبدالواحد آريسرڪميونسٽ آهي ان ڪري اهو ليڪچر نٿو ڏئي سگهي. اسٽيل مل يونٽ جو صدر غلام مصطفيٰ قريشي هيو. در محمد عالماڻي تنطيم جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي چارج لڳائي اسٽيل مل يونٽ جي باڊي ٽوڙي ڇڏي ۽ محمد لغاري، امجد منگي ۽ هڪ ٻئي ميمبر تي ٽي رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي قائم ڪئي. جنهن کان فيصلو ڪرايو ويو ته عبدالواحد آريسر چيئرمين جيئي سنڌ محاذ جو ليڪچر هر صورت ۾ ٿيندو، انهيءَ صورتحال جي مدِنظر اسٽيل مل ۾ شعور رکندڙ پورهيتن جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ عبدالمالڪ مهر، منظور ابڙو، امام علي انڙ، فاروق عادل پنهور، عاشق بهليم، عبدالرسول بلالي، ننگر الدين عالماڻي ۽ ٻيا دوست پڻ شريڪ ٿيا ۽ ليڪچر پروگرام جو بندو بست ڪيو ويو. منظور ابڙو ۽ سنگت گڏجي سٺو بندوبست ڪيو ۽ ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو، مخالف گروهه جا نوجوان به هٿيار ورن ۾ هڻي اچي هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا، ڀاڪر پائي ملڻ سان معلوم ٿيو ته ته مسلح آهن. هتي ته ڪا به بدمزگي ٿي پئي سگهي سو تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه دوست ويا ۽ لائسنس جا ننڍا هٿيار کڻي آيا، اها خبر جڏهن مخالفن کي پئي ته انهن جي هوا ئي نڪري وئي. ڏاڍو سٺو پروگرام ٿيو، هٿيارن جي خبر جڏهن عبدالواحد آريسر کي پئي ته هن منع ڪئي ته “هنن کي جيڪي وڻي سو ڪن پر اوهان صبر کان ڪم وٺو”. هن ليڪچر پروگرام جا ڪافي مثبت اثر ٿيا ۽ اسٽيل مل اندر نظرياتي پورهيتن جي مڃتا ٿي ۽ اسٽيل مل ۾ قربان اعواڻ جي ڌر شڪست کائي وئي.

1986ع ۾ سنڌي پورهيت سنگت جو مرڪزي اجلاس سن ۾ ٿيو، اليڪشن ۾ اسان پنهنجو مڪمل پينل بيهاريو، مون کي صدارت تي بيهاريائون، نائب صدر لاءِ در محمد عالماڻي ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ عبدالمالڪ مهر فارم ڀريا. اجلاس ۾ جڏهن مخالف گروهه ڏٺو ته کين شڪست ايندي ته انهن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ وڃي سائين جي. ايم. سيد وٽ دانهين ٿيا، اسان به صلاح ڪري پنهنجو وفد سائين جي. ايم. سيد ڏانهن موڪليو جنهن سائين جي. ايم. سيد کي ٻڌايو ته “سائين اسين جمهوري عمل لاءِ تيار آهيون هي غلط بياني پيا ڪن”. سائين جي. ايم. سيد مسڪرايو ۽ چيو ته “ٻئي ڌريون هتي اچن اليڪشن ٿيندي” قربان اعواڻ وارن کان پڇيائين ته “اهو ٺيڪ آهي” انهن هائوڪار ڪئي. پوءِ اليڪشن سائين جي. ايم. سيد جي سامهون ٿي ۽ اسان جو پئنل کٽي آيو. سيد غلام شاهه ۽ رسول بخش ٿيٻو اتي موجود هيا. 1986ع کان وٺي 1994ع تائين آءُ سنڌي پورهيت سنگت جو صدر هيس ۽ در محمد عالماڻي، عبدالمالڪ مهر ۽ روشن ڪلهوڙو واري واري سان جنرل سيڪريٽري رهيا. 1994ع ۾ در محمد عالماڻي سنڌي پورهيت سنگت جو مرڪزي صدر ۽ آءُ جنرل سيڪريٽري ٿيس. 1997ع ۾ آءُ سنڌي پورهيت سنگت مان جيئي سنڌ محاذ ۾ ويس ڇو ته فڪر جي. ايم. سيد جي حوالي سان اسانجا عبدالخالق جوڻيجو سان اخلاف ٿيا، هو “آزادي” تان پٽا ڏئي ڦري ويو، تمام وڏي هوشياريءَ سان اچي مسئلو رکيائين ته آزاديءَ کي ڪڍي آئين ۾ “حق خود اختياري رکو” سمجهائڻ وارن ڏاڍو سمجهايس ته صرف هي تبديلي آڻ ته “سنڌ جي آجپي جي حاصلات لاءِ حق خود اختياري وارو رستو اختيار ڪندا سون” پر هو ڪنهن جي به مڃڻ لاءِ تيار نه هو. انهن ڏينهن ۾ حڪمرانن پاران اهي بيان ڏنا پئي ويا ته “جي. ايم. سيد سان گڏ ان جو نظريو ۽ جماعت به دفن ٿي ويا”.

 ڪراچي پريس ڪلب تي ڌاري آبادڪاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جو مظاهرو رکيل هجي، خالق صاحب ڊويزنل اجلاس ۾ فيصلو ڪرايو ته مظاهري ۾ آزادي جو نعرو ناهي هڻڻو ڇو ته ٻيا مهمان به اچڻا آهن. پر جڏهن مظاهرو هلي رهيو هو ته اوچتو ئي اوچتو ڪنهن اهڙو نعرو هنيو جنهن نعري تي خالق صاحب ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ مرڪزي باڊي پاران سنڌي پورهيت سنگت کي خط لکيو ويو ته “سنڌي پورهيت سنگت جي ميمبرن اهو نعرو هنيو انهن تي قدم کڻي مرڪز کي اطلاع ڪيو وڃي” در محمد عالماڻي صدر هيو ۽ جنرل سيڪريٽري ساجن ڪلهوڙو هيو. هنن سنڌي پورهيت سنگت جي مرڪزي ورڪنگ ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ۽ بحث مباحثي کان پوءِ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊيءَ کي خط لکيو ويو ته “محمد هاشم کوسو ۽ عبدالخالق جوڻيجو “سنڌ جي آجپي خلاف ڳالهائيندا رهيا آهن، انهن تي به قدم کنيو وڃي” جنهن جي نتيجي ۾ عبدالخالق جوڻيجو در محمد عالماڻي جي مرڪزي باڊي کي ٽوڙي مون کي سنڌي پورهيت سنگت جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ڪيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ در محمد عالماڻي به سنڌي پورهيت سنگت کي ڇڏي اچي سڌو سنئون جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ته جيئن هڪ ذيلي فرنٽ جي نمائندي بجاءِ سڌو سنئون جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿي مسئلن تي بحث ڪري سگهجي.

جيئي سنڌ ۾ ڪيئي لاها چاڙها آيا، عبدالخالق صاحب ڇڏي ويو ۽ وڃي ڌار جيئي سنڌ محاذ ٺاهيائين. سيد زين شاهه جنهن کي عبدالخالق جوڻيجو جي مقابلي ۾ چيئرمين چونڊرايوسين اهو به ڇڏي ويو ۽ وڃي ايس. يو. پي ۾ شامل ٿيو. ويندي ويندي سيد زين شاهه وائيس چيئرمين کي قائم مقام چيئرمين بڻائڻ بجاءِ رسول بخش ٿيٻو جيڪو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري هيو. انهي کي قائم مقام چيئرمين مقرر ڪرائي ويو. جنهن پنهنجي پڳ رياض چانڊيو کي ٻڌرائي نئين پارٽي ٺاهي جنهن جو نالو جيئي سنڌ محاذ رکيو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي انهيءَ کي به ڇڏي،. سنڌ هائوس ڦرائي وڃي ايس. يو. پي ۾ شامل ٿيو.

ايڏن وڏن لوڏن جي باجود در محمد عالماڻي بچيل ورڪرن سان جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل حال رهيو. گذريل 22 مارچ2015 تي ٿيل نيشنل ڪانگريس ۾ هو اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين هيو ۽ اجلاس ۾ اعلان ڪيائين ته “آءُ رضاڪاراڻه طور سنڌي پورهيت سنگت ۾ واپس وڃان ٿو مون کي اجازت ڏني وڃي ته سنڌ جي هن مزدور جماعت کي ٻيهر سرگرم ڪريان”. هن مون کان وچن ورتو ته “تون مون سان ساٿ ڏيندين” کيس اجلاس ۾ سنڌي پورهيت سنگت جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ تي کنيو ويو.

در محمد عالماڻي شاعر به هو ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر رهيو ۽ باقائدگي سان ادبي گڏجاڻين ۾ ويندو هيو. هو سماج سڌارڪ به هيو. هڪ سماجي جماعت جي پليٽ فارم تان عورتن ۾ سجاڳيءَ لاءِ ليڪچر ڏيندو رهيو.

 هو ٿڌي طبيعت رکندڙ ۽ ملنسار محبتي انسان هيو. هو قوم جي عشق ۾ ايترو ته محُو هيو جو هن ڪڏهن پٺ ورائي نه ڏٺو ته سندس گهر جي حالت ڪهڙي آهي، هو هڪ ايماندار قومي ورڪر هيو جيڪو 27 مئي تي اسان کان وڇڙي ويو. هو جسماني طور اسان سان گڏ نه آهي پر سندس پورهيو سندس جدوجهد، سندس عمل، سندس ڪردار سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو