Home / ايڊيٽوريل / مائنس فلاڻو، مائنس ٽيرو….ڪيسيتائين؟
above article banner

مائنس فلاڻو، مائنس ٽيرو….ڪيسيتائين؟

june-30-2015آصف علي زرداري جي ڪرپشن ۽ الطاف حسين جي“مشڪوڪ محب وطني” جا قصا کُٽن ڪونه پيا. روزانو ڪونئون انڪشاف ٻڌون پيا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارندن جيڪا لُٽ لڳائي سا کين ڳچي ۾ پيل آهي. وزير، مشير ۽ واٺا نعب ۽ ايف آءِ اي جي پڇائن مان بيزار ٿي سڀ سچيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن بس کين ڪو وعده معاف گواه بڻائڻ جي پڪ پڪاڻي ڏئي. بلاول هائوس ڏوڪڙ رسائڻ جي ڳالهه ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي وارن باسي ۽ آپريشن اختيارين برملا ڪري ڇڏي هاڻ رڳو انتظار آ ته ڪو اها ڳالهه به باسي ته مون ڪرپشن جي ڏوڪڙن مان زرداري صاحب کي به حصو پاڻ پنهنجي هٿن سان ڏنو.

ايم ڪيو ايم ۽ ڀارت لاڳاپا به اڄ ڪلهه ميڊيا ۾ بحث هيٺ آهن. بلڪه الطاف ۽ ڀارت لاڳاپا. الطاف جي ويجهن ساٿين جا اعترافي بيان ميڊيا کي جاري ٿين پيا جن ۾ ڀارتي ڳجهن ادارن پاران ايم ڪيو ايم جي سرپرستي جو اقرار ٿيل آهي. چوڻ وارا چون پيا ته اسٽيبلشمينٽ هي سڄو ماحول زرداري ۽ الطاف کي مائنس ڪرڻ لاءِ جوڙي رهي آهي. خلق چوي پئي ته اسٽيبلشمينٽ ٻنهي اڳواڻن کي مائنس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ رڳو دڳ ڳولن پيا.اسٽيبلشمينٽ کي صرف ئي صرف مخدوم امين فهيم واري پيپلز پارٽي ۽ عشرت العباد واري متحده قومي مومينٽ قبول آهي.

ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ته اسٽيبلشمينٽ “مائنس ون” فارمولي تي عمل ڪيو هجي. جناح صاحب جي ناگهاني وفات کي کڻي “مائنس ون” فارمولي جي کاتي ۾ نه وجهجي پر ان کانپوءِ ملڪ جي پهرين وزير اعظم لياقت علي جو قتل “مائنس ون” فارمولي جي ڪامياب شروعات هئي. ان کانپوءِ محمد علي بوگرا ٽائيپ مسلم ليگي اڳواڻن جو وارو هو جن کي هر ڇهين مهيني وزيراعظم ڪري بعد ۾ بي عزت ڪري ڪرسي تان لاهبو هو. پاڪستان جي قيام جو سڀ کان وڏو ڪريڊٽ کڻندڙ بنگالي قومپرست اڳواڻ حسين شهيد سهروردي1956 ۾ پاڪستان جو وزير اعظم چونڊجي آيو. سندس جماعت عوامي ليگ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سرڪاري جماعت ريپبليڪن پارٽي سان جوڙ ڪيو پر اسٽيبلشمينٽ کي حسين شهيد جي شڪل نه ٿي وڻي سو گورنر جنرل اسڪندر مرزا تي زور بار ڪري کيس “مائنس” ڪري گهر موڪلي ڇڏيائون. کيس نه رڳو وزرات عظميٰ تان لاٿو ويو پر پوءِ بعد ۾ بيروت جي هڪ هوٽل ۾ زهر ڏيئي ماريو ويو. سندس پوئلڳن گهڻا سال پوءِ بنگالين لاءِ الڳ ملڪ وڙهي ورتو. مائنس حسين شهيد سهروردي مائنس بنگال ٿي ويو. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته ستر جي ڏهاڪي ۾ اسٽيبلشمينٽ پاڻ ”مائنس بنگالي” جي راند کيڏي نه ته 1970 ۾ بنگالي ته عام چونڊون کٽي سڄي پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لائق بڻيا هئا.

خير، اهو “مائنس…مائنس” فارمولو پنهنجي ڀيانڪ نتيجن سان هلندو رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو هميشه لاءِ مائنس ٿي ويو. جوڻيجو صاحب مائنس ته ٿيو پر سِر سلامت رهيس. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪڏهن بينظير صاحبه مائنس ٿيندي هئي ڪڏهن نواز شريف، تان جو جنرل پرويز مشرف نواز شريف کي صفا مائنس ڪري پاڻ ڪرسي تي چڙهي ويهي رهيو. بينظير صاحبه ساڻس ڊيل ڪري وطن واپس موٽي پر پوءِ به هن بُڇڙي آمر کيس پيءَ وانگر هميشه لاءِ مائنس ڪري ڇڏيو.

اسٽيبلشمينٽ ان راند مان ڪهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهي آهي سا ته کين خبر پر اسان جي خيال ۾ ان راند ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام سبب معاشي عمل کي به متاثر ڪيو آهي. ملڪ امداد ۽ قرض تي هلي رهيو آهي. افغانستان ۾ جنگ لڳي ٿي يا عرب بادشاهن کي ڪو ڪوسو واءِ لڳي ٿو ته چار ڊالر ۽ ريال ملي وڃن ٿا نه ته ڪستو کڻي پنندا وتون.

پر اسٽيبلشمينٽ اها خطرناڪ راند کيڏڻ کان نه ٿي مُڙي. سياسي پارٽين ۾ پنهنجي پسند جي قيادت آڻڻ جي شوق ۾ انهن پارٽين مٿان ڏمر اچي وڃي ٿو جيئن اڄڪلهه سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي مومينٽ مٿان آيل آهي. زرداري صاحب ته ايندڙ طوفان جو اندازو ڪندي پنهنجي اهل اولاد کي اڳتي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اهي وڃي مائنس زرداري جو خال ڀرن. پر الطاف حسين جي صورتحال ٻي آهي. کيس پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي ڀروسو ڪونهي. ٻيو ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جيان نارمل سياسي پارٽي ڪونهي. مهاجرن کي خوف ۾ آڻي کانئن غير مشروط پوئلڳي حاصل ڪري ايم ڪيو ايم هلائي پئي وڃي. الطاف سندن پير مرشد، سڀ ڪجهه آهي. اسٽيبلشمينٽ ڀل عشرت العباد يا مصطفي ڪمال جا پتا کيڏي پر مهاجر آبادي الطاف حسين جي ذات کان مائنس ايم ڪيو ايم قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ان ڪري اسان جو خيال آهي ته سياسي پارٽين ۾ قيادت جي تبديلي جي نادري شوق مان ڪا چڱائي ناهي ٿيڻي. سياسي عمل دوران سياسي پارٽيون پنهنجي بڇڙاين مان سکنديون يا سندن متبادل سياسي قيادتون ۽ جماعتون نسرنديون. ملڪ لاءِ ان کان ٻي وڏي ٻي ڪابه چڱائي نه ٿيندي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو سياسي انجنيئرنگ جو شعبو بند ڪري. ڪٿي مائنس ..مائنس جي راند ۾ گهڻو ڪجهه مائنس نه ٿي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو