Home / ڪور افيئر / مائينس الطاف فارمولا- متحده جو باب بند ٿي ويندو؟
above article banner

مائينس الطاف فارمولا- متحده جو باب بند ٿي ويندو؟

Sameer Mandhoroگذريل سال متحده جي قائد الطاف حسين جي مائنس ٿيڻ تي هر ڪنهن جي نظر هئي. پر هن وقت هر هڪ ان تجسس ۾ آهي ته ڇا متحده تي پابندي لڳي سگهي ٿي يا وري هڪ ڀيرو ٻيهر “اسٽيبلشمينٽ” ڪنهن معاهدي هيٺ متحده کي ڊگهي رسي ڏئي ڇڏيندي؟

باوجود ان جي تي متحده هر پاسي کان گهيري ۾ آهي. پارٽي ۽ ان سان جذباتي لڳاءُ رکندڙن کي پڪ آهي ته “ڏکيا ڏينهن” گذري ويندا. هو سمجهن ٿا ته هي آپريشن رينجرز طرفان ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن کان سخت آپريشن کي اهي 1992 ع ۾ منهن ڏئي چڪا آهن. پنهنجي ڪارڪنن کي همٿ ڏيڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ کين بار بار اهي سختيون ياد ڏياري رهيا آهن جيڪي اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن کي ڀوڳڻيون پيون. هو اُهي ڏينهن به ياد ڏياري حوصلا وڌائي رهيا آهن جڏهن 1992 ۾ آپريشن دوران جانيون ڏئي وفادار ڪارڪنن پارٽي کي بچايو هو. هو پنهنجي ننڍين ڪچهرين ۾ اهو پيغام به عام ڪري رهيا آهن ته اهڙيون آزمائشون هنن لاءِ ڪي نيون ناهن. جذباتي لڳاءُ کي قائم رکڻ لاءِ هن وقت متحده جي اندر ۽ ٻاهر هر ممڪن ڪوشش ٿي رهي آهي. پارٽي اڳواڻ سمجهن ٿا ته رينجرز طرفان آپريشن جو دائرو وڌڻ کان پوءِ نه رڳو نوجوان بلڪه پراڻا ڪارڪن به ڪناره ڪشي اختيار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڳجهن ادارن ۽ رينجرز طرفان مداخلت وڌڻ کان پوءِ “سر جو جواب پٿر سان” نه اچڻ ڪري ڏينهون ڏينهن متحده جي پوزيشن ڪمزور ٿي رهي آهي.

“رینجرز کے کتنے جوان ہو سکتے ہین؟” هڪ جذباتي ڪارڪن انتهائي غرور واري انداز ۾ سوال ڪيو. “پانچ ہزار؟ دس ھزار؟” هن جي سوال مان لڳو ٿي تي پنج هزار جوان متحده اک ۾ ئي نٿي رکي. هڪ ٻئي ڪارڪن جو چوڻ هو ته جيڪي پڪڙجي پيا اُهي کائو ڪارڪن آهن، جن کي متحده انتهائي امير حالت ۾ ملي آهي ۽ انهن ئي ڪارڪنن جي ڪري پارٽي ۾ نه صرف ڪرپشن وڌي آهي بلڪه اُها تمام گهڻي بدنام پڻ ٿي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته “اب وہ کارکن جو کسی وجہ سے پارٹی سے دور ہو گئے تھے، آہستھ آہستھ واپس آ رہے ہین”. هن مطابق ته اهڙي واپسي کان پوءِ متحده اندر هڪ ڀيرو ٻيهر جان اچي ويندي. متحده سان جذباتي وابستگي رکندڙ ماڻهو سمجهن ٿا ته اها هڪ منظم سازش آهي جيڪا مهاجرن جي خلاف ٿي رهي آهي جن جانيون ڏئي پاڪستان ٺاهيو!

june 22

ڪي چون ٿا ته هڪ منظم سازش تحت پنجابي اسٽيبلشمينٽ متحده جي تڏا ويڙهه ڪري يا انهيءَ کي انتهائي ڪمزرو بڻائي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي. هو چون ٿا ته ان منصوبي ۾ رينجرز يا ٻيا ادارا اڪيلا ناهن بلڪه نواز شريف حڪومت پڻ سڌي طرح ملوث آهي. جڏهن ته اهڙي آپريشن کي نه روڪڻ ڪري هو پيپلز پارٽي تي به شديد تنقيد ڪري رهيا آهن.

ٻئي پاسي جنهن تيزيءَ سان متحده ۽ ان سان لاڳاپيل اڳواڻن خاص طور يونٽ انچارجن ۽ سيڪٽر انچارجن خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي ۽ روز روز هنن خلاف پنهنجا ئي ماڻهو بيهاريا پيا وڃن، کان پوءِ متحده پنهنجي تاريخ جي بدترين ڏينهن مان گذري رهي آهي. هڪ خيال موجب جيڪڏهن متحده هن مرحلي مان ڪنهن به طور پاڻ بچائي نڪتي ته سمجهو ته ايندڙ وقت ۾ هن خلاف وري ئي شايد ڪا ڌر سوچي. پارٽي جي اندر ۽ ٻاهر ڪارڪنن ۾ روز مختلف تجزيا گردش ڪن ٿا، جن ۾ مشهور ڳالهه اها به بحث هيٺ آهي ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ ڪيس مان الطاف حسين بچي ويو ته سمجهو متحده هر لحاظ سان ۽ هر محاذ تي هر ڪنهن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار هوندي. هو چون ٿا ته ايئن ناهي ته متحده بي حد ڪمزو ٿي چڪي آهي پر هو ان گيم کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪري جيڪا هن جي خلاف کيڏي پئي وڃي.

هر پاسي کان گهيريل متحده جا ڪي اهڙا به اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهن جيڪي ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهن جڏهن مڪمل طور تي مائنس الطاف فارمولي تي عمل ٿي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ الطاف حسين طرفان مٿن مسلط ڪيل هن جا وفادار پاسيرا ٿي ويندا. جنهن سبب هو وڏي خوف واري زندگي گذارڻ تي پڻ مجبور آهن.

ٻئي طرف نه صرف رينجرز پر ڳجها ادارا پڻ ور کنجيو ڀائي لوگن جي پويان پيل آهن. هن وقت نه صرف پارٽي اڳواڻن خلاف مواد/ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن بلڪه خدمتِ خلق فائونڊيشن ۽ انهيءَ کي هلائڻ وارن جي خلاف پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. جنهن جو مقصد آهي ته متحده جي هر پاسي کان رستا روڪ ڪئي وڃي. موٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي رينجرز کي ٻه طرفو فيڊ بيڪ ملي رهيو آهي. هڪ ته متحده خلاف جيڪو آپريشن ٿي رهيو آهي ان جي ساراهه ڪئي پئي وڃي ته ڪو ته ادارو اهڙ وآهي جنهن همت ڪري لساني پارٽي کي رسو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻيو وري سوشل ميڊيا تحت هنن خلاف متحده جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي خيالن کي منهن ڏيڻو پوي پيو، جنهن ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڄڻ متحده خلاف آپريشن نه پر هن ملڪ جي انتهائي وفادارن خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ متحده خلاف اهو فيصلائتو قدم کنيو پيو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ هن پارٽي جي طاقت کي انتهائي محدود ڪيو وڃي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته سڀ کان اول ڪم الطاف حسين جي فيصلي جو انتظار آهي جيڪو لنڊن ۾ ٿيڻو آهي. مني لانڊرنگ يا ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جيڪڏهن همراهه بچي ويو ته پوءِ کيس هتان کان ڪڪ آئوٽ ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن به صورت ۾ هو هيرو ٿي اُڀري ٿو ته کيس هندستان سان رابطن عيوض مُلڪ جو غدار ڄاڻائي سندس باب بند ڪيو ويندو. شايد ان لاءِ ڪي سلطاني شاهد پڻ ٿي پون. چيو اهو پڻ وڃي پيو ته اهو فيصلو پڻ ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن هو لنڊن جي قانون کان پاڻ کي بچائي نڪري ٿو ته پوءِ متحده خلاف سنگين قسمن جي ثبوتن کي منظر عام تي آڻي هن پارٽي تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. ڇو ته هن وقت تائين سواءِ چند موقعن جي سواءِ آصف علي زرداري جي ٻي ڪنهن به ڌر، پارٽي يا شخصيت متحده قومي موومينٽ جي حمايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي هن خلاف ٿيندڙ آپريشن کي هڪ طرفو ڪوٺيو ويو آهي.

هن آپريشن ٿيڻ کان پوءِ هڪ ٻي ڳالهه پڻ سامهون اچڻ شروع ٿي آهي ته ڪيترائي پڙهيا لکيا مهاجر پڻ نٿا چاهين ته متحده (خاص طور تي) جو چيپٽر هميشه هميشه لاءِ بند ٿي وڃي. ڇو ته ڪافي حد تائين اها پارٽي هنن جي مفادن وٽان آهي. پر هن ملڪ خاص طور تي ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهو متحده، ان جي نظريي ۽ پاليسين مان هميشه لاءِ جان ڇڏائڻ لاءِ آتا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو