Home / سياسي افيئر / متحده جو پڌرو ٿيل ڪردار ۽ نوان اُڀرندڙ سوال
above article banner

متحده جو پڌرو ٿيل ڪردار ۽ نوان اُڀرندڙ سوال

Zahid Murtazaهتي قوم پرست پرست جماعتن جو مطلب، سنڌ ترقي پسند پارٽي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ناهن ڇو جو اهي هاڻي اليڪشني ڌارا ۾ اچي ويون آهن ۽ انهن وٽ هاڻي سنڌ جي خوشحالي ايوانن ۾ ويهي آواز بلند ڪرڻ سان ئي ٿي سگهي ٿي. قوم پرست جماعتن مان مراد اهي جماعتون آهن جيڪي آجپي جي صورت  ئي سنڌ جي خوشحالي ڏسي رهيون آهن ۽ اهي ئي سنڌ جي حقيقي حقن لاءِ پاڻ کي جدوجهد ڪندڙ گروپ چوائي رهيا آهن. سنڌ جي مختلف اشوز تي انهن جو آواز سنڌ واسين اڳيان آهي ان ڪري اهي سنڌي ماڻهو ئي انهن جا بهترين جج ٿي سگهن ٿا. پر گذريل ڪجهه وقت کان انهن جو سياسي ڪردار خاص طور تي سنڌ جي ازلي دشمن ايم ڪيو ايم جي حوالي سان انتهائي عجب جوڳو ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ رهيو آهي.

june 24

انهن ئي قوم پرست گروپن جا صف اول اڳواڻن کان وٺي جدوجهد  ڪندڙ ڪارڪنن جا لاش جڏهن سنڌ جي مختلف ضلعن جي علائقن مان ملي رهيا هئا. تڏهن سنڌ جي وجود سان چاهه رکندڙ هر اک آلي هئي جيڪا انهن نوجوانن جي چچريل لاشن کي ڏسي، اک مان ڳوڙهو ڪرڻ نه پئي ڏي ته متان روئڻ سان جذبات ۽ اندر جي طاقت ڪمزور نه ٿي وڃي. اهي آليون اکيون انهن دشمن جي ڳولها ۾ به هيون ته ڪٿي آهي اهو انهن نوجوانن جو قاتل جن کي قوم جا ڦٻايل حق گهرڻ تي ماريو وڃي ٿو. ان اٿندڙ آواز کي ختم ڪيو وڃي ٿو جيڪو سنڌ جي تيل، گئس، نوڪريون ۽ وسيلن جي گهر ڪري ٿو. اهي معصوم هٿ ۽ ٻانهون ڀڃي ٽيڙيون ميڙيون ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ پنهنجا جائز حق گهرڻ لاءِ وال پوسٽر ۽ بينر هجن ٿا. انهن جائز حق گهرندڙن کي ته قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي لاشن کي به ساڙي نفرت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ته توهان جائز حق به ڇو ٿا گهرو. پر هي جيڪا ايم ڪيو ايم هاڻي پڌري پٽ وائکي ٿي چڪي آهي ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي وحدت خلاف اهي معصوم سنڌي نه پر واڳون آهن جن پاڙيسري ملڪ کان نه رڳو پئسا ورتا پر ڪيترن ئي لنگڙن، ڪاڻن، ڪن ڪٽن ۽ هزارين قاتلن کي ان ملڪ مان اهڙيون ته خطرناڪ تربيتون ڪرايون ته جيئن اهي هن ملڪ کي وقت اچڻ تي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائي سگهن.

بين الاقوامي ادارا سڳ سوڌو رپورٽون پيا هلائين ته ڪير ڪير انهن جو پاڪستان مان مددگار رهيو ۽ انهن جا پنهنجا ماڻهو ئي هاڻي مار موچڙي کان پوءِ اهي سڀ ڏوهه باسي رهيا آهن جيڪي هنن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ يا ته ڪيا آهن يا ڪري رهيا آهن…

مٿي کي هٿ ته تڏهن ٿا اچن جڏهن اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ پارٽي به هاڻي انهن جي ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي، پوءِ چاهي اها مدد جيلن ۾ موجود قاتلن کي نرمي هجي يا ڪراچي جي ادارن ۾ انهن جي ڀرتي يا انهن کي زوري حڪومت ۾ ويهاري هڪٻئي کي حاجي ۽ غازي واري روايت جاري و ساري رکجي….

ان سڄي وايو منڊل ۾ اهي ڳاڙهي جهنڊي وارا گروپ ڪٿي آهن، اهي ڇو نه ٿا انهن ادارن اڳيان احتجاج ڪن ۽ پنهنجو آواز بلند ڪن ته ٻيلي هن ملڪ جا ازلي دشمن اسان نه پر اهي آهن جن کي اوهان سالن کان نانگ وانگر پاليندا اچو. آخر ڇو نه ٿا ان تي احتجاج ڪن ته اسان حق گهرڻ تي ماريا پيا وڃون ۽ ملڪ کي ٽڪرا ڪرڻ وارا اڃا به اوهان جو اکين جو ٺار بڻيل آهن.

آخر ڪڏهن اسان جي صفن ۾ وقت جي سياست کي سمجهڻ لاءِ عقل ايندو ۽ ڪڏهن اسان انهن شهيد نوجوانن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ٿينداسين، جيڪي پاڻ ته حق گهرڻ تي ماريا ويا پر اسان انهن جي ورسين ملهائڻ لاءِ آتا رهون ٿا. هي وقت آهي شهرن جي مالڪي ڪرڻ جو ۽ انهن ادارن کي اهو باور ڪرائڻ جو ته سنڌ اڄ به پنهنجا ڦٻايل حق گهري ٿي نه ڪي ايم  ڪيو ايم وانگر ملڪ خلاف ڪنهن سازش جو حصو بڻجڻ گهري ٿي. هاڻي اهو انهن گروپن مٿان دارومدار آهي ته اهي ڪيترو ذهني سياسي پختگي جو مظاهرو ٿا ڪن… وقت جي سياست سان پاڻ کي ڳنڍڻ گهرجي نه ڪي ڪنڊ تي بيهي تماشو ڏسجي. ان ڪري جيڪو اسان جي حصي جو ڪم آهي اهو ضرور انهن قوتن کي ڏيکارڻ گهرجي ته هن ملڪ کي قائم ڪرڻ ۾ به سنڌ جو ڪردار هيو ۽ هاڻي اهو توهان تي ڇڏجي ٿو ته اوهان سنڌ جي عوام سان گڏجي ملڪ مضبوط ڪرڻ گهرو ٿا يا اڃا به انهن کي اکين ۾ ويهاريندئو جن پنهجي ئي عوام خلاف سازشون ڪيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو