Home / اسپيشل افيئر / مري ماتا مندر ۽ امام حسين جو تعزيو
above article banner

مري ماتا مندر ۽ امام حسين جو تعزيو

Akhtar Balochهڪ ڏينهن اڳ مون کي وشال نالي هڪ همراهه فون ڪيو ۽ منهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو ته هو منهنجا مضمون پڙهندو رهندو آهي. هن پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته رتن تلاءَ جي علائقي ۾ موجود مري ماتا مندر تي لکان، جتي سندس چواڻي هندو برادري جي ماڻهن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو. مون کيس چيو ته هو شام جو ست وڳي مون سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملي. وشال ست وڳي پريس ڪلب پهتو ته سندس هٿ ۾ شولڊر بيگ هو. ملاقات دوران هن پنهنجو ٿيلهو کوليو ۽ منهنجي اڳيان ڪاغذن جو انبار لڳائي ڇڏيو. مون انهن ڪاغذن مان ڪجهه ڪاغذ کنيا ۽ باقي کيس موٽائي ڏنا. اڳئين مرحلي ۾ مري ماتا مندر جو دورو ڪرڻو ۽ ان بابت لکڻو هو.
ڪراچي جي مک علائقي صدر جي ويجهو هڪ علائقو رتن تلاءُ آهي. تلاءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻي جي چشمي کي چوندا آهن. رتن تلاءُ بذات خود هڪ ڊگهو موضوع آهي. في الحال اسان جو موضوع رتن تلاءَ جي وچ ۾ موجود اڪبر مارڪيٽ آهي جتي مري ماتا مندر آهي. اڪبر مارڪيٽ ڪراچي جي سڀ کان وڏي موٽر سائيڪل مارڪيٽ آهي. اڪبر مارڪيٽ ۾ هڪ رستو سسٽر اسڪوائر جي نالي سان آهي، هاڻي ان اسٽريٽ جو نالو گهٽي نمبر 19 آهي. اسٽريٽ ۾ مختلف عمارتن جي وچ ۾ توهان کي هڪ ننڍو لوهه جو گيٽ نظر ايندو. ان گيٽ تي هڪ پاسي “يا الله” ۽ ٻئي پاسي “يا محمّد” جڏهن ته وچ ۾ “مائي جنت جو تعزيو” لکيل آهي. هڪ سرڪاري نقشي موجب ان مندر جي ڪل ايراضي 285 گز هئي جيڪا هاڻي سُسِي وڃي  50 گز بچي آهي. هتي هندو پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا آهن ۽ محرم ۾ هن مندر مان امام حسين عه جو تعزيو برآمد ٿيندو آهي. اصل مسئلو هن مندر جي ملڪيت جو آهي، ليڪن جن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار آهي اهو تڪرار 285 گز جي ملڪيت تي ناهي، بلڪه 50 گز جي ملڪيت تي آهي. جيڪا باقي بچيل آهي.
ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ معاملو ڪيسن تائين پهچي ويو آهي. محلي واسين مندر جي ملڪيت جي دعويدار هندو برادري جي ماڻهن خلا ف درخواست انتظاميه کي ڏني آهي. جڏهن ته مندر جي ملڪيت جي ٻين دعويدارن به انتظاميه کي درخواستون ڏنيون آهن. 2014ع ۾ اڪبر مارڪيٽ جي رهواسين لاڳاپيل ٿاڻي کي هڪ درخواست ڏني هئي، جنهن جو متن ڪجهه هن ريت آهي

JUNE 48

:
“ متن”
اهڙي طرح هڪ درخواست شري مهاراشٽرا پنچائت ڪراچي جي وشال راجپوت طرفان ڪمشنر ڪراچي کي موڪلي وئي. 2015-01-12 تي ڪمشنر ڪراچي کي موڪليل درخواست ۾ لکيو ويو آهي ته:
“ گذارش آهي ته اسان هندو برادري جا ماڻهو توهان ۾ تمام گهڻيون اميدون رکي درخواست ڪريون ٿا ته اسان جو مقدس مندر “مري ماتا مندر” پلاٽ نمبر 303/B سسٽر اسڪوائر اسٽريٽ رتن تلاءَ اڪبر روڊ ڪراچي نمبر ٽي ۾ موجود آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان قبضي هيٺ آهي. هن مندر تي غير قانوني طور قبضو ڪندڙن خلاف اسان حڪومت جي مختلف ادارن ۾ درخواست به جمع ڪرائي آهي. جنهن جون ڪاپيون اسان هن درخواست سان شامل ڪري رهيا آهيون ۽ هن مندر بابت اسسٽنٽ ڪمشنر سائوٿ ڪراچي وٽ جيڪو اسان مٿان قلم 107/147 جو ڪيس هلي رهيو آهي ۽ اسان هر تاريخ تي پيش ٿي پنهنجو موقف جيڪو اسان سان ظلم ٿي رهيو آهي، اهو اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب کي ٻڌائيندا آهيون پر اسان کي انصاف ملڻ بجاءِ تاريخ تي تاريخ ملي رهي آهي”
ويجهڙ ۾ آءُ ۽ محسن سومرو اڪبر روڊ تي موجود موٽر سائيڪل مارڪيٽ جي گهٽي نمبر 19 سسٽر اسڪوائر اسٽريٽ وٽ مري ماتا مندر جي گيٽ وٽ پهتاسين، گيٽ جي ٻاهران موٽر سائيڪلون بيٺل هيون ۽ مندر جي نگران  عورت دڪاندارن کي موٽر سائيڪلون هٽائڻ جو چئي رهي هئي. پر سندس ان درخواست تي گهٽ ڌيان ڏنو پئي ويو.  ايئن پوءِ مون ۽ محسن گڏجي موٽر سائيڪلون هٽائڻ شروع ڪيون. اهو ڏسي آڏو واري دڪان ۾ موجود هڪ نوجوان به اسان جي مدد لاءِ اچي ويو. خير وڏي مشڪل سان اسان مندر تائين رستو ٺاهڻ ۾ ڪامياب وياسين. ان عورت اسان کان اچڻ جو سبب پڇيو ته اسان کيس ٻڌايو ته اسان کي امام حسين جو تعزيو ڏسڻو آهي. هوءَ اسان کي اندر وٺي آئي، هتي هڪ ننڍڙو آڳر هو ۽ ان جي اڳيان ٻه ڪمرا هئا. جن کي تالو لڳل هو. آڳر جي کاٻي پاسي هڪ چبوترو ٺهيل هو.، ان عورت پنهنجو نالو محموده ٻڌايو هو، تنهن چبوتري مٿان لڳل پردو هٽائي اسان کي تعزيو ڏيکاريو. ان عورت موجب مائي جنت سندس  ماءُ هئي ۽ 1957ع کان مرڻ گهڙي تائين هن تعزئي ۽ مندر جي نگران هئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ اها ذميواري مٿس اچي پئي. هن ٻڌايو ته هر سال محرم جي 9 ۽ 10 تاريخ تي تعزئي کي زيارت لاءِ ٻاهر آندو ويندو آهي ۽ ان رسم ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ گڏيل طور شريڪ ٿيندا آهن. ان کانسواءِ هندو مندر ۾ پنهنجي پوڄا پاٺ لاءِ ايندا رهندا آهن. اسان مندر ۾ لڳل قديم تختين جون تصويرون ڪڍڻ لڳاسين  جنهن تي هوءَ طنزيه اندار ۾ مسڪرائيندي چوڻ لڳي ته “تصويرون ڀلي ڪڍو، مون کي ڪو اعتراض نه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سوامي نارائڻ مندر ۾ هندن جي وڏي پوڄا هئي، ٽي وي وارا فلم ٺاهڻ آيا هئا، ليڪن مندر وارن کين ڪڍي ڇڏيو.”
اسان اهو ٻڌندي ئي ڪيمرا بند ڪئي ۽ کائنس وڃڻ جي اجازت گهري. هندو پنچائت ڪراچي جي نائب صدر ڊاڪٽر راج اشوڪ مون کي ٻڌايو ته مندر جي ڪل ايراضي 286 گز هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي 50 گز وڃي بچي آهي. هن ان حوالي سان هڪ دستاويز به مون کي ڏنو جنهن ۾ لکيل آهي ته مندر جي زمين 1938ع ۾ الا ٽ ڪئي وئي هئي. هن چواڻي بنيادي طور تي هي مندر آهي ۽ هو تعزيي جي موجودگي کي نه ٿا مڃين. پوءِ ڀلي مندر جي دروازي تي ڇا به لکيل هجي.
اهم ڳالهه اها آهي ته 9 مئي 2015ع تي سنڌ جي مختلف مندرن جي مرمت ۽ رنگ روغن لاءِ اخبارن ۾ هڪ اشتهار شايع ٿيو آهي جنهن ۾ مري ماتا مندر جو نالو به شامل آهي. يعنيٰ رڪارڊ موجب اهو مندر ئي آهي. ليڪن 12/07/1978 تي ٿيندڙ هڪ معاهدي موجب مهاراشٽرا پنچائت ان ڳالهه جي اجازت ڏني هئي ته تعزيو مندر ۾ ان شرط تي رکيو ويندو ته جڏهن ضرورت هوندي مندر جي جاءِ خالي ڪئي ويندي. اهو معاهدو جانو ڀائي فيروز شاهه،  موهن گائيڪواڙ، جيڪو شري شام سومو ونچ مهاراشٽرا پنچائت جو سيڪريٽري هو، جي وچ ۾ ٿيو هو.
اهو ڪاغذ به اسان کي وشال ڏنو هو. مندر جي نگران محموده بيگم کي هندن جي پوڄا پاٺ تي ڪو به اعتراض نه آهي ليڪن هندن جو چوڻ آهي ته هو مندر ويندي عدم تحفظ جو شڪار رهن ٿا.
ليڪن اها ڳالهه سچ آهي ته اهو مندر آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته مندر ۾ تعزيو به موجود آهي، ايئن ته اهو مذهبي ڀائيچاري  جو خوبصورت اهڃاڻ آهي. ليڪن محموده بيگم ۽ هندن وچ ۾ مندر جي ملڪيت جي تڪرار کي ڪهڙي طرح حل ڪيو وڃي اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون. آهي ڪو ڏيهه ۾ ڏاهو جيڪو اها الجهيل گُٿي سلجهائي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو