Home / ويندي ويندي / مڙئي مٿو خراب
above article banner

مڙئي مٿو خراب

جهڙا منافق اسان وٽ ڄمن ٿا تهڙا ڄڻڻ لاءِ هنود ۽ ڪافرن جون مائرون سِڪنديون هونديون. آمريڪا جو کائن. آمريڪا جو پائن. آمريڪا جي ويزا لاءِ جند جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهن. ٻار اتي پڙهائن ۽ پوءِ جمعي جي ڀلاري ڏهاڙي تي منبر تي بيهي دل کولي آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائن.

 اها جماعتي سوچ رڳو ڪنهن هڪ مذهبي جماعت تائين محدود ڪونهي. مسلم ليگي هجي انصافي هجي يا ڪو ڪلين شيو شهري بابو. سندس سوچ ان ئي دائري ۾ گهمندڙ هوندي. ڌڻي جو شڪر ته سنڌي ان بيماري مان بچيل هيا پر اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي نالي ۾ جيڪا بيماري پکڙي آهي تنهن ۾ کوڙ صوفي سنڌي به لڙهي ويا آهن.  فيس بوڪ تي ڪوڙيون سچيون تصويرون رکيو سنڌي ڀائر ويٺا مسلم امه کي جاڳائن.

june 58

ان سوچ کي اڄڪلهه برما جي روهنگيا مسلمانن سان ٿيندڙ تعدين تي وڏي ڳڻتي آهي. اڳي بهاري ڀائرن لاءِ هيانو ڦاٽو هئن. ڪشمير ۾ غاصب ڀارتين پاران ظلم جي بازار گرم ڪرڻ تي به کين ڪاوڙ ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن فلسطينين ۽ چيچنين تي ٿيندڙ ظلم تي سندن رت ٽهڪندو آهي. باقي يمن ۾ سعودي ڪهڙا به نيپام شيپام بم اڇلائي ان تي مجال آ جو ڪو سعودي بادشاه جو پتلو کڻي مظاهرو ڪن. داعش عراق ۽ شام ۾ مسلمانن جون سسيون لڻي. بحرين ۾ شيعا اڪثريت کي بادشاهي لشڪر پاڪستاني مجاهدن جي مدد سان چٿي. بلوچستان ۾ جوانيون ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجن. ڪوئيٽا جي هزارا ٽائون جي هر گهر ۾ تڏو وڇايل آ. سنڌي پنهنجي وطن م مهمان. پر مجال آ جو اها جماعتي سوچ ان پاسي به لوڻو هڻي. کين رڳو پنهنجي مطلب جي مسلمانن جي ڳڻتي. ڏک ڪبو ته برمي ڪشميري مسلمان جو باقي شيعا ، سنڌي يا ٻيا اهڙا ڄڻ مسلمان ئي ناهن. ڪڏهن نه سوچيندا ته سنڌين کي مهمان نوازي ۽ انصار ٿيڻ جو فرض سونپڻ ۾ کين ڪهڙو ثواب ؟

اڳي ئي بهارين، برمين ۽ بنگالين ، افغانين جي مهمان نوازي سنڌين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي رهيل ڪسر سوات ۽ وزيرستان جا مهاجر پوري ڪري رهيا آهن.

سندن سوچ شايد اها آهي ته برما اسرائيل يا ڀارت جا ڪافر اسان جي مسلمان ڀائرن کي نه مارين باقي اسان پاڻ  مسلمان  ماريون ته جائز آهي.  عراق ۽ شام ۾ داعش جي جهادين ڳوٺن جا ڳوٺ ڪهين ڇڏيا. اسان نه ڪنهن جماعتي جو مذمتي بيان پڙهيو نه ئي ڪنهن ليگي کي ڪا تڪليف ٿي. بلوچستان ۾ الائي ڇا پيو هلي. ميڊيا کي ئي رپورٽ ڪندي  ڀئو ٿو ٿئي.  پر ڪڏهن ڪنهن مولوي کي خطبي ۾ بلوچ ڀائرن لاءِ ڪا دعا گهرندي ڏٺوَ؟

روءِ زمين تي 62 کن مسلمان ملڪ آهن. (معني مسلمان اڪثريت رکندڙ ملڪ نه ته ملڪ به ڪو هندو، سک يا عيسائي ٿيندا آهن ڇا؟) دنيا ۾ ڪٿي به ڪو مسئلو ٿئي. نه ملائيشيا ڪڇندو نه تيون، مراڪش ۽ سعودي عربيا. ڪٿي جلسا جلوس ٿيندا ته اسان جي توهان جي روڊن رستن تي ٿيندا. ان جي معني ڇا ٿي؟ يا ته باقي مسلام ملڪن ۾ وسندڙ ماڻهن جو عقيدو ڪمزور آهي يا اسان کي توهان کي ڪجهه سوائي لڳل آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو