Home / ڪور افيئر / نئين ايم ڪيو ايم ٺهڻ جي مرحلي ۾- واڳ ڪير سنڀاليندو؟
above article banner

نئين ايم ڪيو ايم ٺهڻ جي مرحلي ۾- واڳ ڪير سنڀاليندو؟

Aajiz Jamali رمضان مهيني جي ٻئي هفتي کان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف آفيسن تي ڇاپا هڻي رينجرز ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارجن ۽ يونٽ انچارجن جون گرفتاريون شروع ڪيون آهن. ٻن هفتن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڏيڍ سؤ کن اهڙا سرگرم ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي ايم ڪيو ايم جو تنظيمي ڍانچو هلائيندا رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڍانچي ۾ سيڪٽر ۽ يونٽ جي تمام وڏي اهميت آهي. وزيرن کي سيڪٽر جي مرضيءَ سان هلڻو پوندو آهي. گذريل هفتي ڏيڍ ۾ ڏهاڪو کن سيڪٽر انچارج گرفتار ٿي چڪا آهن. ان بابت آچر ڏينهن رينجرز جي ترجمان باقاعده هڪ بيان جاري ڪيو آهي. رينجرز چواڻي ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽي ئي هٿياربند ونگ کي منظم ڪندي آهي. رينجرز جي بيان موجب سيڪٽر يونٽن جي تنظيم عسڪري ونگ کي هلائي ٿي ان ڪري سيڪٽرن ۽ يونٽن جا انچارج گرفتار ڪيا آهن.

JUNE 20

رينجرز چواڻي ڪجهه يونٽ ۽ سيڪٽر انچارج خوف کان پاڻ گرفتاريون ڏئي رهيا آهن. ذريعن چواڻي آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جي گرفتار اڳواڻ عامر خان سميت جيترا به گرفتار ٿيا آهن انهن کان مليل تفصيل موجب ئي رينجرز ٻئي مرحلي ۾ سيڪٽرز ۾ هٿ وڌو آهي. رينجرز ذميوار چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس ان علائقي ۾ دهشت ۽ خوف جي علامت هوندي آهي. فطرا، چندا، ڀتا، پرچيون، کلون گڏ ڪرڻ، سڀ ڪم اتان ئي ٿيندا آهن ۽ ننڍن علائقن ۾ اهو ساڳيو ڪم يونٽ ڪندا آهن. يونٽن مان پئسا گڏ ٿي سيڪٽر پهچندا آهن، جتان ٻاهر اماڻيا ويندا آهن. اهو ته ٿيو رينجرز جو موقف پر ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن دوران سڀ کان وڏو انڪشاف ڀارتي ايجنسي “را” جي اڳوڻي سربراهه اي ايس دولت جو انٽرويو آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو الطاف حسين جي “را” سان لاڳاپن ۽ فنڊن بابت ڳالهايو پر هڪ نئون انڪشاف اهو ڪيو ته الطاف حسين برطانيا جي ڳجهي ايجنسي “ايم آءِ سڪس” جو مهمان آهي ۽ کيس “را” کان ملندڙ فنڊن بابت به ايم آءِ سڪس کان پڇيو وڃي.

اي ايس دولت ڪشميري اڳواڻن ۽ پاڪستاني ٻين اڳواڻن کي به “را” کان مدد ۽ فنڊ ملڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن جا هن وقت ٽي رخ آهن. هڪ طرف ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف فوج، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل سهڪار سان هڪ آپريشن هلي رهيو آهي.ان ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي اهم ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، ڪيترائي مارجي ويا آهن. ٻيو رخ لنڊن ۾ هلندڙ ڪارروائي آهي، جنهن ۾ پاڪستان سرڪار برطانيا سان سهڪار ڪري رهي آهي. ان ۾ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ڪافي شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن. گذريل هفتي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم اسلام آباد ۾ نائن زيرو ڀرسان ڪيترائي سال روپوش رهندڙ معظم علي کان پڇا گاڇا ڪئي جنهن اسٽوڊنٽ ويزا تي محسن ۽ ڪاشف کي موڪليو هو. وفاقي سرڪار جي ذميوارن موجب معظم علي جاچ دوران ڀرپور سهڪار ڪيو، لنڊن جي پوليس کي ڪافي ثبوت فراهم ڪيا۽ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو. لنڊن ۾ هلندڙ ڪيس بابت اهو خيال آهي ته هلندڙ مهيني جي 15 هين جولاءِ کانپوءِ ان ڪيس ۾ اهم موڙ اچي سگهي ٿو. جنهن ۾ الطاف حسين کي سزا- يا ٻيو ڪجهه، ساڳي وقت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پڻ سزا جي ڳالهه هلي رهي آهي. ڀارت ۽ را سان تعلق مان دهشت گردي ۽ فنڊنگ ٻنهي جا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. ان ڪري عمران فاروق ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو جوڙيو پيو وڃي. پر اي ايس دولت جو انڪشاف به اهم آهي ته الطاف حسين “ايم آءِ سڪس” جو مهمان آهي ته پوءِ اهو سوال اهميت رکي ٿو ته ڇا برطانيا پنهنجي مهمان کي گرفتار ٿيڻ ڏيندي؟- يا هاڻي ايم آءِ سڪس به پنهنجي مهمان کان بيزار ٿي وئي آهي. يا هاڻي انهن کي به پاڪستان ۾ ڪنهن نئين جماعت يا نئين ليڊرشپ جي ضرورت آهي؟ ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن جو ٽيون رخ ايم ڪيو ايم جو اندريون بحران آهي. الطاف حسين هاڻي ته خود اهو اعتراف ڪيو آهي ته “مائنس الطاف” جي ڳالهه ايم ڪيو ايم قبول نه ڪندي. عسڪري ڌرين ۽ سگهارين ڌرين جو چوڻ آهي ته ڳالهه صرف مائنس الطاف تي ختم نه ٿيندي پر ايم ڪيو ايم جي “عسڪري ونگ کي” مائنس ڪرڻو پوندو. پر رينجرز ٻڌائي ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ ۽ تنظيمي ونگ الڳ الڳ ناهن ٻئي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن عسڪري ونگ ختم ڪرڻ جو سوال آهي ته ان جو مطلب آهي پوءِ سيڪٽر ۽ يونٽ ختم ڪرڻا پوندا، يعني ايم ڪيو ايم جو تنظيمي سيٽ اپ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم في الحال تيار ناهي پر ايم ڪيو ايم جي اندر هڪ ڀڃ ڊاهه ضرور آهي. ان اندرين ڀڃ ڊاهه سبب ايم ڪيو ايم جو وڏو حلقو “مائنس الطاف” تي راضي آهي پر اندر سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته نئون ليڊر ڪير ٿيندو؟- اصل واڳ ڌڻي جنرل مشرف کي ايم ڪيو ايم جو ليڊر ٺاهڻ جي چڪر ۾ سرگرم آهن. مشرف به ان لاءِ ذهني طور تي تيار آهي پر مشرف به “هٿياربند” ايم ڪيو ايم بدران “سياسي ايم ڪيو ايم” کي پسند ڪري ٿو. ايم ڪيو ايم اندر چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين ايز وزير جيڪي بظاهر سياسي آهن حقيقت ۾ اُهي به ايم ڪيو ايم جي سيڪٽرز جي تنطيم حصو آهن. ايم ڪيو ايم کي سيڪٽرز هلائيندا آهن ۽ رينجرز چواڻي سيڪٽرز ئي هٿياربند ونگ هلائيندا آهن ان ڪري ايم ڪيو ايم لاءِ ڪير اهو سمجهي ٿو ته هو هٿياربند ونگ کانسواءِ ڪا سياسي ڌر بڻجي سگهي ٿي ته اها وڏي تاريخي ڀُل هوندي. پاڪستان جي حساس ادارن وٽ اهڙي سوچ 1992 جي آپريشن کانپوءِ به هئي 1995 ۾ بينظير ڀٽو سرڪار به ان سوچ تي ڪم ڪندي چيو هو ته ايم ڪيو ايم جي سياسي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه جاري رهندي پر اڳتي هلي سڀني ڏٺو ته ان ڳالهه ٻولهه جو ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو هو. نتيجو جيڪو نڪتو هو سو اهو هو ته 1996 ۾ بينظير جي سرڪار ختم ٿي هئي. ايم ڪيو ايم بابت هلندڙ نئين سوچ ڇا آهي، ان کي ڪجهه ڌريون هڪ نئين “اين آر او” سان ڀيٽ ڏين ٿيون، اهڙو “اين آر او” جنهن ۾ الطاف حسين نه پر ايم ڪيو ايم جي نئين قيادت شامل هوندي- سوال وري به پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي ته دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي خلاف هلندڙ آپريشن ۾ باقي جيڪا ايم ڪيو ايم بچندي ان جو نئون قائد ڪير هوندو؟- عامر خان، عشرت العباد، يا مُلڪ مان ڀڄي ويل اها قيادت جنهن جا اختلاف آهن، يا اڃا ڪو نئون چهرو؟ ذريعن چواڻي اهو فيصلو اڃا تائين به ڪو نه ٿي سگهيو آهي ته آخر الطاف حسين کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي واڳ ڪير سنڀاليندو؟- جيڪڏهن اهڙو ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ اوچتو لنڊن ۾ الطاف حسين کي ڪا “سزا” آئي ته ايم ڪيو ايم هڪ زبردست اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار بڻجي ويندي. جنهن سبب ايم ڪيو ايم اندر جيڪي ٽي گروپ موجود آهن اهي ميدان تي اچي سگهن ٿا ۽ ليڊرشپ لاءِ خونريزي به ٿي سگهي ٿي. جهڙي ريت 1992 ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي ٺهي هئي، جنهن سان اڄ تائين ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جو جڳهڙو هلندڙ آهي ۽ ٻئي گروپ هڪٻئي جا هزارين ڪارڪن قتل ڪري چڪا آهن. اهڙو سلسلو ٻيهر شروع به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ جهڙي ريت ٻهراڙين جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ پيپلز پارٽي اندرين ۽ ٻاهرين بحرانن جو شڪار آهي تيئن ئي ايم ڪيو ايم به اندرين ۽ ٻاهرين بحرانن جي شڪار آهي. ٻنهي جو نالو دهشت گردي، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي اسڪينڊلز ۾ ورتو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم کي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪٿي بيهارڻو آهي اهو فيصلو هاڻي شايد ايم ڪيو ايم نه ڪري سگهندي پر ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ڪندڙ ڌريون اهو فيصلو ڪنديون. ايئن ئي شايد پيپلز پارٽيءَ لاءِ به سوچيو پيو وڃي. هلندڙ سال ئي ايم ڪيو ايم بابت منظر نامو چٽو ٿي ويندو. سياسي منظر نامي تي شايد ايم ڪيو ايم ڪنهن نئين انداز ۽ نون ماڻهن سان گڏ نئين قيادت ۾ سامهون اچي. aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو