Home / سنڌ افيئر / ناجو ۽ ڪيول جو آپگهات بُک بڇڙو ٽول!
above article banner

ناجو ۽ ڪيول جو آپگهات بُک بڇڙو ٽول!

Allah Bachayo7 جون 2015ع تي بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچي ۾ شهيد فاضل راهو جي ڳوٺ راهوڪي جي هڪ ديهه ڪاڪيجاڻي ۾ هڪ اهڙو ته لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن قسم جو اهو پاپ پٽيهل درياهه جي پٽن راجا جسودڻ راءِ جي ڏيهه ۾ ٿيو آهي، ان واقعي هڪ طرف دردمند دل رکندڙ هر انسان کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ سياستدانن بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن جي بي حسي ۽ نااهلي کي پڻ وائکو ڪيو آهي. ان واقعي بدين جي ڀيانڪ غربت بک ۽ بدحالي کي منظر تي آڻي ڇڏيو آهي. ان ڏينهن اٽڪل چاليهه ورهين جي اڌڙوٽ غريب پورهيت ناري ناجو زال ڪيول ڪولهي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي کان تنگ ٿي پنهنجي چونئري واري ڪکائين گهر ۾ پنهنجي ڪنڌ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو. ان ئي ڏينهن موت کي حياتي تي ترجيح ڏيندڙ ناري ناجو جو ور اٽڪل 45 سالن جو ڪيول ڪولهي جڏهن پنهنجي گهر پهتو ته هن پنهنجي جيون ساٿياڻي جو لاش گهر ۾ ٽنگيل ڏٺو ته اهو ان جي موت جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيو هن به بنا ڪنهن دير جي گهر ۾ پيل هڪ ٻيو رسو کڻي گهر جي ڀر ۾ بيٺل هڪ وڻ ۾ ساڳي طرح سان ڦاهو کائي پنهنجي حياتي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. اهڙي دل ڏاريندڙ واقعي جي خبر جڏهن ڳوٺ ايوب چانگ سميت راهوڪي ۽ ڀر وارن ڳوٺن ۾ پهتي تڏهن مردن ۽ عورتن سميت ڳوٺاڻن جا ميڙ گڏ ٿي ويا. راهوڪي ۽ گولاڙچي جي مسڪين ڪولهي برادري ۾ ته ماتم مچي ويو پر ٻيا ڪيترائي مقامي ڳوٺاڻا مسڪين جوڙي جو اهڙو موت ڏسي زارو قطار روئڻ لڳا.

june 32

اطلاع ملڻ تي راهوڪي جي ڀرواري ڪڙيو گنهور حد جي پوليس پڻ پهچي وئي. پوليس اهلڪارن جڏهن مظلوم جوڙي جي ٽنگيل لاشن کي پٽ تي لاهي سندن ڪنڌن مان سرڪڻ ڦاهيون ڪڍيون تڏهن آتم هتيا ڪندڙ جوڙي جا يتيم ٿي ويل ڇهه معصوم ٻار هر هڪ مينا، گنگا، چيتن، پريم، سومري ۽ راءِ چند پنهنجي جيجل امڙ ۽ والد جي مڙهن کي چنبڙي دردناڪ دانهون ڪري رهيا هئا. موت جي آغوش ۾ ويل ان جوڙي جي ڇهن يتيم ٿي ويل ٻارن مان ٻه معصوم ٻار جيڪي اکين جي نور کان محروم آهن اهي پنهنجي امڙ ۽ پيءُ جي بي جان جسمن کي پنهنجن اکين سان ته ڏسي نه سگهيا پر اهي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي روڄ راڙي تي خود به رڙيون ڪري اکن مان نير وهائي رهيا هئا. جوڙي جي بنهه معصوم ٻارڙن کي ته اها خبر تمام دير سان پوندي ته سندن پياري ماءُ ۽ پيءُ ڪيول ڪولهي آپگهات ڇو ڪيو؟ اهي جيڪڏهن هن بي رحم جاگيرداڻانه سماج ۾ جيئرا رهي وڏي ٿيندا تڏهن سندن ويجها مائٽ کين اهو سربستو اکين ڏٺو احوال ٻڌائيندا ته سندن جيجل امڙ ۽ ٻاجهاري پيءُ خودڪشيون ان ڪري ڪيون ته اهي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو ڏيئي نه سگهيا. سندن گهر جي چلهه ڪيترن ئي ڏينهن کان اجهاميل هئي ٻاڙن جون بک وگهي ڪيل دانهون کانئن برداشت نه ٿيون. ان ڪري انهن اهڙي بي رحم ظالم دنيا ۾ اهڙي عذاب واري حياتي گهارڻ جي بجاءِ وڃي سولي کي سينگاريو. پنهنجي ڇهن ٻارڙن جي لاڳيتو بک ۽ ڏک کي برداشت نه ڪندي وڃي موت کي ڀاڪر پائيندڙ ان جوڙي جو اهو انتهائي قدم جيتوڻيڪ هر لحاظ کان نامناسب آهي. ڇاڪاڻ ته انهن اهو نه سوچيو ته جڏهن اهي پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي ٻارڙن کي ماني ڳڀو فراهم ڪرڻ ۾ ئي ناڪام ٿيا ته پوءِ اهي پنهنجي ڇهن ٻارڙن کي آخر ٻئي ڪنهن جي سهاري تي يتيم ڪري هليا ويا جتي سندن ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي پيارن ٻارڙن جي بک کي ختم ڪري نه سگهيا، اتي ٻيو ڪهڙو مسيحا ۽ سندن مسڪين برادري وارا انهن جي پرورش ۽ پرگهور ڪري سگهندا؟ ڇاکين اها خبر نه هئي ته ڪولهين ڀيلن مينگهواڙن، باگڙين، ٻڙن، راوڙن ۽ ٻين سڀني مظلومن جو مسيحا راهوڪي جو راڻو شهيد عوام فاضل راهو 28 سال اڳ گولاڙچي جي شهر جي وچ بازار ۾ ڪهاڙيون هڻي شهيد ڪيو ويو.

33

ڪاش فاضل جيڪڏهن اڄ زندهه هجي ها ته ناجو ۽ ڪيول هرگز پنهنجي ٻچن جي لاءِ ماني ڳڀي جي ڳولا ۾ ناڪام ٿيڻ تي پاڻ کي ڦاهي ڏئي ڪنهن به حالت ۾ نه مارين ها. رپورٽ موجب اسپتال ۾ پڻ لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ وقت مظلوم فوتي جوڙي جا معصوم ٻار سندن بي جان مڙهن کي چنبڙي پيا سندن اهي دردناڪ دانهون ڊاڪٽرن اسپتال جي عملي سميت گولاڙچي جي سوين شهرين ٻڌيون. ان موقعي تي فوتي جوڙي جي ويجهن مائٽن ۽ واقعي واري ڳوٺ جي مقامي ماڻهن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيول ڪولهي ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت هو. واقعي واري ڏينهن کان اڳ ڪيترائي ڏينهن هو بيروزگار هو. کيس ڪڙيو گنهور ۽ گولاڙچي جي شهر سميت ڪٿي به ڪا مزدوري ملي نه سگهي. سندس ٻار لنگهڻ تي هئا. سندس زال ناجو کان پنهنجي معصوم ٻارڙن جي بک برداشت نه ٿي. لاڳيتو فاڪا ڪشين کان تنگ ٿي هن آپگهات ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن به ڪيول کي ڪٿان مزدوري نه لڳي ۽ هو پنهنجي ٻچن لاءِ ٻه ڪلو اٽو وٺڻ کانسواءِ جڏهن خالي هٿين واپس پنهنجي گهر پهتو جتي اوچتو هن جڏهن پنهنجي جيون ساٿياڻي جو لاش گهر۾ ٽنگيل ڏٺو، تڏهن هو درد برداشت نه ڪري سگهيو. اهڙي طرح ڪيول به پنهنجي پياري راجو سان گڏ آخري سفر تي روانو ٿي ويو. راهوڪي ۾ ٿيل اهو ٻٽو آپگهاتي واقعو ڪو معمولي روايتي واقعو نه آهي. ان ڪري هن کي ڪنهن پريمي جوڙي جو ڪيل ڪو آپگهاتي واقعو يا بدين لاڙ ۽ ٿر سميت ڏهاڙي ٿيندڙ بيشمار آپگهاتي واقعن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو جن آپگهاتي واقعن ۾ پڻ گهڻو بنيادي ڪارڻ ڀيانڪ غربت، بک، بيروزگاري ۽ موت مار بيمارين جو هجڻ آهي. هن واقعي جو بنيادي ڪارڻ ته بنهه چٽو ۽ سج جيئان روشن آهي ته ماني ڳڀي جي ڳولا ۾ ناڪام ٿيڻ تي ٻنهي زال مڙسن پنهنجي حياتي جو ڏيئو پنهنجي هٿن سان اجهائي ڇڏيو. راهوڪي واري هن سانحي جي بروقت ميڊيا ڀرپور رپورٽنگ ٿيڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو جڏهن سنڌ حڪومت هن واقعي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ته نواز ليگ جي وفاقي حڪومت وري ڇا لاءِ راهوڪي جي ڪولهي جوڙي جي بک وگهي ڪيل آپگهاتي موتن جو نوٽيس وٺندي. ان جي باوجود واقعي کان ٽي ڏينهن بعد سڀ کان پهرين راهوڪي واسي اسماعيل راهو جيڪو شهيد عوام فاضل راهو جو پٽ ۽ هن وقت ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر آهي اهو تڏي تي پهتو جتي هن مظلوم جوڙي جي لاوارث ۽ يتيم ٻارڙن جي مالي امداد ڪرڻ لاءِ پنجاهه هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن ان واقعي جو ذميوار بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو. اسماعيل راهو جي مظلوم جوڙي جي تڏي تي پهچي پنجاهه هزار روپيا امداد ڏيڻ واري خبر جو ٻڌي گولاڙچي تڪ مان پ پ جي ٽڪيٽ تي ٽيون ڀيرو ايم پي اي چونڊجي سنڌ اسيمبلي ۾ پهچندڙ تڪ جو ايم پي اي محمد نواز چانڊيو واقعي کان ڇوٿين ڏينهن تڏي تي پهتو جتي هن صاحب پڻ سخاوت جا واهڙ وهائيندي مظلوم جوڙي جي يتيم ٻارڙن لاءِ پنجاهه هزار روپيا روڪ رقم ۽ ڪيول جي وڏي پٽ رائچند کي ٽائون ڪميٽي گولاڙچي جي ۾ نوڪري ڏيڻ ۽ فوتي جوڙي جي ٻن معصوم نابين ٻارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي هن صاحب پڻ ميڊيا لاءِ سخت ترين بيان جاري ڪندي چيو ته بدين ضلعو قدرتي وسيلن ۾ مالا مال آهي پر افسوس جو تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ هن شاهوڪار ضلعي جا ماڻهو بک وگهي آپگهات ڪري رهيا آهن. پاڻ تڪ جو چونڊيل عوامي نمائندو هئڻ جي باوجود هن چيو ته بدين کي ڪن چونڊيل عوامي نمائندن ڪرپش وگهي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گولاڙچي بدين جي قومي تڪ تي چوٿون ڀيرو چونڊيل پ پ جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جيڪا 19 جون تائين مظلومن جي تڏي تي نه پهتي پر دردناڪ واقعي جو اطلاع ملڻ بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ سڄي ملڪ جي شاهوڪار ترين ضلعي بدين جا 70 سيڪڙو ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن جيڪي هاڻ بکن کان تنگ ٿي خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن پيش آيل واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها مظلوم جوڙي جي ڇهن معصوم ٻارن جي سرپرستي ڪري. 7 جون تي ناجو ۽ ڪيول جا لاش ڦاهي جي ڦندن ۾ ٽنگيل هئا ۽ 8 جون تي بدين شهر ۾ هڪ ٻيو ڀيانڪ واقعو پڻ پيش آيو جنهن ڏينهن بدين جي سينيئر صحافي ۽ سماجي ڪارڪن عثمان انصاري جي لاڏ ڪوڏ سان نپايل اڪيلي نياڻي بختاور انصاري جيڪا بي بي اي جي انتهائي ذهين شاگردياڻي هئي، ان بنا ڪنهن ظاهري سبب جي اوچتو ميرواهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي جو انت آندو. راهوڪي سانحي جو هي سٽون لکڻ تائين سنڌ حڪومت بدين جو تيل ۽ گئس لٽيندڙ ڪمپنين جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ بدين مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلائي جي نالي ۾ سڻڀا پراجيڪٽ هلائيندڙ سماجي تنظيمن پاران پڻ ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي ۽ ميڊيا پڻ هڪ هفتي بعد خاموش ٿي وئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو