Home / اسپيشل افيئر / ورهاڱو ۽ سنڌي هندن جو درد!
above article banner

ورهاڱو ۽ سنڌي هندن جو درد!

Mubarak Aliسنڌ ۾ مذهبي وڳوڙن جي صورتحال بابت منهنجي حيدرآباد ۾ رهندڙ هڪ ڪولهي سنڌي دوست سان 2014 ۾ان وقت ملاقات ٿي هئي جڏهن امن جي دشمنن لاڙڪاڻي جي مندر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو ۽ بدين ۾ هندن جي خلاف وڳوڙ شروع ڪيا ويا هئا.

هن ٻڌايو ته هندن هميشه سنڌ کي صوفين جي ڌرتي ڪري پيش ڪيو آهي. جتي سڀني مذهبن ۽ قومن ۾ امن ۽ موسيقي جي پرچار ٿئي ٿي. پر هاڻوڪي دؤر ۾ انهن جي وڏڙن جي سرزمين تي سندن بچاءُ ۽ تحفظ جي احساس کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي جيڪا ڌرتي انهن جي وڏڙن جي آهي. هن جي اندر ۾ وڏو درد ۽ آواز ۾ وڏي پيڙا هئي. هن جو چوڻ هو ته اسان جا وڏا عرب فاتحن کان اڳ جا سنڌ ۾ رهندڙ آهن. هن جو اهو چوڻ هو ته هي جيڪي واقعا ٿين پيا ڪنهن اوچتي سبب جي ڪري نه بلڪه انهيءَ سوچ جي آبياري آهي جيڪا هندو ڪميونٽي جي مخالف آهي. تجزيو ڪرڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪيترائي سبب آهن جيڪي هندو مخالف جذبا ڀڙڪائڻ ۾ ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪن ٿا. سڀ کان وڏو سبب اسان جا نصابي ڪتاب آهن جيڪي هندو مخالف تعصب ۽ نفرت پکيڙڻ جا ذميوار آهن.

اسانجي ڪتابن ۾ سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي متڀيد کي وڏي واڪي مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ اڀاريو ويو آهي نه ڪي انهن جو پاڻ ۾ ڀائپي ۽ گڏجڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور: اهو چيو وڃي ٿو ته پاڪستان لاءِ جدوجهد نه رڳو برطانيه جي خلاف هئي پر هندن جي تسلط خلاف پڻ هئي.

ڪتابن جي ليکڪن لباس، ريتن، رسمن ۽ تقريبن کي ورهايو. ڪجهه ليکڪن ته وڻن ۽ جانورن کي به مسلمان ۽ هندن جي طبقي ۾ ورهايو.

14

انهن موجب برجڊ (Burgad) ۽ پپل هندو وڻ آهن. جڏهن ته کجور ۽ زيتون مسلمان وڻ آهن. نه رڳو اهو پر ڍڳي هندو، جڏهن ته اُٺ ۽ گهوڙو مسلمان جانور آهن. اهڙا ڪتاب سماج کي تباهه پيا ڪن ۽ نفرت جو سبب بڻجن پيا. ٻنهي قومن وچ ۾ پيار ۽ امن جي ڪا به جاءِ ڪو نه ڇڏي اٿن.

اسانجي نصابي ڪتابن ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي هندن جي ڪردار کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويو آهي. جڏهن برطانيا 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ٽالپر حڪمرانن جو خاتمو ٿيو. سنڌ جي هندو ڪميونٽي سياسي تبديلي جو مڪمل فائدو ورتو ۽ جديد رسم ۽ رواج کي اختيار ڪري پنهنجي ڪميونٽي کي مڪمل تبديل ڪيائون. گهڻا سنڌي هندو مڊل ڪلاس سان واسطو رکندا هئا. انهن جديد تعليمي سرشتي کي اپنايو. سنڌي هندو ڪميونٽي جي اثر هيٺ سنڌ جا شهر جهڙوڪ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر حيدرآباد ۽ ڪراچي، مڪمل طرح جديد انداز سان تبديل ٿيا. انهن اسڪول، ڪاليج ۽ عوامي جڳهيون ٺاهيون. جيئن پارڪ، لائبريريون، اسپتالون ۽ ڪلبس. سنڌ کي سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان تبديل ڪيائون.

1947ع ۾ ورهاڱي سبب ثقافتي ترقي کي زوري هٽايو ويو پوءِ سنڌ ۾ وڳوڙ شروع ٿيا. پڙهيل لکيل ۽ معاشي طور مستحڪم سنڌي هندو نااميد ٿي انڊيا لڏي ويا. ڪجهه هندو ٿرپارڪر ۽ ننڍن شهرن ۾ وڃي بچيا. بنگلاديش جي آزادي کانپوءِ ڀارت مخالف سوچ رکندڙن طرفان هندو انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا آهن. مذهبي انتهاپسندي جي واقعن انهن جي حالت وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي آهي. اهي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳا آهن، مونجهاري ۾ آهن ته ڪيڏانهن وڃجي؟

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رياست مذهبي معاملن ۾ غير جانبداري جو مظاهرو نه پئي ڪري. مذهبي ڪٽرپڻي جي آبياري جي ڪم قوم کي ورهائي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته پاڪستاني ڀائيچاري جي مذهبي بنيادن تي تشريح ڪئي وڃي ٿي. ان سوچ غير مسلمن کي پنهنجي ويڙهي مان ڪڍي ڇڏيوآهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ غير مسلم قومن کي انسانيت جي بنياد تي شامل ڪجي يا انهن کي ٻئي درجي جي شهري جو درجو ڏيئي انهن جي ڪم ۽ محنت تي ڌيان نه ڏجي؟

هاڻي وقت آهي ته اسان تاريخ مان سبق پرايون. دانشمندي جو مظاهرو ڪري سڀني اقليتن کي گڏ ڪيون. مذهبي يا گروهي (ثقافتي روايتون) طور هڪ قوم ٿيون. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ڪتابن کي صحيح ڪريون. آزادي کان پهرين جي سنڌي هندن جي ڪمن کي تسليم ڪريون ته جيئن انهن جو يادون ۽ ورثو تاريخ جي دز ۾ دفن ٿيڻ کان بچي سگهن.

سنڌيڪار: ظهور رخشاڻي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو