Home / ڪتاب / يوپي مائنڊ سيٽ؛ تاريخ جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي!
above article banner

يوپي مائنڊ سيٽ؛ تاريخ جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي!

اڀياس: مهتاب علي شاهه

ڪنهن به ملڪ جون موجوده حالتون ۽ ان جي مستقبل بابت تڏهن ئي ڪجهه تبصرو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان جي ماضيءَ جي باري ۾ ڄاڻ هجي.

پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي جنهن جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي. پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ به آهي ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي اتحاد جو وڏو حامي آهي. هن جا 60 سال کان وڌيڪ عرصي ۾ هندستان سان سُٺا لاڳاپا به نه رهيا آهن. پاڪستان، نسلي ۽ فرقيوارانه تضادن سان ڀريو پيو آهي ۽ هن ڪنهن سُٺي حڪومتي نظام، خاص ڪري سنڌ ۾ ان نالي واري ڪابه شيءِ ڪانهي. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو آهي ۽ انهن تضادن جي شروعات ڪٿان ٿي؟ انهن سوالن جا جواب آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ هندوستاني نسل جي تاريخدان وينڪٽ ڌوليپالا، پنهنجي نئين لکيل ڪتاب Creating A New Medina ۾ ڏنا آهن. هن ڪتاب کي ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، دهلي برانچ تازو ڇاپيو آهي. ڌوليپالا پنهنجي تشريح کي انگريزي ۽ اردو ۾ ڇپيل مواد سان سپورٽ ڪيو آهي.

پروفيسر ڌوليپالا جي سوچ مطابق، پاڪستان ۾ موجوده تضادن جون پاڙون، 20 صدي جي بيٺڪي دور جي گڏيل هندستان جي صوبي يو پي، جنهن کي اڄڪلهه اتر پرديش چيو وڃي ٿو ۾ کُتل آهن. يعني جيڪي ڪجهه ان وقت جي يو پيءَ ۾ مروج هئو، سوهاڻي، پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو ٿي اڀريو آهي. هن جي چوڻ مطابق 20 صدي ۾ يو پي جو شمار سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيل صوبو هو. يو پي، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو به سڀ کان وڏو سياسي آکاڙو هو.

july (a) 54

يو پيءَ ۾ مسلمان صرف 14 سيڪڙو هئا پر نهايت منظم هئا. انهن مسلمانن ۾ نواب، زميندار، نوڪري پيشه، هنرمند ۽ مزدور پيشه شامل هئا. يو پيءَ جي اردو پريس تمام گهڻي مضبوط هئي، ۽ اتي جون اخبارون ڪلڪتي ۽ لاهور تائين پڙهيون وينديون هيون. پڙهندڙن جي سوچ تي اثرانداز ٿينديون هيون.

سر سيد احمد خان جو ”ٻه قومي نظريو“به يو پي جي شهر علي ڳڙهه مان نڪتو ۽ سندس قائم ڪيل مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه به اتي ئي هئي جنهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڌوليپالا جي تشريح مطابق جداگانه چونڊن جو نظام (Separate Electorate System) جنهن موجب هندو ۽ مسلمان الڳ نمائندا چونڊيندا هئا ان کي انگريزن 1909ع ۾ رائج ڪيو.اها به ٻه قومي نظرئي جي هڪ ڪڙي هئي. 1932ع ۾ Communal Award به ان سلسلي جو قدم هو. هن ايوارڊ مطابق صوبائي نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ ڪوٽا مقرر ٿيل هئي. يو پيءَ ۾ مسلمان صرف 14 سيڪڙو هئا انهن جي ڪوٽا 30 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي هئي ۽ پوليس، ۾ 50 سيڪڙو ڀرتي ڪيا ويا هئا. يو پيءَ جي مسلمانن کي انگريزن جيڪي ترجيحون ڏنيون هيون، ان جي قيمت وري مسلمان اڪثريت وارن علائقن جي مسلمانن کي ڏيڻي پئي. مثال طور سنڌ جي آدمشماري ۾ هندو 25 ۽ مسلمان 75 سيڪڙو هئا. پر Communal Award مطابق نوڪرين ۾ هندن جي ڪوٽا 40 سيڪڙو ۽ مسلمانن جي 60 سيڪڙو رکي وئي جيئن ته مسلمان پنهنجي 60 سيڪڙو ڪوٽا نه پئي پوري ڪري سگهيا، انهن وري پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي، پنجاب جي مسلمانن کي نوڪريون ڏيڻ شروع ڪيون. پنجابي آفيسرن جو سنڌ ۾ لانڍون لڳڻ شروع ٿيون. پهريائين پوليس ۽ پوءِ ٻين کاتن ۾ ڀرتي ٿيڻ شروع ٿيا. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو ته اڄڪلهه يو پي جي خمير مان پيدا ٿيل پارٽي ايم ڪيو ايم، سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪري ٿي، ان جي گهر به يو پي جي مسلمانن ئي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڪئي هئي.

ڌوليپالا وڌيڪ لکي ٿو ته يو پي جا مسلمان 14 سيڪڙو جي بدران 30 سيڪڙو ملندڙ ڪوٽا تي به خوش نه هئا. ۽ هنن آل انڊيا مسلم ليگ تي زور ڀريو ته اُها انگريزن کان مطالبو ڪري ته مرڪزي نوڪرين ۽ وزارتن ۾ يا ته برابري (Parity) جو اصول مڃرائي يا وري ”تقسيم“ (Either parity or the Division of India). ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته 50/50 جي مطالبي جي بدران ”تقسيم“ جي مطابلي کي زهر جو ڍُڪ سمجهي ڪانگريس قبول ڪيو ۽ يو پي جي مسلمانن جي پهرين مراد پوري ٿي.

پنهنجي ڪتاب ۾ ليکڪ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سواءِ تاريخ جي استاد پروفيسر حبيب جي، علي ڳڙهه يونيورسٽي جا استاد پاڪستان جا حامي هئا ۽ پاڪستان ٺهڻ جي فائدن تي مضمون به لکندا هئا ۽ ليڪچر به ڏيندا هئا. حاضري ۽ مارڪن ۾ انهن شاگردن لاءِ خاص رعايت هئي جيڪي تحريڪ پاڪستان لاءِ ڪم ڪندا هئا.

علي ڳڙهه يونيورسٽي جا شاگرد وري پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ تقريرون ڪري مسلمانن کي ٻڌائيندا هئا انهن کي پاڪستان ٺهڻ مان ڪهڙا فائدا ملندا. علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شاگرد، بقول مرحوم چاچي عبدالحفيظ قريشي ايڊووڪيٽ، ”فن تقرير، فن تحرير، فن جلسه ۽ فن واويلا“ جا ماهر هئا.

ڌوليپالا به پنهنجي ڪتاب ۾ ساڳي ڳالهه لکي آهي، ته علي ڳڙهه جا شاگرد مسلم ليگ جا جلسا ڪرائڻ ۽ ٻين پارٽين جي جلسن کي ڦٽائڻ جا خاص ماهر هئا ۽ هنن ديوبند جي مشهور عالم، مولانا حسين احمد مدني، جيڪو ڪانگريس جو حامي هو ان کي به جلسي ۾ مارڪٽ ڪئي هئي. (صفحو 384) علي ڳڙهه يونيورسٽي جي اهڙي قسم جي شاگردن جو سرپرست پروفيسر A.B.A. Haleem هو جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ پرو وائيس چانسلر ۽ انچارج اسٽوڊنٽس افيئرس هو، جنهن کي اڳتي هلي 1947ع ۾ پهريائين سنڌ ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪيو ويو.

هتي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪجهه سنڌي شاگردن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اُهي هئا مرحوم پير الاهي بخش، مرحوم، قاضي محمد اڪبر ۽ مرحوم قاضي فضل الله. انهن صاحبن سنڌ جي تاريخ ۾ وڏا مَنَهن مرڪايا. پير سائين 1948ع ۾ ڪراچي کپائي وڏ وزارت ۽ ڪجهه پلاٽ هٿ ڪيا. قاضي صاحبان وري 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهي سنڌ جو مورڳو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو جيڪو وڏي جدوجهد کان پوءِ 1970ع ۾ بحال ٿيو.

ڌوليپالا پنهنجي ڪتاب ۾ ڪجهه عالمن جو ذڪر ڪيو آهي جن پاڪستان ٺاهڻ ۽ اڳتي هلي ان کي ملائيت جي طرف رخ ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن عالمن مان جميعت عالم اسلام، جيڪا جميعت علماءِ هند مان بغاوت ڪري نڪتي هئي قابل ذڪر آهي. مولانا بشير احمد عثماني، مولانا اشرف علي ٿانوي ٻه وڏا عالم ٿي گذريا آهن، انهن نئين اسلامي ملڪ ۾ مڪمل شرعي نظام لڳو ڪرڻ پئي چاهيو ۽ ان کي ”نئون مدينو“ بنائڻ پئي گهريو. انهن مولوي صاحبن جي حمايت حاصل ڪرڻ به يو پي ۾ ضروري هئي پر جناح صاحب جهڙي سيڪيولر خيال رکندڙ ماڻهو کي انهن جا مطالبا مڃڻ به ڏکيو هو. جميعت علماءِ اسلام جو هڪ ٻيو مخالف هو نواب آف محمود آباد جيڪو اهل تشيع سان وابسته هو ۽ جناح کي انڪل ڪري سڏيندو هو ۽ مسلم ليگ جي خوب مالي مدد ڪندو هو. نواب آف محمود آباد جو خيال هو ته جي پاڪستان ۾ شرعي نظام نافذ ڪبو ته اُهو ڪهڙي فقه مطابق هوندو ۽ متان ائين نه ٿئي ته اڳتي هلي ملڪ فرقيواريت ۽ ملائيت جي طرف ڌڪجي وڃي. جڏهن 1949ع ۾ ان وقت جي پاڪستان جي وزيراعظم Objective Resolution آئين ساز اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو هو ۽ ملائيت جي ٻوٽي کي نئين سر پاڻي ڏنو هو ته نواب آف محمود آباد، ڪاوڙجي ايران هليو ويو ۽ اتي ئي شهر مقدمو ۾ دفن ٿيل آهي)صفحو 492). جيتوڻيڪ پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڌوليپالا، يو پي جي مسلمانن کي مرڪزي ڪردار سمجهي ٿو پر ان ڳالهه کي به مڃي ٿو ته جي 1940ع ۾ مسلم اڪثريت وارن علائقن: بنگال، بلوچستان، پنجاب، سرحد ۽ سنڌ سڳوري جا مسلم ليگي مسلم رياستون ٺاهڻ جي گهر نه ڪن ها ته پوءِ پاڪستان ٺهي نه سگهي ها ڇو ته پاڪستان انهن جي علائقن ۾ ٺهڻو هو نه ڪي هندو اڪثريت وارن علائقن ۾.

ڌوليپالا ان ڳالهه تي يو پي جي مسلمانن جي روين تي بحث ڪيو آهي ته جي پاڪستان ٺهيو ته هندو اڪثريت وارن علائقن ۾ رهندڙ مسلمان ڇا ڪندا. هن جي چوڻ مطابق ڪجهه هندو اڪثريت خاص ڪري يو پي جي مسلمانن جو خيال هو ته اُهي اتي ئي رهيا پيا هوندا ۽ پاڪستان سرڪار پنهنجي علائقن ۾ غير مسلمانن کي يرغمال ڪري رکندي. يعني جي هندوستان ۾ مسلمانن سان زيادتي ٿي ته پاڪستان به پنهنجي علائقي ۾ غير مسلمانن سان ساڳيو سلوڪ ڪندو پر يو پي جي اڪثر مسلمانن جو رجحان هجرت جي طرف هو پر هجرت به ڪاڏي؟ جتي سٺا گهر هجن، سٺيون نوڪريون هجن ۽ سک آرام جو وقت گذري.

يو پي جا مسلمان ”ٺاٺ“ سان رهن، اهو صوبو هو نڌڻڪي سنڌ جيڪا ريل، هوائي جهاز ۽ سمونڊ رستي هندستان سان مليل هئي، جنهن کي ڪراچيءَ جو بندر به هو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جهڙا هوادار شهر ۽ سکر جهڙو پنجاب ۽ بلوچستان سان ملائيندڙ واپاري مرڪز به شامل هئا ۽ سکر بيراج جي ڪري زرخيز زمينون به هيون. ڌوليپالا جي چوڻ مطابق هندوستان جي ورهاڱي سنڌ جو مقدر يو پي سان جوڙي ڇڏيو هو. صفحا 86 284.

ليکڪ جي چوڻ مطابق 1947ع جي شروعاتي دور ۾ ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي وسيلن کي ”مفت جو مال” سمجهي يو پي جي آفيسرن کي دعوت ڏني هئي ته جي هو سنڌ جي طرف هجرت ڪري ايندا ته انهن کي نوڪرين ۾ پروموشن، مفت جون زمينون ۽ ٻي جائداد الاٽ ڪئي ويندي(صفحو 467) يو پي جي آفيسرن کي ٻيو ڇا کپي پگهارون به وڏيون، رهڻ جي سهوليت ۽ مفت جون زمينون سو سڀني سنڌ جي طرف رخ ڪيو. سر صاحب جي روايت اڃا تائين قائم ۽ دائم آهي ۽ سنڌ جا وڏا وزير سنڌ جي مال مان غيرن جا پيٽ ڀريندا رهندا آهن ۽ کين به ڪجهه ملي پوندو آهي، جيئن سر غلام حسين کي وڏي وزير مان ترقي ڏئي، سنڌ جو گورنر بنايو ويو هو.

پاڪستان ٺهڻ سان واقعي سنڌ جو مقدر يو پي سان ملي ويو. ڪراچيءَ کي سنڌ سان گڏ پاڪستان جي به گادي بنايو ويو، پر پوءِ ان کي سنڌ کان الڳ ڪيو ويو ۽ سنڌين جي مالڪي ان تان ختم ڪئي وئي. لياقت علي خان کي وزيراعظم بنايو ويو. هاشم رضا کي ڪراچيءَ جو ايڊمنسٽريٽر ۽ سندس ڀاءُ ڪاظم رضا کي آءِ جي بنايو ويو ۽ ٻيا وڏا وڏا عهدا يا يو پي وارن کنيا يا وري پنجابين کي ڏنا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هٿ سان فساد ڪرائي هندن کي زوري نيڪالي ڏني وئي، هندن جا ڇڏيو ڪاروبار، نوڪريون، زمينون گهرگهاٽ يو پي وارن کي الاٽ ڪيا ويا ۽ سنڌي مسلمان ڏسندا ئي رهيا ته هي ڇا پيو ٿئي.

يو پي ۽ سنڌ جي تعلق جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڌوليپالا ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ، ان جي مقصد ۽ منزل تي بحث ڪيو آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق جيئن ته ايم ڪيو ايم جو مائنڊسيٽ يو پي جي مسلمانن جي سوچ جي عڪاسي آهي. هو پاڪستان ۾ رهندي پنهنجو هڪ الڳ تشخص رکڻ چاهين ٿا ۽ پنجين قوميت جو مطالبو ڪندي، هڪ دفعو وري اقتدار ۾ 50 سيڪڙو شيئر يا ”سنڌ جي تقسيم“ جي گهر ڪن ٿا، جيڪا ڪنهن به سياسي پارٽي کي قبول ڪانهي ۽ ايم ڪيو ايم سڀني ڌرين کان الڳ ٿلڳ آهي.

ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ 2004ع ۾ دهلي ۾ الطاف حسين جي هڪ بيان جو به ذڪر ڪيو آهي، ان بيان ۾ الطاف صاحب چيو هو ته پاڪستان جو ٺاهڻ ۽ اوڏانهن ”هجرت“ ڪري وڃڻ هندوستاني مسلمانن جي شديد غلطي هئي. هن انڊيا کان گهر ڪئي هئي ته اُها مسلمانن کي معاف ڪري ۽ پاڪستان ٿيندڙ ظلمن جي ڪري جي هندوستاني مسلمان انڊيا واپس موٽي اچن ته هندوستان کين پناهه ڏئي. ڌوليپالا جي سوچ مطابق شايد تاريخ جو ڦيٿو وري ڦري آيو آهي ۽ يو پي جي مسلمانن جو اولاد واپس ورڻ جي سوچ ڪري رهيو آهي. (p 495)

اڄڪلهه بي بي سي، ايم ڪيو ايم ۽ هندوستان ايجنسي ”را“ جي لاڳاپن جي باري ۾ جيڪي راز فاش ڪيا آهن ان جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي کان سواءِ ملڪ جون ٻيون سڀ سياسي پارٽيون ايم ڪيو ايم جي سخت خلاف ٿي ويون آهن ۽ سرڪار کان سخت قدم کڻڻ جي گهر ڪري رهيون آهن. سائين جي ايم سيد به اهڙي پيشنگوئي ڪري چڪو آهي ۽ پروفيسر وينڪٽ ڌوليپالا به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

جيڪي به اسڪالر، شاگرد ۽ ساڃاهه وند هندوستان جي ورهاڱي يا پاڪستان جي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ٿا، انهن کي پروفيسر ڌوليپالا جو هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي آءِ آر ڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو پروفيسر آهي ۽ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ ريسرچ فيلو رهي چڪو آهي.

Shahmehtabali5@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو