Home / ڪرنٽ افيئر / پاڪستان ۾ عالمي سماجي تنظيمون عتاب جو شڪار
above article banner

پاڪستان ۾ عالمي سماجي تنظيمون عتاب جو شڪار

aijaz

پاڪستان هڪ ڀيرو وري دنيا ۾ خبرن جي لحاظ انتهائي اهم جڳهه واري چُڪو آهي. آصف زرداري ۽ سندس پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر زور شور سان بي انتها ڪرپشن جي ڪري مشهوري ماڻي رهي آهي ته ٻئي طرف پهريون ڀيرو بين الاقوامي سماجي تنظيمون (International Non-governmental Organization) حڪومتي عتاب هيٺ آهن.

پاڪستان جي حڪومت کي يورپين يونين ۽ گڏيل قومن کان سواءِ سماجي ادارن طرفان ڦاهين جي سزا تي عمل ڪرڻ ڪري ڀرپور تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پشاور ۾ اسڪول تي حملي جي واقعي کانپوءِ نواز شريف حڪومت اهو فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان جي جيلن ۾ قيد ڦاسي جي سزا يافته ملزمن کي جلد ڦاهي تي لٽڪايو وڃي. دنيا انهي فيصلي تي وڏي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. دنيا جي اڌ کان مٿي ملڪن ۾ موت جي سزا تي پابندي لڳل آهي ۽ پاڪستان زرداري حڪومت دوران انهي سزا تي عمل نه ڪيو.

گڏيل قومون ۽ يورپي يونين هميشه موت جي سزا جي خلاف رهيا آهن ۽ مختلف ملڪن تي جتي موت جي سزا رائج آهي اُنهن کي تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي سماجي تنظيمون سالن کان پاڪستان ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو اچن. انهن تنظيمن پاڪستان کي 2005ع ۾ ڪشمير جي مها زلزلي ۽ 2010ع- 2011ع جي مها ٻوڏ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. پاڪستان بي انتها ڪرپشن ڪري اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پيرن تي معاشي طرح سان بيهي نه سگهيو آهي ۽ دنيا جي ملڪن جي لسٽ ۾ سڀ کان آخري نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ اڄ ڏينهن تائين 60 کان 70 سيڪڙو ماڻهو غريب آهن ۽ عالمي بئنڪ مطابق اهو غربت جو نه کٽندڙ سلسلو اڃا به وڌي رهيو آهي. انهي جو هڪ سبب پاڪستان جو معاشي طرح ڪمزور ۽ بي انتها ڪرپشن آهن. هڪ بين الاقوامي رپورٽ مطابق پاڪستان کي جيڪڏهن 2005ع جي زلزلي ۽ 2011-2010ع جي مها ٻوڏ ۾ بين الاقوامي سماجي ادارن (INGO) ۽ گڏيل قومون (UN) سان لاڳاپيل ادارن جو هَٿ نه هجي ها ته پاڪستان جي حالت انتهائي بري ٿئي ها ۽ گهرو ويڙهه جو خطرو پئدا ٿي وڃي ها.

jaly 16

اها به هڪ حقيقت آهي ته دنيا جا ڊونر ملڪ جيڪي معاشي طرح مضبوط آهن جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني وغيره شامل آهن. اهي ملڪ بين الاقوامي تنظيمن جي معاشي مدد ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن تنظيمن جي ذريعي پنهنجي ايجنڊا انهن ملڪن تي مڙهين ٿا جيڪي پنهنجي غربت ۽ معاشي بد حالي، ڪرپشن جي ڪري مجبور ٿي بين الاقوامي مدد حاصل ڪن ٿا.

هن ڀيري پاڪستان ۾ جن تنظيمن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا انهن ۾ سيو دي چلڊرين (Save The Children)، مَرسي ڪارپس (Mercy Corps)، نيشنل ڊيموڪريٽڪ انسٽيٽيوٽ (National Democratic Institute)، آڪسفيم (Oxfam) ۽ ورلڊ ويزن (World Vision) وغيره شامل آهن.

سڀ کان وڌيڪ حڪومتي عتاب هيٺ سيو دي چلڊرين رهي جنهن تي اهو به الزام آهي ته سيو دي چلڊرين تنظيم جي بينر هيٺ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي ذريعي اسامه بن لادن جي پوليو جي ڦڙن پيارڻ جي بهاني سان جاسوسي ڪئي. اهو الزام سيو دي چلڊرين هميشه نه قبوليو آهي ۽ حڪومت الزام ثابت ڪرڻ ۾ قومي ۽ بين الاقوامي فورمن تي ناڪام ٿي آهي.

انهي ڪري سيو دي چلڊرين جي آفيس کي سيل ڪيو ويو ۽ نوٽيس جاري ڪري پنهنجون سموريون آفيسون 15 ڏينهن اندر بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

انهي خبر آمريڪا ۽ گڏيل قومن کي وڌيڪ پريشان ڪيو ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ آمريڪا پاڪستان حڪومت تي زور ڀريو ته سيو دي چلڊرين ۽ ٻين ڪم ڪندڙ INGOS بين الاقوامي تنظيمن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي. آمريڪا ۽ گڏيل قومن هڪڙو سبب اهو به ڄاڻايو ته انهن جي سماجي ڪمن لاءِ تمام مدد بين الاقوامي تنظيمن جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي.

اها هڪ حقيقت آهي ته فقيرن لاءِ ڪا به خواهش نه هوندي آهي. ان ڪري پاڪستان آمريڪا جي دٻاءَ کي هضم نه ڪري سگهيو ۽ سيو دي چلڊرين سميت سمورين بين الاقوامي سماجي ادارن (INGOS) کي ملڪ ۾ 6 مهينا ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اهو حڪومتي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ڪو به بين الاقوامي دٻاءَ برداشت نٿو ڪري سگهي. ان ڪري اسان جي ملڪ جي قسمت جا فيصلا هميشه برطانيا، آمريڪا، گڏيل قومون، جنيوا وغيره ۾ ٿين ٿا.

بهرحال، انهن 6 مهينن جي عرصي ۾ سمورين بين الاقوامي تنظيمن تي اهو زور ڀريو ويو آهي ته اهي پاڪستان جي قانون مطابق هڪ ڀيرو ٻيهر ٽن مهينن اندر رجسٽر ڪرائين. پاڪستاني حڪومت انهن تنظيمن کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪاميٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ اڪنامڪ افيئرس ڊويزن، منسٽري آف انٽيريئر، منسٽري آف فائنانس وغيره جا ماهر شامل آهن. اها ڪاميٽي INGO تنظيمن جي رجسٽريشن لاءِ نوان اصول جوڙيندي ۽ INGO تنظيمن جو احتساب ڪندي.

انهي سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جي پنهنجي سول سوسائٽي يا غير حڪومتي تنظيمون (NGOS) خاموش رهيون آهن. اسان جون NGOS حقيقيت ۾ ايتريون مضبوط نه آهن جو حڪومت ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي وچ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ انهن تنظيمن جي فنڊنگ گهڻو تڻو حڪومت ڪندي آهي. انهن تنظيمن پنهنجو پاڻ کي حڪومتي فنڊنگ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

حڪومت وانگر پاڪستان جي سول سوسائٽي پڻ ڀرپور ڪرپشن جو شڪار آهي. سنڌ حڪومت جي ڪيترن پروجيڪٽس ۾اين جي او جي ڪيل ڪرپشن جا قصا مشهور آهن ۽ ڪيترن تي ڪرپشن جي انڪوائري پڻ هلندڙ آهي.

انهي سڄي صورتحال ۾ جتي حڪومت ۽ پاڪستان جي سول سوسائٽي ڪرپشن وغيره ۾ هڪ پني تي بيٺل آهي ته پوءِ وڌيڪ بهتر سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته بين الاقوامي سماجي تنظيمن (INGOS) کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ ملڪ کي اڪيلائي ڏانهن نه ڌڪيو وڃي.

حڪومت جيڪا ڪاميٽي ٺاهي آهي ان جو فرض آهي ته سول سوسائٽي ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن کي به شامل ڪري ۽ ڪجهه اهڙا اصول ٺاهي جيڪي واقعي ملڪ ۽ ادارن لاءِ بهتر ثابت ٿين.

انهن اصولن ۾ هڪ اهم اصول اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ اهي تمام بين الاقوامي تنظيمون (INGOS) پاڪستاني ڪميونٽي سان سڌو سنئون ڪم ڪرڻ بجاءِ ڪميونٽي بيسڊ تنظيمن کي فنڊز ڏين ۽ ڪميونٽي جا پنهنجا ماڻهو رکي ڪم ڪرائين. ان کان سواءِ بين الاقوامي تنظيمن کي پابند بنايو وڃي ته اهي باقاعده لوڪل آڊٽ ڪرائين ۽ جاچ پڙتال لاءِ ماهرن تي ٻڌل علاقائي ٽيم جوڙين.

روزگار لاءِ باقاعده لوڪل اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ سان گڏ لوڪل ماڻهن کي ترجيح ڏين. گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو لوڪل ماڻهن جو هر پروجيڪٽ ۾ هجڻ ضروري ڪيو وڃي. ياد رهي ته سيو دي چلڊرين (Save The Children) تي اهو به الزام آهي ته انهن لوڪل پروجيڪٽ ۾ ٻاهرين ماڻهن کي وڌيڪ رکيو آهي. ميرپورخاص سنڌ جي هڪ پروجيڪٽ ۾ 200 اسٽاف ۾ هڪ به سنڌي يا مقامي آبادي جو ڪو به ماڻهو شامل نه هو.

انهن سڀني حقيقيتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان ٺاهيل ڪاميٽي تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ اُميد آهي ته ڪاميٽي ڪجهه بهترفيصلا ڪندي. پاڪستان کي ادارن جي ان وقت تائين ضرورت آهي جيستائين پاڪستان معاشي طرح سگهارو ملڪ نٿو ٿئي ۽ ڪرپشن مان جند نٿو ڇڏائي.

ليکڪ ڊيولپمينٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

aakhuwajai@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو