Home / ايڊيٽوريل / پيپلز پارٽي کي سياسي شهيد ڇو ٿو بڻايو وڃي؟
above article banner

پيپلز پارٽي کي سياسي شهيد ڇو ٿو بڻايو وڃي؟

june 2015 cowarپ پ وري ڏکيا ڏينهن ڏسي رهي آهي. هن ڀيري ظاهري طرح اسٽيبلشمينٽ مٿس ان لاءِ ڏمريل آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پ پ جي منظور نظر آفيسرن کي نيب يا رينجرز گرفتار ڪري رهي آهي. وزيرن مٿان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. ڪي ايم سي ، واٽر بورڊ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ آفيسرن  ڇاپن جي ڀئو کان آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. رينجرز هٿان گرفتار آفيسرن جااقبالي  بيان ميڊيا کي جاري ڪيا پيا وڃن، جن ۾ بلاول هائوس کي ڪرپشن جي آمدني گڏ ڪرڻ جو مرڪز ڄاڻايو پيو وڃي. رينجرز ته ان کان هڪ هٿ اڳتي وڌي فش هاربر جي آمدني مان لياري جي گينگز ۽ بلوچ لبريشن آرمي کي حصو ملڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ سوڙهي ٿيل پ پ قيادت جو ردعمل اسلام آباد مان آيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تنهن ڏينهن اسلام آباد ۾ فرمايو ته جيڪڏهن سندن ڪردارڪشي جاري رهي ته هو جنرلن جا ڪچا چٺا جاري ڪندو ۽ سر جو جواب پٿر سان ڏيندو. سندس تند لهجي باه ٻاري ڇڏي. اسٽيبلشمينٽ جي ڏور تي چرندڙ سياستدانن ۽ تجزئي نگارن زرداري جي تقرير کي غداري کان گهٽ ڪونه ڪوٺيو. کڻي جو ان تقرير کي هاڻ ڪافي ڏهاڙا گذري چڪا آهن پر پوءِ به ملڪ ۾ سياسي فضا تي ان تقرير جا ڪڪر ڇانيل آهن. چون ٿا ته ان تقرير سان زرداري صاحب پ پ جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو آهي. اسان ان سڄي ماحول کي ڪنهن ٻئي رخ ۾ ڏسون ٿا ان ڪري بظاهر نظر ايندڙ ڳالهين کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ بجاءِ ڪجهه سوال بحث هيٺ آڻي سندن جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن نتيجي تي پهچڻ ۾ سولائي ٿئي.

  1. ڇا هن ملڪ جي اڇي جاري جي مالڪ اسٽيبلشمينٽ تبديل ٿي چڪي آهي؟
  2. پيپلز پارٽي اهڙو ڪهڙو ڪم ڪري پئي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي مفادن سان ٽڪراء ۾ اچي رهيو آهي؟

سڀ کان اڳ پهرين سوال جو جواب ڳوليون:

 پاڪستان ٺاهيو ته سياستدانن پر جيئن ته ملڪ جي باني جماعت مسلم ليگ ڪا منظم سياسي جماعت هجڻ بجاءِ قائد اعظم جي ڪرشماتي شخصيت جي چئوطرف ڦرندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو انبوه هئي تنهن ڪري قائد اعظم جي وفات کانپوءِ سول ملٽري بيوروڪيسي رياستي وهنوار هلائڻ جي معاملن ۾ مداخلت شروع ڪئي. ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل کانپوءِ اها مداخلت وڌي وڃي ايسيتائين پهتي ته جنرل ايوب خان فوج جي سربراه هجڻ ناتي ڪابينا جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ هڪ ڪامورو غلام محمد ملڪ جو گورنر جنرل بڻيل رهيو. ون يونٽ جي اسڪيم اسٽيبلشمينٽ جي انهن ٻن پيل پاون جي دماغ جي پيداوار هئي. اسٽيبلشمينٽ 1958ع ۾ ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لڳايو. سياستدانن کي ڪرپٽ ۽ ملڪي وهنوار هلائڻ جي لائق نه هجڻ ڪوٺيو ويو. مذهبي سياسي جماعتن جي سرپرستي شروع ڪئي وئي جنهن ڪم ۾ نکار جنرل ضيا جي مارشل لا آندو.

پر آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڻن طور طريقن ۾ تبديلي آندي آهي.مذهبي سياست جو باب بند ٿيو. جهادي ڌرين کي سوڙهو ڪيو پيو وڃي. هاڻ هرڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو. ملڪ هلائڻ سياسي حڪومت جو ڪم آهي ان ڪري ان کي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي مڪمل خودمختياري آهي. ٿي سگهي ٿو ته اوهان ان دعويٰ سان اتفاق ڪندا هجو باقي اسان جي ڄاڻ ۽ تجربو ان دعويٰ سان سهمت ناهي. موجوده اسٽيبلشمينٽ جون پاليسيون اڳوڻين جو تسلسل آهن.

هن ملڪ ۾ حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن پر اسٽيبلشمينٽ سدا بهار آهي. ايوب کهڙا، پير الاهي بخش، غوث علي شاه، ڄام صادق، لياقت جتوئي ۽ ارباب غلام رحيم سنڌين جي چونڊ بجاءِ اسٽيبلشمينٽ پاران سنڌ تي ٿاڦيل حڪمران هئا. اسٽيبلشمينٽ جي  انهن مُهرن سنڌ ۾ خراب حڪمراني جي بي پاڙي ول جي آبياري ڪئي. اڄ پ پ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاه جيڪو سنڌ جو خانو خراب ڪري رهيو آهي سو ڪنهن به طور تي اسٽيبلشمينٽ جي منظور نظر وڏن وزيرن کان مختلف ڪونهي. ته پوءِ ڇا هيل اسٽيبلشمينٽ سنڌ هلائڻ لاءِ ڪو ساڌ پاڪ آڻيندي؟ جواب پاڻ ڳوليندا.

ٻيو سوال ته پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جو ٽڪراءُ ڪٿي آهي؟

ڏٺو وڃي ته پ پ جيڪڏهن ڪو ڏوه ڪيو به آهي ته سنڌي عوام جو ڪيو آهي.  سنڌين جي صحت، تعليم، صفائي ۽ ترقي جا پئسا مافيائن هٿان لٽي ڦري هتي ۽ ٻاهر ملڪيتون ٺاهيون اٿائون. اسٽيبلشمينٽ کين سنڌ 2008 ۾ جنهن حالت ۾ ڏني سا ئي هو قائم رکيو ويٺا آهن باقي اعتراض ڇا تي آهي؟ سندن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ارباب غلام رحيم جنرل مشرف جي نمائندي طور  سنڌ تي راڄ ڪري رهيو هو ۽ ايم ڪيو ايم جون ٻارهن ئي آڱريون گيھ ۾ هيون.

 تنهن ڪري ڪرپشن جا الزام پنهنجي جاءِ تي ،اسان جي خيال ۾ هن ڀيري ٿورو ٻيو معاملو به آهي. پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پراڻو بلڊر آهي. 1985 ۾ غوث علي شاه جي وزير ڪوڙل شاه معرفت ڪراچي جي اهم جاين جا پلاٽ هٿ ڪري پلازا ٺاهيندو هيو.  هاڻ ته ان حسن ۾ نکار آيو آهي. زرداري ملڪ رياض کي سنڌ ۾ بزنس پارٽنر ڪري وٺي آيو آهي. ملڪ رياض جي تعميراتي منصوبن مان ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي سڀ کان اول نقصان مليو. پ پ جي سنڌ سرڪار جي پوري مشينري مختيارڪار، تپيدار ۽ ڊي سي- ملڪ رياض جي آفيس لڳا پيا آهن. ان صورتحال ۾ سنڌ جي صوبائي سرڪار مٿان وارن کي ڪيترو وڻندي هوندي ان جو اندازو پاڻ ڪريو.

پ پ پاران ڄاڻي واڻي ميديا کي اها خبر جاري ڪئي وئي ته شهيد سپاهين جي خاندانن لاءِ گهريل زمين سنڌ حڪومت قومي سلامتي جي اداري کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان خبر جاري ڪرڻ سان زرداري صاحب جي ترجمان فرحت الله بابر جي ان بيان جي تصديق ٿئي ٿي جنهن ۾ هن اها دعوي ڪئي هئي ته اسٽيبلشمينٽ زمين نه ملڻ سبب سنڌ سرڪار تي ڏمريل آهي.

اسٽيبلشمينٽ وٽ پ پ جو متبادل ڇا آهي؟ ان تي الڳ الڳ راءِ ٿي سگهي ٿي پر اها بهرحال ڪڙي حقيقت آهي ته پ پ جي وفاقي توڙي صوبائي سرڪار جي شڪل ۾ سنڌي ماڻهو پاڻ کي رياستي اقتدار ۾ شريڪ سمجهندو آهي. لک شڪايتن هوندي به في الحال وٽس ان جو ڪو متبادل ڪونهي. باقي اسٽيبلشمينٽ پاران پيش ڪيل ڪوبه ڄامي- اربابي متبادل پ پ جي مرندڙ جهرندڙ ڍانچي ۾ ساه وجهي ويندو. اها وري مظلوميت جو راڳ ڳائيندي ۽ شهيدن جي نالي ۾ همدردي پنندي.  ڇڏيو ته پ پ پنهنجي طبعي موت مري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو