Home / ڪور افيئر / پ پ جو زوال: مائنس زرداري فارمولا گردش ۾!
above article banner

پ پ جو زوال: مائنس زرداري فارمولا گردش ۾!

Razak Khatiميان نواز شريف جي حڪومت کي جنم ڏيندڙ 2013ع وارين عام چونڊن ۾ مبينه ڌاندلين وارين چونڊن ۾ منظم يا انتظامي ڌانڌلين جي جاچ جي حوالي سان قائم ڪيل عدالتي ڪميشن پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ڌرين کي چيو آهي ته هو 15 ڏينهن بعد ان بابت فيصلو جاري ڪندو. عيد کانپوءِ اهو فيصلو اچڻو آهي، امڪان آهن ته “هوميوپيٿڪ” فيصلو هوندو ، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڪجهه تجويزون شامل هونديون ، ۽ موجوده حڪومت کي برقرار رکڻ جي ڪا صورت اختيار ڪئي ويندي.

پاڪستان ۾ هن وقت بحث هيٺ سڀ کان وڏو معاملو پيپلزپارٽي جي مستقبل جوآهي، ائين به ناهي ته ڪو پيپلزپارٽي تي ان قسم جا ڏينهن پهريون ڀيرو آيا آهن، پنهنجي قيام کان وٺي چئن ڏهاڪن تائين جي سياسي سفر ۾ جتي پيپلزپارٽي جي ڪري ان جي قيادت کي نه رڳو پنهنجيون زندگيون ڏيڻيون پيون آهن، پر رياستي ادارن جي سازشن جي ڪري مائينس ڀٽو وارا فارمولا به آزمايا ويا، پر ڪوبه فارمولو ڪارگر نه ٿيو. هر دفعي پيپلزپارٽي ڪَڙي وقت مان نڪري پار پئي، اهو ئي سبب آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ هن پارٽي جي مستقبل جي حوالي سان هر فورم تي فڪر مندي نظر اچي ٿي. خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن پنجاب مان انتهائي تيزي سان پارٽي مان اهم ماڻهو ٻين پارٽين ڏانهن وڃي رهيا آهن ، پيپلزپارٽي جا گهڻگهرا پارٽي قيادت تائين جيڪڏهن پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ته انهن سموري حقيقت کان به کيس آگاھ ڪيو آهي، پر ان باجود معاملي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي نظر نٿي اچي، پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان پوزيشن تي پهچي وئي آهي، جتي ان جي قيادت کي مائينس ڪرڻ جي صورت ۾ ئي بچائي سگهجي ٿو، نه ته ان کان اڳ ۾ پارٽي هر دفعي اسٽيبلشمينٽ جي ارادن کي شڪست ڏيندي آئي آهي، هن دفعي جيڪا صورت حال پيدا ٿي آهي ان ۾ جيڪڏهن پارٽي پنهنجي قيادت ۽ روئي کي تبديل نه ڪيو ته ان جي جي سُسڻ کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

raz

جون جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري بڻيل ايم اين اي فريال ٽالپر جي پرڏيهه وڃڻ ، ۽ ان بعد پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو اوچتو ٻاهر هليو وڃڻ کانپوءِ اهو تاثر واضح ٿي سامهون اچي ويو هو ته پارٽي جي سڄي قيادت ملڪ مان فرار ٿي وئي آهي، انهن ئي ڏينهن دوران مڪاني ادارن سميت مختلف کاتن جي ڪامورن مٿان رينجرس طرفان ڇاپن جو سلسلو به تيز هو، پهريون ڀيرو نيب به چستي ڏيکاري هئي، وزيرن جي گهرن مٿان ڇاپن ۽ انهن جي گهرن مان اربين رپين جي ڪرنسي هٿ اچڻ جون خبرون به عام هيون، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته وزيرن جي گهرن تي ڇاپن ۽ هٿ آيل ڪرنسي جي ڪنهن به تصديق نه ڪئي آهي، جن جي گهرن تي اهي ڇاپا لڳا اهي به ماٺ ۾ آهن ۽ جن ڇاپا هنيا انهن به ان ڳالهه جي وضاحت مناسب نه سمجهي آهي!!!

پيپلزپارٽي هن وقت ٻه طرفي بحران ۾ ڦاٿل آهي، ۽ اهي ٻئي بحران ان جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، انهن ٻنهي بحرانن مان هڪ جو تعلق سنڌ حڪومت سان ۽ ٻيو پارٽي سان آهي. سنڌ حڪومت لاءِ سڄي ملڪ ۾ اهو تاثر عام آهي ته اها پاڪستان جي ٻين صوبائي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ بدعنوان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ انتظامي بحران پيدا ٿيو آهي، ۽ آهستي آهستي سنڌ جي حڪومت کان اختيار به نڪرندا ويا آهن. سنڌ مان اهي اطلاع ملي رهيا آهن ته نئين پارٽي جوڙڻ لاءِ پراڻي تجربي کي وري آزمائڻ جو شوق جاڳيو اٿن، خاص ڪري ان وقت جڏهن پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي بحرانن جي ڪري پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرڻ لاءِ اهو تجربو ورجايو ويندو. اطلاعن موجب پي پي پي ، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي ناراض اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي اندر ويٺل اسٽيبلشمينٽ جا پراڻا اتحادي به هن نئين پارٽي جو حصو ٿي سگهن ٿا.

ٻيو بحران وفاق سان مالي معاملن بابت آهي، ان سلسلي ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڏند چڪ جو سلسلو به هلندڙ آهي، تازو قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي آخري ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوت ٿيندڙ ماڻهن جو معاملو پيپلزپارٽي پاڻ اٿاريو، ايم ڪيو ايم ان معاملي ۾ پي پي پي سان گڏ هئي، ٻه ڏينهن ان معاملي تي بحث هليو، مخالف ڌر پاران ڪيل تقريرن ۾ ڪراچي ۾ ٿيل سانحي بابت ڪي به انگ اکر موجود نه هئا، رڳو زور ان ڳالهه تي هو ته ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ سبب ماڻهن جو موت ٿيو آهي، ۽ ان جو ذميوار وفاق آهي. وفاقي حڪومت واضح ڪيو ته معاهدو ختم ٿيڻ جي باوجود به ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف به سنڌ حڪومت مٿان زبردست ڇوھ ڇنڊيا. هن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مٿان 66 ارب رپيا رهيل آهن، 13 ارب رپين تي اتفاق به ٿي چڪو آهي، پر سنڌ حڪومت اها رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، قومي اسيمبلي ۾ موجود پيپلزپارٽي جي قيادت ان باري ۾ مڪمل بي خبر نظر آئي، کيس ان باري ۾ ڪابه خبر نه هئي، ته خواجا آصف صحيح به چئي رهيو هو يا نه؟

ڪجهه ڏينهن بعد سنڌ جو ناڻي وارو وزير مراد علي شاھ اسلام آباد پهتو ۽ هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، هن جيڪي انگ اکر ڏنا اهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي قيادت قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ها ته حڪومت دفاعي پوزيشن ۾ اچي وڃي ها، پر ڇاڪاڻ ته ادارتي صورت نه هجڻ ڪري پي پي پي سدائين ائين ڪندي رهندي آهي. سيد مراد علي شاھ جو چوڻ هو ته سرڪاري سطح تي چئني صوبن اندر جيڪا بجلي استعمال ٿئي ٿي ان جي بلن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان زيادتي ٿي رهي آهي. هن انگ اکر ڏيندي ٻڌايو ته گذريل 10 مهينن دوران پنجاب 2354 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪئي، ۽ ان جو بل يارنهن ارب 60 ڪروڙ جاري ڪيو ويو، خيبر پختون خواھ 488 ميگا واٽ بجلي استعمال ڪئي ته ان کي ٻه ارب 80 ڪروڙ جو بل جاري ڪيو ويو، بلوچستان رڳو 186 ميگا واٽ بجلي استعمال ڪئي ته ان کي 2 ارب 90 ڪروڙ جو بل جاري ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ان عرصي دوران 417 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪئي پر سنڌ کي ساڍا 16 ارب رپين جو بل جاري ڪيو ويو. هن وفاقي حڪومت جي ان الزام ته هڪ هڪ ٿاڻي ۽ سرڪاري عمارتن مان سڄي علائقي کي غير قانوني بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت هڪ به ايف آءِ آر ڏيکاري جيڪا هنن داخل ڪرائي هجي. هن ڪجهه مثال به ٻڌايا جن ۾ جيڪب آباد جي هڪ گرلز اسڪول تي هڪ ڪروڙ 12 لک جو بل جڏهن ته قمبر جي هڪ گرلز اسڪول تي هڪ ڪروڙ 96 لک رپيا بقايا رهيل ڏيکاري آهن. هن جو چوڻ هو ته حيدرآباد جي پاڻي ۽ سيوريج واري اداري مٿان 5 ارب رپين جو بل ڪڍيو ويو ، جنهن مان ٻه ارب 80 ڪروڙ رپين تي اتفاق ٿيو آهي، ان لاءِ به پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي چيو آهي ته هو پهرين سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ان بعد رقم جاري ڪئي ويندي. هن وفاق جي ان دعوا کي به رد ڪيو ، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 13 ارب رپين جي ادائيگي تي اتفاق ٿيو آهي، هن پاڻي ۽ بجلي واري وزير جي تضحيڪ آميز روئي جو به ذڪر ڪيو، آخر ۾ هن ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن وفاق سنڌ جا مسئلا حل نه ڪيا ته پارليمنٽ هائوس ڌرڻو هنيو ويندو.

مراد علي شاھ جي اها پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جو واضح پيغام هئي ته سنڌ حڪومت هاڻي وفاق سان مهاڏو اٽڪائڻ جي موڊ ۾ آهي، پر سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت ان پوزيشن ۾ آهي ته هو وفاق سان ٽڪر کائڻ جو خطرو کڻي سگهي، هن وقت پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن مٿان نيب ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته گهرو وزارت ڪراچي آپريشن کي به ڏسي رهي آهي، بدعنواني جي گند سان ڀريل پي پي پي حڪومت هن وقت ان پوزيشن ۾ ناهي ته هو وفاق سان ٽڪر کائي سگهي، جيڪڏهن هن واقعي ڪو ان قسم جو فيصلو ڪيو آهي ته ان جي پويان اها حڪمت عملي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پاڻ کي شهيد ڪرائي عوام ۾ همدردي حاصل ڪري وٺجي، پر هن ڀيري اها همدردي به هنن کي ملندي نظر نٿي اچي.

بلاول زرداري پاڪستان موٽي آيو آهي پر هو پارٽي کي ٽيڪو نه ڏئي سگهندو، ان جا ٻه سبب آهن ، هڪ ته هن جي عملي سياسي تربيت ناهي، ٻيو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ائين هجي به سهي ته به سندس والد کيس اهڙا اختيار نه ڏيندو، پنجاب مان پارٽي اندران جنهن تيزي سان اڏام شروع ٿي آهي ، ان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته پي پي پي هاڻي پنجاب اندر پنهنجو اثر وڃائي چڪي آهي، سندس ووٽ بئنڪ به ختم ٿي رهيو آهي. پهريون ڀيرو اهو تاثر شدت سان اڀري رهيو آهي ته پارٽي کي قيادت جي تبديلي جي صورت ۾ بچائي سگهجي ٿو، ممڪن آهي ته آصف علي زرداري وٽ معاملي کي ٺاهڻ جو ڪو هنر هجي، پر هاڻي هن جي هٿن مان گيم نڪرندي پئي وڃي، پيپلزپارٽي گذريل ستن سالن دوران سنڌ سان جيڪي ويل وهايا ۽ جيڪو ويل هنن سنڌ جي معاشري کي ڪرپٽ بڻائڻ جو ڪيو آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ معافي جي لائق ناهي، اخبارن ۾ هيڊ لائينون ٺاهڻ بدران تاريخ ۾ جاءِ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙ آصف علي زرداري سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ ڪهڙي جاءِ ٺاهي آهي، ان جو اظهار ذاتي ڪچهرين ۾ اوهان هر ان ايم پي اي ۽ ايم ايم اين ۽ پارٽي ڪارڪن کان ٻڌي سگهو ٿا، جنهن جو ٿورو گهڻو ئي سهي پارٽي لاءِ پورهيو ڪيل آهي!!

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو