Home / سياسي افيئر / پ پ جي رڌڻي ۾ رولو!
above article banner

پ پ جي رڌڻي ۾ رولو!

Sana Abbas Dashtiسياسي طور تي مُلڪ جي صُورتحال ڏاڍي دلچسپ ٿي رهي آهي. نواز حڪومت جي جمهوريت پنجاب ۾ پنهنجو ٻيو دور پورو ڪري رهي آهي، ته ٻئي پاسي سنڌ اندر پ پ جي حڪومت پنهنجو ٻيو مدو مڪمل ڪرڻ طرف گامزن آهي. سرحد صُوبي ۾ نئين اُڀري آيل پارٽي پي ٽي آءِ جون موجون آهن ته وري بلوچستان اندر سياسي بحران 70ع واري ڏهاڪي جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي هاڻوڪي اليڪشن کان پهرين ائين محسوس ٿي رهيو هو ته پ پ ملڪ اندر جادوئي لٺ وارو ڪمال ڏيکاريندڙ سياسي قُوت آهي، پر آهستي آهستي سينيٽ چُونڊن کانپوءِ پ پ جي طاقت جو توازن گهٽجي ايترو ته هلڪو ٿي ويو آهي، جو گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چُونڊن دوران پ پ جي تَڏا ويڙهه ٿي چُڪي آهي، آزاد ڪشمير اندر پ پ جي نوازيل حڪومت پڻ هان يادِ ماضي بڻجي چُڪي آهي، جڏهن ته سياسي پارٽيون مُستقبل لاءِ مُتحرڪ هُونديون آهن. تنهن ڪري پ پ جي موجوده سياسي سرگرمين کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ته حيرت ٿئي ٿي ته هڪ وڏي سياسي پارٽيءَ سان قيادت کان ويندي ڪارڪنن تائين ايتري گهري خاموشي ڇو ڇانيل آهي؟

JUNE 30

ذري گهٽ پ پ موجوده دور جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اندر هڪ ڏهاڪي جي سرڪاري حيثيت ماڻي چُڪي هوندي. پ پ ڪراچيءَ اندر ايتري ته ٻاراڻي سياست جا ڏيک ڏنا، جنهن موجب اڄ تائين ايئن لڳندو آهي، جو ڪراچي اندر پ پ صبح جو زخمي ٿي پوندي آهي، مجهند جو مُعالج کيس لاعلاج قرار ڏيندا آهن ۽ شام جو سندس موت جو اعلان ڪيو ويندو آهي. هڪ هفتي جي سياسي تعزيتن کانپوءِ وري مهيني اندر خبر پوندي آهي ته سنڌ حڪومت جي مهربانين سان جيئري ٿي پئي آهي، پ پ اندر وڏو سياسي بحران آهي، جنهن بابت سنڌ اندر چوٻول جاري آهي.

سنڌ جي ٻهراڙين جا ڏُکَ ايترا ته ٻِيڻا ٿي چُڪا آهن، جو غريب عوام غُربت جي دِيوار سان ٽڪرائجي چُڪو آهي. بُنيادي سهولتن کان محروم عوام هر ايندڙ ڏِينهن پنهنجي درد جو درمان ته ڪو نه ٿي ڏسي سگهي ويتر سندس مسئلن جا پهاڙ پيدا ٿي رهيا آهن، لاقانونيت، عدم تحفظ ۽ صوبي جي وڏي جمهوري پارٽي جي زيرو ڪارڪردگي ڇا پ پ جي قيادت لاءِ وڏي سوال جو سبب نه ٿو بڻجي سگهي؟ جمهوري پارٽيءَ جي دعويدار پ پ سنڌ اندر ڪيترائي جمهوري چهرا چُونڊي کنيا آهن، جيڪي عوام سان جمهوري انداز ۾ مخاطب ٿيندا هجن، پ پ جي جمهوري نمائندن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ته اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته هڪ اسريل سياسي طبقو وڏيرڪي انداز ۾ هر روز پنهنجي پگهر ۾ ئي شل آهي، ويتر عوام جي تذليل ڪرڻ ۾ کيس ذهني سڪون ملي ٿو، اهو وڏو سياسي مونجهارو آهي جو پ پ کي ووٽ ڪندڙ ڪو به عام ماڻهو چُونڊيل نمائندي سان رُليو آهي، ته کيس مثبت موٽ ته ٺهيو پر سندس تذليل ٿيندي رهي آهي، سياستدانن جي اهڙي روش سچ ته جمهوريت جي نالي سان مذاق آهي، اڪثر ڪري جمهوري سياست جا دعويدار سنڌ جا چُونڊيل نمائندا اڄ به پنهنجي پاڻ کي روايتي وڏيري کان گهٽ نه ٿا سمجهن، ڪير سردار ته ڪير ڀوتار ٿيڻ جي شوق ۾ آهي، ڪو پنهنجي پاڻ کي جاگيردار ٿو سمجهي ته ڪو وري پنهنجي پاڻ کي سردار ٿو سمجهي.

JUNE 31

سنڌ جي سياسي ٻيڙي اندر جيڪڏهن ڪو ڳورو آهي ته اهو آهي سنڌ جو نوجوان، ڇاڪاڻ جو نااهل وڏيرا سمجهن ٿا ته نوجوان جيڪڏهن اڳتي ايندو ته اُهو سڌو سنئون عوام جي ڀلائيءَ جا ڪارناما سرانجام ڏيندو، جيڪا ڳالهه کين پسند نه آهي، سياسي پارٽي اندر ڊڪٽيٽرشپ جهڙي سوچ قائم ڪندڙ امير طبقو ڪنهن به صُورت ۾ عوام کي خوشحال ڏسڻ نه ٿو چاهي، اهو ئي سبب آهي، جو مسلسل ساڳيو ئي طبقو سنڌ جي نوجوانن کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، وري جيڪڏهن اتفاق سان ڪو نوجوان سياست ۾ شامل به ٿيو آهي ته اهو ساڳي ئي طبقي سان واسطو رکندڙ رهندو آهي. اهو هڪ مُنجهائيندڙ سياسي سوال آهي، جنهن جو جواب پ پ جي قيادت کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو سياسي ماحول هاڻي آهستي آهستي تبديليءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن پ پ سنڌ اندر ساڳئي رٽ قائم رکي ته پوءِ ڪراچي ۾ يرغمال ٿيل پ پ سنڌ جي ٻين ضلعن اندر پنهنجا پير به کُپائي نه سگهندي، پ پ کان سنڌ جو عوام پنهنجي حقن جي گهر ڪئي آهي ته هميشه پ پ جو رويو ايترو خراب ٿي ويندو آهي، جو عوام ڪا وڏي غلطي ڪري ڇڏي، جيڪڏهن پ پ جي دعويٰ جمهوري آهي ته پوءِ سندس عمل ڪهڙن سبب جي ڪري عوام دوست ڇو نه ٿي سگهيا آهن؟ پ پ کي پارٽي طور وڪوڙيندڙ مٿيون طبقو پ پ کي صرف پنهنجي تر جو تيل وارو کوهه سمجهي ٿو، جنهن تي سندس اجاره داري آهي، جتي ڪنهن به عام ماڻهو جي رسائي ناممڪن آهي. ان سان لڳي ٿو ته سنڌ جو ديوار سان لڳل نوجوان طبقو توڙي غريب عوام ايندڙ چُونڊن ۾ پ پ کي گهربل موٽ ڏيڻ جا پابند نه هوندا، تنهن ڪري اهو هڪ پ پ جي لاءِ وڏي سياسي بحران هوندو، پنهنجي رهيل باقيات کي سنڌ اندر ڪيئن بچائي سگهي ٿي.

باقي پ پ جي رڌڻي اندر رولو بذاتِ خود هن وڏي سياسي جماعت کي پوري ملڪ مان تڏا ويڙهه ڪرائي سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اها پ پ قيادت جو سڀ کان وڏو جمهوري ڪارنامو هوندو ته اها ننڍڙي ٿي ويل پ پ کي سنڌ مان کڻي پوري ملڪ جي هڪ دفعو وري زنجير ڪيئن بڻائيندي؟ سنڌ اندر خراب حڪمراني جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ پ پ حڪومت ملڪ جي عوام لاءِ پ پ جو اولڙو آهي، باقي صوبن جي عوام پ پ جي بهتر حڪمراني جو سنڌ حڪومت سان ڏسي رهيا آهن، تنهن ڪري پ پ قيادت کي بروقت انهن مسئلن جي تياري ڪندي پارٽي کي عوامي سطح تي آڻڻ جا اپا وٺڻا پوندا، جنهن سبب وڏي پيماني تي سنڌ جي عوام کي جمهوري رليف ڏيڻ جي اشد ضرورت پيش ايندي، بيروزگاري جي لاوي ۾ پچندڙ توڙي غربت جي بٺي ۾ جلندڙ سنڌ جو عوام مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ ته ٺهيو لڳي ٿو ته گهر مان ئي نه نڪرندو!

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو