Home / سنڌ افيئر / ٿاڻا، عوام لاءِ بڻيل گهاڻا !
above article banner

ٿاڻا، عوام لاءِ بڻيل گهاڻا !

Sana Abbas Dashtiسنڌ جي اندر هونئن ته هر روز اسان کي دلچسپ خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون. هڪڙي ڳالهه جيڪا دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي وجهي ٿي سا آهي ڪنهن غريب ۽ نادار ماڻهو جي فرياد جو سڏ نه ورنائجڻ. سنڌ اندر لاقانونيت جي ڊگهي سلسلي ۾ ٿاڻو ڄڻ ته عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. عوام جو ٿاڻي سان تعلق انهي ڪري اهم آهي جو ٿاڻي تي ڪنهن به غريب سان ٿيندڙ نا انصافي جي پهرين رپورٽ درج ڪئي ويندي آهي. جنهن کي عرف عام ۾ FIR يا ابتدائي رپورٽ چيو ويندو آهي. دراصل سنڌ جي اندر مسئلن جي ٻرندڙ باهه سماج کي ساڙي رک ۾ تبديل ڪري رهي آهي. ان وقت به غريب عوام جو هن ملڪ اندر ڪو ڌڻي ۽ وارث ڪو نه آهي، جڏهن ٿاڻي اندر سندن داد فرياد ۽ دانهن نمائشي ناٽڪن ڊگهين تاويلن ۽ وردي جي خوف ۾ شڪست فاش ٿئي ٿي. سنڌ هڪ اهڙو منظر پيش ڪري رهي آهي جتي عوام کي دوکن مٿان دوکا ملي رهيا آهن. مجبوري ماڻهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي ۽ سياست جي منشور ۾ تنهنجي منهنجي کانسواءِ ڄڻ ڪو بچاءُ وارو دڳ ئي نظر نه ٿو اچي. اها ڳالهه به دلچسپي کان گهٽ ڪونه آهي ته عوام ۽ پوليس جي وچ ۾ ڪيترو ويڇو وڌايو ويو آهي جو ٿاڻو انگريز راڄ جي اثرن کان وٺي اڄ تائين ذري گهٽ هڪ صدي جو سفر پورو ڪرڻ کان پوءِ به عام ماڻهو لاءِ ڪنهن گهاڻي کان گهٽ نه آهي.

سنڌ اندر هڪ ٻيو ڏيک پڻ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي اهو آهي وڏيرڪو ڪلچر يا جاگيرداراڻو جنجال، جنهن اندر ٿاڻي کي طاقت جي ٽول طور استعمال ڪندي عام ماڻهو کي طاقت جي زور تي هارايو ويندو آهي. جاگيرداراڻو ذهن غريب کي هميشه پيرن جي جتي سمجهندي کيس لتاڙيندو رهيو آهي ۽ ان جي طاقت جو سرچشمو سنڌ اندر ٿاڻو رهيو آهي، جتي هڪ ظالم ۽ جابر جاگيردار کي ته چانهه ۽ بسڪوٽ سان گڏ فرمائش تي ڏوهاري واپس ڪيا ويندا آهن. پر ان ٿاڻي اندر رياست جي قانون کي دروازي کان ٻاهربيهڻ جي به اجازت نه هوندي آهي. حقيقت ۾ پوليس جي وردي قانون جي پوتي آهي پر سنڌ اندر ڪيتري ئي عرصي کان وٺي هڪڙو ٽرينڊ نظر پيو اچي ته ڪنهن به صورتحال ۾ عوامي ماڻهو جي ٿاڻي اندر FIR نه ٿي ڪٽي وڃي.

june 36

ڪيترائي ڪاروڪاري ڪيس ڏسجن جيئن ويجهڙ ۾ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي چڪو آهي ته اهڙي FIR نه ٿي ورتي وڃي جتي ڪجهه اهڙي قسم جا ٻيا قتل توڙي ٻيا ڪيترائي وڏا ڏوهه صرف ان ڪري FIR نه ٿا بڻجي سگهجن ڇاڪاڻ جو انهن جو تعلق عوامي طبقي سان هوندو آهي. اها هڪ مخصوص نوعيت جي ذهنيت آهي جيڪا ٿاڻن اندر قانون کي مذاق بڻايو ويٺي آهي. قانون کان وانجهيل حڪمراني جا قصا هونئن ته ڏاڍا مشهور آهن پر افسوس آهي ته عام ماڻهو سان ٿيندڙ غير قانوني واقعي جي مذمت بجاءِ ڪڏهن به ڪنهن عوامي نمائندي هن معاملي تي لب ڪشائي نه ڪئي آهي. رڳو گذريل هڪ مهيني اندر جي اخبارن کي اٿلائي پٿلائي ڏسجي يا ميڊيا جي خبرن جو جائزو وٺجي ته مکڻ مان وار جيان هن ناجائزي جو احساس ٿي ويندو ته قانون جي لتاڙ ڪندڙ ٽولا ايترا مضبوط ڇو آهن جو انهن کي قانون جي دائري ۾ قيد ڏسندڙ عام ماڻهو پنهنجي معصوم اکين سان قتل عام ڏسي ٿو. جڏهن قبيلائي جهيڙن کان وٺي ڪاروڪاري تائين اڪثر نقصان عام ماڻهو جو ٿيندو آهي اهڙي قسم جي غير قانوني عملن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ رياست اندر بدترين قانوني لتاڙ تڏهن وائکي ٿي وڃي ٿي جڏهن قتل ٿي ويل ڪنهن ماڻهو جا وارث ڪنهن ٿاڻي تي به پنهنجي فرياد داخل ڪرڻ کان بي وس ۽ لاچار نظر اچن ٿا. ڪٿي پوليس جو ناٽڪ ته ڪٿي پوليس جي لاچاري وارو ڊرامو ته ڪٿي وري پوليس جو بي رحماڻو رويو عوام لاءِ عتاب بڻجي وڃي ٿو. اسانجا عام ماڻهو جيڪي ويچارا سڄي زندگي پوليس جي ڊپ ۽ وڏيري جي ڀوءَ کان ڪجهه پڇڻ به خراب سمجهندا آهن اهي ڪنهن وڏي سانحي ۽ گهڻي نقصان کانپوءِ به قانون جي پاسداري ڪندڙ ادارن خاص طور تي ٿاڻي ڪلچر جي ٻه اکيائي جو شڪار بڻجي پنهنجي قانوني تحفظ وارو پنهنجو بنيادي حق وڃائي ويهن ٿا.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عوام سان دوکو ڪندڙ بدترين حڪمراني کان وٺي بيوس بڻيل پوليس عملدار جو پاڻ ۾ ڪيترو گهرو تعلق آهي جيڪو صحيح ۽ جائز مسئلن کي پنهنجي قلم جي جنبش سان ناجائر سمجهي ٿو جتي ڪرپشن ۽ رشوت جا گلدستا سجايا ويندا آهن. عام طور تي اهڙن ڪيسن ۾ عدالت کي پڪي ۽ پختي FIR جي ضرورت پوندي آهي. جتي قتل توڙي ڪنهن به سنگين واقعي جو مڪمل تفصيل مهيا ڪيل هوندو آهي. جنهن موجب عدالت پنهنجي دائري ۾ رهندي فرياد کان وٺي فريادي جي ڏنل شاهد توڙي ٻين مجموعي معاملن کي نظر ۾ رکندي حتمي نتيجن تي پهچي سگهندي آهي. پر افسوس آهي جو عوام سان اهڙن نازڪ معاملن اندر به قانون جي پاسداري جو قسم کڻندڙ اسان جا قانوني عملدار يا ويڪائو وڏيرو عوام لاءِ مسئلن جا انبار پيدا ڪري رهيو آهي.

 انهي سڄي صورتحال تي سنڌ جو ايترو ته نقصان ٿي رهيو آهي جو اسان وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ٿاڻي اندر به ڪنهن وڏيري جي فرمائشي چٺي هلي ٿي، جتي مظلوم کي هيسايو ۽ ظالم کي گلن جا هار پارايا ويندا آهن. ان معاملي کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. الائجي ڇو قانون بنيادي آڪيسجن فراهم ڪندڙ يونٽ يعني ٿاڻو عوام لاءِ اڄ به گهڻاڻو بڻيل آهي.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو