Home / اسپيشل افيئر / ڏاهپ جو هينگ اووَر سنڌ جو ڪيس!
above article banner

ڏاهپ جو هينگ اووَر سنڌ جو ڪيس!

Irshad Memonايندڙ ورهيه هڪ وڏي انسان جي مرتئي کي سؤ سال ٿيندا. ديوان ڪوڙي مل 1916ع ۾ ديهانت ڪيو. سندس ڪم کي پڙهندڙ خُود ڦلهوري. تعليمي ماهر ۽ بمبئي پريزيڊنسي هيٺ سنڌ ريجن ۾ انسپيڪٽر اسڪولز جي حيثيت منجهه پاڻ ٽرين وسيلي، اُٺن تي سواري ڪندي يا پيرين پنڌ هن خطي جو جهر جهنگ لتاڙيندو رهيو. ڪيترائي نوان اسڪول کوليائين. جت ويو نياڻين کي علم کان آشنا ڪرڻ جي اپيل سندس وات هئي. صدي لنگهي چُڪي آهي. ڇوڪرين جي تعليم اڄ به ساڳي شدت سَندو مامرو آهي. اسان کي خُود مٿان وڏو ناز آهي. ديوان صاحب جي لاڏاڻي بعد ڏَههَ ڏهاڪا ڪهڙي ترقي ڪري ڏيکاري اٿئون؟ – ثنا خوانِ عظمتِ سنڌ سُڻائين.

ڪراچي کان حيدرآباد ويندي بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سِٽي جا شاندار منظر نهاري ٽيڪسي ڊرائيور ڳڻتي ڏيکاري. سنڌي پنهنجي وطن ۾ هوريان هوريان اقليت ۾ بدلجي ويندا. ڌارين جي اڻکٽ لوڌ سندن وجود کي کائي ويندي، فڪر ٿي ظاهر ڪيائين. وڌيڪ کوٽ کوٽان تي هُو خاندان به ٻي هم وطن خلق وانگر پيپلز پارٽي جو ووٽر نڪتو. زرداري عنصر جي قبضي گيري تي چنتا پڌري ڪندڙ لوڪ اليڪشن ۾ چونڊي ته پ پ کي ئي ٿو نه! ٻاراڻو عُذر ڌار اٿن ته ٻيو ڪنهن کي ووٽ ڪجي. ان احمقائپ تي پوءِ ڪڏهن قلم کڻبو. سنڌ جي موالي ڏاهپ ۾ ڪيترا آهن جيڪي چونڊن مَهل جيالن جي ورڪ جو ڀاڱو ڏسبا، سندن پولنگ ايجنٽ هوندا يا پيپلز پارٽي جي سرڪار جُڙڻ شرط سهنجايون ماڻڻ واسطي ڀڄ ڊُڪ ڪندي پسبا آهن. گورنمينٽ نوڪرين هُوندي رستا پڻ والاريندا. ‘زرداري ٺا!’ جا پلي ڪارڊ هٿن ۾ کنيو. ٺيڪا ٺاڙي، بدليون شدليون ۽ اهڙا کوڙ ڌنڌا ڪبا ۽ پ پ وارن کي گهٽ وڌ پڻ ڳالهائبو. فائدو برابر کين رَسندو. نقصان سنڌ جو ڪيس ڀريندو. گهربل اخلاقي سگهه وڃايل ڌُر ستن سالن کان مَسند ويٺل جيالن جي بدترين حڪومت مخالف ڪهڙي ريت نتيجا حاصل ڪري سگهندي، چريا به ڄاڻين. سول سوسائٽي، سول سوسائٽي جنهن کي ڪوٺجي سو ڪنهن پريشر گروپ کان وڌيڪ ڇا آهي؟

سياست وارن مٿان چانديءَ جا ورق جُدا طرح جا نهاربا. گڏيل طور رياست  ۽ ماڻهو پنهنجي هٿان پئدا ڪيل هَچائن سامهون هٿيار ڦٽا ڪري چُڪا آهن. مذهبي ڪٽرپڻو ۽ ان جي ڀاڇي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ هجي يا ڏوهه ۽ بدعنواني  جي رات. اهڙا ۽ ٻيا الاهي مانسٽرز آهن جيڪي ڄَاوا اسٽيٽ ۽ سماج جي ڪُک مان ئي آهن. سندن تِکا ڏند مَاسُ سوسائٽي جو روڙين پيا. پبلڪ منجهائن لاڀ وٺي رهي آهي ته کين بدشد ٻوليندي پڻ وتي. جيئن هن مُلڪ جو هر هڪ دائرو ڏنڊي وارن سميت هارايل پارٽي آهن تيئن اسين سنڌي تنهن سموري تاڃي پيٽي جو حصو هوندي جيت کان ڪوهين ڏُور گڏباسين. سنڌ جو ڪيس هاڻ آسمان ۾ پري ٽمڪندڙ ستارو ڄاڻجي.

Irshad Memon.jpg new 2

حاڪميت جي ڪُرسي ويهندڙ کي لازمي نموني سيڪيورٽي ڪليئرنس کپي. کيس ڪيتريون ئي حدون آهن جن کي اورانگهڻ کان روڪيو ويندو آهي. ايئن نه هجي ته 88ع ۾ چونڊجڻ بعد محترمه بينظير کي قسم کڻائڻ ۾ اٺ ڏينهن ڇو لڳن. لکپڙهه ٿيندي. شرط شروط مقرر، الڳ. ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڪيس نه کليو. بينظير صاحبه جي قتل جو دفتر ڪيڏانهن ويو؟ ساڳئي انداز سان گورنمينٽ ۾ هجڻ جون موجون ماڻيندڙ بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ اهڙا ٻيا نمونا ختم ڪرائي ڪين سگهن. اسين انهن کي ووٽ ڏيون يا کڻي نه ڏيون. اڃا مختلف پيراڊائم اچي چُڪو. پاليٽڪس ۽ محافظن جا ٿنڀا ڄاڻايل پراجيڪٽس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿا ٻُڌجن. جيڪي مخالف سَندو آواز اُٿاريندا سي پڻ ٽُڪر حاصل ڪري وٺندا.

ٽيڪسي ڊرائيور جا احوال سُڻي، ليکڪ گهر موٽي سنڌ جي ڪيس تي مضمون ڳولهڻ شروع ڪيا. قدرتي وسيلن جي ڦُرلٽ، ڊيموگرافي ۾ بگاڙ، سياسي ٽڪساٽ، آجپي پسند ڪارڪنن جي ماراماري، ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍايون، اين ايف سي ايوارڊ ۾ حرفت- انيڪ باب آهن. نيڪ نيتي سان جائزو وٺجي ته ڪلور آهن جيڪي هن رياست پاران پاڻ واري صوبي سان روا ٿيندا اچن.

 سرڪار ۾ سنڌ واسي هُجن يا ٻيا. ڪراچي توڻي اسلام آباد منجهه. اسٽيٽ جي ماٽيلي ماءُ پارو سلوڪ اڳ کان اڳرو. سچ اهو ته 1980ع جي ابتدائي ورهين واري سي ايم ايل اي پنجابي عباسي کان وٺي ڏهيسر نگران وڏي وزير تائين سڀني جا ڌنڌا هڪجهڙا رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي حڪمرانيءَ جو ڪِيتو ته اسان جا نسل ڀوڳيندا.

پنجاب ۾ قوم پرستي جي رڙ کي زوريءَ دٻائيندڙ جنرل ضيا سنڌ ۾ نينشلزم کي هٿي وٺرائي، هتي رهندڙ غير سنڌين ڏانهن هر قسم جي ڪُمڪَ رسايائين. جيئي سنڌ تحريڪ سان لاڳاپيل همراهه ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندي چٽي ڳالهه ٻُڌائين. وٽن ڇا ڇا نه پهتو. جهاز جي ڌماڪي ۾ پُوري ٿيل جنرل هڪ پاسي وهابي خيالن جي واڌ طرف ڌيان ڏنو ته ٻئي پاسي سوويت يونين مان ايندڙ ڳاڙهن ڪتابن جي رستي روڪ نه ڪيائين. معاشرو رنگ برنگي ٿيندو ويو. تان جو اڄ فقط رَتائون لباس اوڍيل آهيس. هٻڇ، چوري، ڦُرمار ڌاڙا ڌار مصيبتون آهن. ان سموري مانڊاڻ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ جتي آبجيڪٽو، خارجي طاقتون خاص طور تي رياست بذاتِ خود ذميوار چئجن اتي سبجيڪٽو، باطني عنصر مطلب اسين پاڻ ڪيئن آجا آهيون- سوال جنهن تي غور ڪرڻ کپي. مانواري نصير ميمڻ سندي ڪتاب ‘سنڌ جو ڪيس’ ۾ البت پُڇاڻي کي اڳڀرو ٿيڻ لاءِ مکيه ڏاڪو قرار ڏنو آهي.

پيپلز پارٽي ۽ اهڙين ٻين ڌرين جي گهڻ طرفي محاسبي جي گهرج آهي. جُهد جيڪو ڌرتي کپائڻ جا ڏوراپا ڏيندي سنڌ جو ڪيس وڙهندڙ الائي ڪيتري هوشمند ڏاهپ جي وَس کان ٻاهر ڪم آهي. اسان منجهان سڀ ڪو تنهن آڏي پُڇا مان گذرڻ کپي. ڪير سا ڪِرت ڪري، راوي مشورو ڏيڻ مهل ڏڏ پسجي. سياست ڪندڙ هڙ وڃائي چڪا آهن. ان نوع جي صورتحال ۾ پاڻ وارو ڪيس اڳتي رِڙهي ته ڪيئن سِرڪي. سنڌ ۽ سنڌين جا سُور کپائيندڙ کوڙ بزاز آهن. ڪُلهي ڪينرو پايو پيا هلن. مَواليءَ واري بات ته لڳا پَيا آهيون، جتي پهتاسين. مولا سَڻائي ڪندو. ڪي آهن جي چون ته الک جو پاڻ ۾ لاچار آهي سَو ميان! هِنَ  پرڳڻي کي ڪوسو واءُ لڳندو ئي نه. ويچار جيڪي پڻ ڌرتيءَ جي دانش خود پنهنجي زبان مان اُچاريندي وتي. ليکڪ ڪنهن جي ٻٽاڪن ۾ اچڻ بِنَا هيئن ٿو لکي. اڄوڪي سنڌ ۾ آباديءَ جي توازن ۾ هيانءُ ڦاڙيندڙ تفاوت پسي. سياسي، سماجي ۽ معاشي منظر نامي تي پڌري طرح اونداهه نهاري. تعليمي تباهي جا انگ اکر پڙهي. جياپي جي قوت ۾ ويساهه وڃائيندڙ جواني سامهون بيهي ضرور سوچجي ٿو. اهو ته سنڌ کي گرم لُڪ اڃا ٻي ڪهڙي ساڙيندي؟ وطن جي ڀلي خاطر اُٿي پوڻ جي مَهل پوءِ ڪڏهن ايندي؟

june irshad

مدهوش ڏاهي جي وٽيءَ ۾ مئه بدران رت ڀرجي وڃي جيڪر. پوءِ- ڍاول سياسي ورڪر جي پيالي ۾ ڀَتُ نه ڳاڙهو پاڻي هجي. پبلڪ آڏو ڇوٽڪاري، سياسي تماشي بازي، ڌرتيءَ جو مقدمو ۽ ٻياسَي ٽول نه ڪُڏائين هُوندَ! ايجنڊا تحرير ڪن، هِيئين سان هَنڊائين. ماڻهپي جي سطح کان گهڻو هيٺ ڪريل خلق کي صدين جي ننڊ مان ڌُونڌاڙي اُٿارين. کين جيئڻ جي واٽ وٺي وڃن.

اهي پانڌي، ٽلٽي ۽ جاتي کي روشن ستارا بڻائي ڇڏين، ڪاش ته. وحشي جانورن کان بد تر حياتي گهاريندڙ لوڪ کي جياپي جي اُمنگ ڏجي. سندن مظلوميت جو ماتام ڪين ڪجي. هُنن جو ڪيس ڇاڪاڻ وڙهجي؟ پروگرام سامهون رکجين. وقت طلب ڪجين. نوشهري کان نواب شاهه پنڌ ويندا ۽ ڪيترا پَهرَ وٺندا. سنڌ اندر خاص طور تي زندگانيءَ سان مذاق کوڙ ٿي. جلسو جلسو، سياست سياست، آجپو آجپو جَامَ کيڏي چُڪاسين.

الائي ڪيتري حلال خور مڊل ڪلاس مان ڪنڌ مٿي ڪندڙ پَرَ هينگ اووَر ورتل، ٿوري گهڻي انگريزي ڄاڻيندڙ انٽيليجنشيا کي هٿ ٻڌي گذارش ته فريڊم فريڊم بعد ۾ رهنداسين. پنهنجي چؤڌاري ماڪوڙن وانگر چُرندڙ مخلوق کي چاڙهي جا رستا ڏسيو. هائو سائين! پاڻ کي اول چاڙهو ٿو کپي. ڍنڍ جي تَري مان ڪناري تائين پهچڻ واسطي. هر ماڻهوءَ کي. ايجنڊا جو پهريون نُڪتو ۽ موت جي واديءَ مان واپسيءَ خاطر حوصلو پڻ. سول سوسائٽي سول سوسائٽي جي ونجهه وٽي ڪُڏندڙ به خبروار هجن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو