Home / سياسي افيئر / ڪراچي: تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي ۽ بند دروازو!
above article banner

ڪراچي: تبديل ٿيندڙ ڊيموگرافي ۽ بند دروازو!

SALMAN SHAIKHڏهاڪن کان ٻُڌئون ٿا ته ڪراچي مِني پاڪستان آهي سَو مٿس سموري مُلڪ جي ماڻهن جي حقداري جُڙي ٿي. سچ اهو ته هاڻ سڄي سنڌ، مِني پاڪستان بڻجي دعويداري جي سنگينَ سامهون آهي. وفاق ۾ رهندي ممڪن ناهي ته اوهان ٻين صوبن کان ڌُوڪيندڙ لوڌ کي هتي آباد ٿي وڃڻ کان روڪي سگهو. ڪراچي جو مثال کڻجي. ورهاڱي بعد هيءُ مهاجر اڪثريتي شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو. انڊيا کان لڏي آيل هتان جا اڪيلا مالڪ ٿي ويٺا. وقت ۽ حڪومتون تبديلي هيٺ آيون. سياسي طاقت جا محور مهاجرن کان ڏور ٿيندا ويا. ڪراچي ۾ ٻين قوميتن يا قومن جي اڻکٽ خلق پير ڄمائڻ شروع ڪيا. وڏي انگ ۾ پٺاڻ ۽ پنجابي ٽپڙ کڻي اچي پهتا. شهري علائقن کان ڪوهين ڏور ٻهراڙين ۾ پليل سنڌي ٻوليندڙ  لوڪ پڻ هيڏانهن جو رُخ ڪيو. سندن گهڻائي پَرَ اربن ايرياز جي ڪناري، ڳوٺاڻي حيات سان هڪجهڙائي رکندڙ ماحول ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳي. اقليت ۾ بدلجڻ جي ڊپ کان سرگرم سنڌي اڳواڻن، پٺاڻن ۽ افغانن جي آمد کي نظر ۾ رکندي، غير هنرمند، اڻ پڙهيل ۽ شهري زندگاني جي مَتن کان غير واقف ماڻهن کي ڪراچيءَ طرف مُنهن ڪرڻ جي شَهَه ڏني. سرائيڪي پٽي منجهه مفلسي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڪارڻي اُتان پڻ هِن سِٽي پَاسي مخلوق پلٽي. سِرائي آباديءَ جي اسان جي ڀِڪ پَلاڻ مستقل بنيادن تي جاري آهي.

JUNE 28

سوال اهو ٿو ڪَرُ کڻي ته ڪراچي پاري شهر ۾ جِت پاڻي ٽينڪر وسيلي ملندو هجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ويهه روپين منجهه هڪ ڪلو ميٽر جو سفر ڪري سگهجي اُتي سَي هُنر کان خالي ۽ اڪثر آڱوٺي ڇاپ فرد ڪيئن گذران حاصل ڪندا؟ ليکڪ سِٽي جي ڪناري ڪناري آباد وشال نيم اربن علائقن مان هڪ جو ڊگهي عرصي کان رهائشي آهي. سَندي تجربي ۽ مشاهدي جي روشني ۾ تحرير ٿو ڪري ته ڄاڻايل مامري سبب تنهن طرح جي وسندين جي پرگهور لهڻ وارو ڪوئي ڪونهي. منجهن ڏوهه جو گراف وڌندو ئي پسبو. هاڻوڪي سمئه جڏهن شهر جي رستن تي شام کانپوءِ رينجرز ۽ پوليس جو ڀرپور گشت هجي ٿو اوهان پيادا يا سواري منجهه ملير، جُهونجهار ڳوٺ، ڪنواري ڪالوني ۽ اهڙين ٻين آبادين مان بنا خوف يا واردات جي لنگهي ئي نه ٿا سگهو. نالي ۾ نهال سول سوسائٽي واسطي ڇا چوندا جنهن وٽ فخر آهي ته پاڻ رڳو اورنگي ۽ آسپاس جي ٻه سَؤ ڳوٺن کي ريگيولر ڪرائي ورتو اٿائون. حقيقت سَا، انهيءَ تعداد کي پرکڻ بعد معلوم ٿيندو ته فهرست ۾ تاريخي پسمنظر سانڍيندڙ ٿورڙا واهڻ هوندا. باقي ٻاهران آيل ۽ گهڻي ڀاڱي ڪرائيم جي نيت سان وسايل پاڙا آهن. نالو ڳوٺ جو اٿن ۽ اُتي رهندڙ پٺاڻ، افغان، سرائيڪي ۽ اُتر سنڌ کان پهتل بلوچ قبيلن جا ماڻهوهوندا. شهر جي سُڌريل ماڳن جا واسي خوش نه ٿين. اڄوڪي ڏيهاڙي سَو ناسور کانئن ڪجهه ڏور سهي، صبحاڻ يا پرينهن هُو مانوارا اهڙي مانڌاڻ جي لپيٽ ۾ هوندا. ڇهه هزار روپيا مهينو پگهار کڻندڙ سيڪيورٽي گارڊز جو هُجوم ۽ جن جي ڪُلهي اسلحو پڻ هجي، پيٽ خاطر ڪجهه ته ڪندا!

هاڻ لِيڪو ڪُٽڻ مان فائدو ڪونهي. سڀني ڌرين کي سوچڻ کپي. ايئن هلندو رهيو ته اربن حيات لاءِ لازم، اڇا لٽا پائيندڙ مڊل ڪلاس جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. معاملو اڳ ئي انارڪي ۽ گهرو ويڙهه ڏانهن لڙندڙ نهارجي پيو. هت اسان کي ڪراچي ۽ سنگاپور وچ ۾ ڀيٽ جي اهميت کي ڄاڻڻ گهرجي. پاڻ واري سِٽي وانگر سنگاپور به ٻاهران آيل لاڏائو، مهاجرن جو شهر ۽ مُلڪ آهي. مختلف قسمن جي نيشنلٽي رکندڙ انسان اُتي رهائش اختيار ڪري چڪا. وٽن چار سرڪاري ٻوليون ۽ انگريزي رابطي جي زبان آهن. قوميتي بنيادن تي منجهن ڪوئي ڦڏو فساد ڪونهي ۽ نه وري ٻولي جو مامرو ڏڦيڙ جو ڪارڻ اٿن. سبب ڪهڙي؟ اُتي وسندڙ آدم منجهه ڇا لاءِ اهڙي رواداري پسجي؟ جواب سَو- تعليم ۽ فقط تعليم جي عام ٿيڻ ڪري. مٿئين احوال مان قطعي مُراد نه ورتي وڃي ته پاڪستان جي بئنر هيٺ ٻين علائقن جي خلق هيڏانهن ڌوڪيندي ڪراچي ۾ سيٽل ٿيندي رهي. ان طرح جي ڪار کي ڇَاٻَ اچڻ اوس گهرجي. ٻي صورت ۾ مقامي ماڻهو ويچارا ريڊ انڊين مثل ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيندا ويندا. آءُ گڏاپ جو رهواسي آهيان اُتان جو ايم اين اي سدائين سنڌي ڳالهائيندڙ رهيو آهي. ڊيموگرافي جي توازن ۾ هيانءُ ڦاڙيندڙ بگاڙ سبب خوف ۽ انديشي ۾ آهيان ته منهنجي ايريا جي عوامي نمائندگي، قيادت پشتون هٿن ۾ اچي نه وڃي. زميني حقيقتون ان طرف ضرور وٺي ويندڙ آهن. ايئن ٿيو ته گڏاپ ٽائون جي شهري، نيم شهري ۽ رورل علائقن ۾ وسندڙ انيڪ سنڌي اردو ٻوليندڙ پبلڪ پنهنجي اڻکٽ مشڪلاتن جي حل تائين ڪيئن رَسندي؟

آباديءَ جي توازن ۾ تباهي آڻيندڙ بگاڙ کان بچڻ واسطي هيٺيان قدم کڻڻ لازم ٿي پوندا.

(1) ٻاهران آيل ماڻهن کي ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي.

(2) نام ڪٺيا، جُڳاڙي ڳوٺ ۽ ڪچيون آباديون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن. جتي رهندڙ مخلوق جو نوي سيڪڙو غير مقامي ۽ ڪرائيم جي جهان سان تعلق رکندڙ آهي.

(3) روزگار جي ڳولها ۽ ترسي پوڻ جي ارادي سان ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ هر شخص ۽ ساڻس لاڳاپيل ٻين فردن ڪاڻ تعليمي قابليت جو هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ پاس ماڻهوءَ کي اچڻ جي اجازت هجي.

(4) مذهبي نظرياتي مُلڪ هئڻ باوجود پاڪستاني سرڪار، آباديءَ کي توازن ۾ رکڻ واسطي، 1954ع کانپوءِ مهاجرن جي آمد کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ساڳي دانش ۽ سگهه ڪتب آڻيندي سنڌ اسيمبلي بِل پاس ڪري ته ٻين علائقن کان هِنَ صوبي طرف لاڏائو ٿيندڙ ماڻهن کي سنڌ جو ڊوميسائيل جاري نه ڪيو ويندو.

گڏاپ ٽائون جو مثال

ڪراچي شهر ۾ ڊيموگرافي جي ڊيڄاريندڙ صورتحال جي پرک، 18 ٽائونز مان هڪ ۽ پکيڙ جي لحاظ کان سڀ کان وڏي علائقي گڏاپ جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اڌوري هوندي. ان ٽائون ۾ اٺ يونين ڪائونسلز آهن. سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر سدائين خوشفهمي ۾ رهيا آهن ته ڪراچي جي اُتر پاسي گڏاپ جو ڦهلاءُ سندن هِت جهجهي انگ ۾ موجودگيءَ جي ضمانت ڪوٺجي. باوجود ان جي، منجهائن کوڙ، هٻڇ ۽ وقتي فائدي جي لالچ ۾ پنهنجيون زمينون پشتون، افغان ۽ اهڙين ٻين قبضي گير ڌرين کي ڌڙا ڌڙ، اکيون ٻوٽي کپائي، پير تي ڪُهاڙو وهائي رهيا آهن. مون کي تنهن جُوءِ ۾ رهندي ويهه سالن کان سرس عرصو گذريو آهي. نوڪريءَ جون ذميواريون نِباهيندي ۽ خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي مُهم جو حصو هوندي گڏاپ جي ڪُنڊ ڪڙڇ گهمي اٿم. کليو ٿو لکان ته علائقي ۾ مقامي ماڻهن جي اڪثريت هينئر بلڪل ناهي رهي. يونين ڪائونسل نمبر 1 کان 3 (مراد ميمڻ ڳوٺ، درساڻو ڇنو، گڏاپ) ۾ سنڌي، ٻروچ اصلوڪن رهواسين جي گهڻائي برابر ملندي پَرَ اُتي آباديءَ جي گهاٽائي نه آهي. پکيڙ جَامَ ۽ انسان ڇِڊا پَائڊا. يوسي 4، 5 ۽ 8 (گجرو، سونگل، منگهو پير)اڳ ئي پٺاڻ/ افغان اڪثريتي حدون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته يوسي 6 ۽ 7 (معمار آباد، يوسف ڳوٺ) ۾ اردو ٻوليندڙن جي گهڻائي ضرور آهي. اُتي پڻ پشتون ۽ سنڌ کان ٻاهر جي ٻين نسلن جي آبادڪاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. پٺاڻ تعليم جي کوٽ ڪارڻي گڏاپ ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ جي ڏس ۾ چُست نه آهي. مقامي ماڻهن جو ڀرم ايئن اڃا ٻه چار ورهيه بچي وڃي شايد نه ته معاملو سندن هٿان نڪرڻ ۾ ويرم نه لڳائيندو. هتان جي ئي، صوبائي اسيمبلي سيٽ  PS 97 تي گذريل اليڪشن ۾ پشتو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ اُميدوارن کٽڻ واسطي پورو زرو هنيو. رهائشي خلق ۾ ڪا ته پنهنجائپ ڏٺي هوندائون! سنڌي توڻي اردودان، ٻنهي ڌرين اک نه پٽي ته اتان به ڪو پٺاڻ ايم پي اي چُونڊجي سگهي ٿو، امڪان آهن.

لِي ڪُوان ڏانهن مُنهن ڪرڻ جي گهرج

شهري ايرياز سميت سموري سنڌ جو بچاءُ، ترقي ۽ ترويج جي ذميواري آخر به هتان جي مستقل رهواسين، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۽ سندن سرواڻي ڪندڙ سياسي ڌرين جي ڪُلهن تي آهي. هيءُ اسان جو وطن آهي. جنم ڀومي. ان جي ايڪي، وحدت کي ڇيهو جنهن ڀڀڙ کي جنم ڏيندو تنهن جي سيڪ ۾ پاڻ صدين تائين پَڄرندا رهنداسين. ٻَه ئي، هڪٻئي جو اٽوٽ انگ آهن. سَا حقيقت جيترو جلد قبول ڪندا، سَڀُ فائدي ۾ رهندا. ڌاري آبادڪاري کي ٻُنجو کين گڏجي ڏيڻو آهي. ٻي صورت ۾ اردو ٻوليندڙ کي وڙهڻ يا ڀاڪر پائڻ لاءِ سنڌي ڪندڙ نظر ايندو ۽ نه وري سنڌي چوندڙ کي ڪو اردودان. منجهن ٻڌي، ڀائيچاري ۽ رواداري جي ڦهلاءَ واسطي هي سٽون تحرير ڪجن ٿيون. اردو ٻوليندڙ ماءُ پيءُ جي گهر ۾ پر هِنَ ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ آءُ مڙني ساڻيهه واسين کي سنگاپُور جي ابي ۽ مهان انسان مسٽر لِي ڪوان يو جي ويچارن ڏانهن رخ ڪرڻ خاطر نماڻي وينتي عرض رکان ٿو. اميد ته ڌيان ڌريندا.

پنج ڏهاڪا پهريائين ۽ بدحالي جي ڪيفيت ۾، قدرتي وسيلن کان خالي سنگاپور جي واڳ سنڀالڻ گهڙيءَ مانواري لِي آڏو سڀ کان اهم ٽاسڪ تنهن ننڍڙي پرڳڻي جي گهڻ نسلي، گهڻ قومي ۽ گهڻ لساني لوڌ کي گڏ رکڻ ۽ ترقي واسطي گهربل پُرامن ماحول مهيا ڪري ڏيڻ هو. لاڏائو، مهاجرن جو مُلڪ سڏائيندڙ رياست ۾ هُن انگريزي کي رابطي جي زبان ڊڪليئر ڪري ميرٽ ۽ فقط ميرٽ جو قائدو لاڳو رکيو. ڪرپشن تي ڪرڙي اک رکندي ڪُل رهواسين لاءِ اهليت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ، اوسر جا هڪجهڙا موقعا مُيسر ڪري ڏنا. مادري ٻولين کي تحفظ ڏيڻ واسطي اسڪول جي سطح تائين سندن سکيا لازم ڪيائين. انگلش البت مکيه حيثيت منجهه رهي. قسمين قسمين نسلي ۽ لساني پس منظر رکندڙ شهري جيئن پاڻ ۾ رابطو جاري رکي سگهن. جديد علم حاصل ڪن ۽ ٻاهرين دنيا سان ڏيتي ليتي ۾ مونجهارو نه ٿئين. وڻج واپار واڌارو پسي. قانون جي حڪمرانيءَ کي سختيءَ سان قائم رکيائين. ميڊيا ۽ جلسن جُلوسن تي بندش ڪارڻي مٿس تنقيد ضرور ٿي پر مِسٽر لِي ڪُوان جي ڄاڻايل ڊاڪٽرائين سبب پنجاهه ورهيه اڳ تائين غلامي جي رُگهه ۾ ڦاٿل سنگاپور اڄوڪي سمئه اچرج ڏياريندڙ رفتار سان ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندي، ‘ايشين ٽائيگر’ جو لقب ماڻي چُڪو آهي.

چڱو ٿيندو جي اسان، سنڌ جا مستقل رهواسي، سنڌي ۽ اردو دان ڀائر لِي پاري بااصول انسان جي جُهد مان سبق سکئون. هڪٻئي جا ڪنڌ لاهڻ جي ڪُڌي ارادي مان جان آجي ڪري، اڳتي، مستقبل جي منظرنامي ڏانهن نهار وجهئون. سمجهي وٺئون جيڪر ته اردو ڳالهائيندڙ جي اوسر سنڌي ڪندڙ جي سُڌاري کانسواءِ ممڪن نه آهي. اهو به ته اردو چوندڙ پاڙيسري جي ٽيڪ جي پرواهه نه ڪندي سنڌي ڪندڙ همراهه لاءِ جديد زماني جي ضرورتن آهر اڳتي وڌڻ ڏکيو هوندو. ڀائيچارو ۽ رڳو ڀائيچارو ئي ٻنهي جي ستابي ٿيڻ جي آخري راهه آهي. ايڪو ۽ ٻڌي جنهن جا بنياد اهليت، ڪرپشن کان آجي سماجي سرشتي، معاشرتي انصاف ۽ سڀني ڏانهن احترام وارا جذبا هجن. چور دروازي کان داخل ٿي پائدار ترقي جي حاصلات نه ته اردو ڳالهائيندڙن جي ڀاڱي آئي آهي ۽ نه وري سنڌي ٻوليندڙن کي پلئه پوندي. ورهاڱي کان هن مهل تائين ٻنهي نقصان جو مُهانڊو ڏٺو آهي. هتي آباد توڻي هندستان کان آيل لوڪ، سنڌو وادي توڻي گنگا جمنا جي روشن تهذيبن ۾ ڀڃ ڊاهه روبرو ڏسي رهيا آهن. ڌارين جي لاڳاتار ۽ بي روڪ آمد سنڌ وطن جي جسماني بيهڪ کي هاڃو رسايو ته ڪيڏانهن ويندا؟

ڪراچي جو ڪيس اهڙي ڳنڊ چئجي جنهن کي کولڻ کانسواءِ سنڌ جو ڪيس اڳڀرائي نه ڪري سگهندو. تالو جنهن جي چاٻي اردو ۽ سنڌي ٻوليندڙ ٻنهي وٽ آهي. سندن گڏيل جاکوڙ جي غير موجودگي ۾ سَو بند دروازو، تاڪ پٽجي وڃي- ممڪن ئي ناهي.

 ليکڪ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو