Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي ۾ بجلي جو بحران ذميوار ڪير؟
above article banner

ڪراچي ۾ بجلي جو بحران ذميوار ڪير؟

Shujauddin qureshiنديم صديقي جي 50 ورهين جي ڀيڻ ڏينهن لڳڻ سبب ان ڪري گذاري وئي جو سندس بروقت علاج نٿي سگهيو. هن کي ڏينهن لڳڻ جو سبب شهر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ هو، حالانڪه هوءَ صدر ۾ رهندڙ هئي ۽ ڪراچي ۾ صدر وارو علائقو ڪي اليڪٽرڪ طرفان لوڊشيڊنگ کان آجو آهي. اهڙي ريت ڪراچي جا ڪجهه ٻيا علائقا پڻ لوڊشيڊنگ کان آجا آهن، ڇو ته اتي سؤ سيڪڙو بجلي بلن جي ادائگي ٿئي ٿئي. پر هاڻوڪي سخت گرميءَ ۾ بجلي جي اوور لوڊ سبب ڪراچي جا سڀ علائقا نه رڳو لوڊشيڊنگ ڀوڳي رهيا آهن بلڪه اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي. وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ڪٽنب جيڪو ايلفٽن اسٽريٽ صدر ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندڙ آهي، اهي پهرين ان متاثر عورت کي ٽئڪسي تي جناح اسپتال کڻي ويا، جتي ڊاڪٽر واڌو بيڊ نه هجڻ سبب عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

JUNE 12ڇاڪاڻ جو اسپتال ۾ گرمي سبب ڏينهن لڳڻ ڪري مريضن جي رش هئي. ان کانپوءِ فرسٽريشن جو شڪار خاندان جا ماڻهو ان عورت کي پرائيوٽ اسپتال کڻائي وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا پر ان وقت ڪا به ايمبولينس موجود نه هئي. ليڪن گهڻي وٺ پڪڙ ۽ وڌيڪ ڀاڙو ڏيڻ کانپوءِ اهي مريض کڻائي خانگي اسپتال پهتا. خانگي اسپتال بُرهاني ۾ پڻ واڌو بيڊ موجود نه هئا. ڪوششن کانپوءِ مريض لاءِ بيڊ ته مهيا ڪيو ويو پر اها عورت جانبر نٿي سگهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر لاڏاڻو ڪري وئي. ايئن خاندان جي ماڻهن کي وري هڪ ٻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ڇو ته کين مڙهه کي ٿوري وقت لاءِ ڪولڊ اسٽوريج کڻي وڃڻو هو، پر ڪا به ايمبولينس موجود نه هئي. شهر جا مردا خانا پڻ ڀرجي چڪا هئا ۽ ميتن رکڻ لاءِ جاءِ موجود نه هئي. ايڌي سردخاني ٻاهران ماڻهن جو قطارون نظر آيون، جتي ميتن کي آخري غسل ڏياريو پئي ويو. آخرڪار 24 ڪلاڪن کانپوءِ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد خاتون کي دفن ڪيو ويو. 19 جون کان شروع ٿيل سخت گرمي دوران هڪ هفتي اندر ڪراچي ۾ 1200 کان مٿي ماڻهو ڏينهن لڳڻ سبب موت جو کاڄ ٿيا، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ گرمي پَد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هو. جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ممڪن آهي ته ان کان به وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا هجن ڇو ته اتي گرمي پد 48 کان 50 ڊگري هو، پر اهي رپورٽ نٿي سگهيا. ڪراچي ۾ 20 جون تي گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ هيو ۽ ان ڏينهن بجلي جي گهربل سپلاءِ نه ملڻ سبب عام ماڻهن اڃا وڌيڪ ڀوڳيو. ايئن ڪافي ڏينهن تائين ڪراچي ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته شهر ۾ بجلي جي اکٻوٽ پڻ جاري رهي. ان ڪري اڪثر ماڻهن کي راتيون گهرن جي ڇتين تي گذارڻيون پيون، جتي پڻ قدرتي هوا جو نالو نشان ئي نه هو. واضح رهي ته شهر ۾ سامونڊي هوائون گهلڻ جو سلسلو 26 جولاءِ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته گرمي سبب ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو اڃا به هلندڙ آهي. 21 جون تي 136 ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ان کان اڳئين ڏينهن تي 309 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ 23 جون تي 311 ماڻهو گرمي ۽ ڪاڙهي سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. عام طور تي مئي ۽ جون دوران سنڌ ۾ گرمي وڌيڪ هوندي آهي، خاص طور ڪراچي شهر ۾ سامونڊي هوائون رُڪجي وينديون آهن ليڪن هن ڀيري ڪراچي ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي هئي يعني هتي مئي 1938ع ڌاري 48 سينٽي گريڊ گرمي پَد هو ۽ هن ڀيري ته آرهڙ ۾ 21 جون تي 45 سينٽي گريڊ گرمي پَد پهتو. گرمي ۾ ماڻهن جي مرڻ جي ٻين سببن سان گڏ صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ روزي سبب ڊي هائيڊريشن، ڊگهي بجلي جي لوڊ شيڊنگ جيڪا ڪيترن علائقن ۾ ته ڏينهن جا ڏينهن هلي. اهو به هڪ وڏو ڪارڻ هو. گهريلو عورتون جيڪي گهڻو ڪري گهرن ۾ ئي هونديون آهن، وڌيڪ گرميءَ کان اهي گهڻو متاثر ٿيون، ڇو ته ڪافي علائقن ۾ ڪيترائي ڏينهن بجلي موجود ڪا نه هئي. سنڌ حڪومت گرمي سبب مرندڙ ماڻهن جي موت جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي فلور تي اهو مطالبو ورجايو ته وفاقي حڪومي ڪي اليڪٽرڪ جو انتظام سنڀالي وٺي ڇو ته ڪراچي ۾ ماڻهو مرڻ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي. ليڪن بعد ۾ وزير اعظم ڪي اليڪٽرڪ جو انتظام وفاق طرفان سنڀالڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت جا الزام رد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي نا اهلي لڪائڻ لاءِ سندن مٿان الزام مڙهي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي بحران وارن ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اها دعويٰ ڪندي رهي ته شهر ۾ ڪا به واڌو لوڊ شيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ بجلي جي اچ وڃ دراصل مقامي علائقن ۾ ڪنهن فني خرابي جو نتيجو آهي، جنهن کي پڻ ڪمپني وقت سر درست ڪندي رهندي آهي. K- اليڪٽرڪ جي ترجمان پنهنجي هن بيان ۾ اها پڻ دعويٰ ڪئي ته شهر جي 1400 فيڊرز مان 1380 فيڊر درست حالت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ شهر جي ڪنهن به حصي ۾ غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان اها شڪايت پڻ ڪئي ته ماڻهو ڪي اليڪٽرڪ جي اسٽاف تي تشدد ڪرڻ تي لهي اچن ٿا ۽ کين گار گند پڻ ڪن ٿا، ان ڪارڻ ئي بجلي جون فني خرابيون درست ڪرڻ ۾ دير ٿئي ٿي. “ڪي- اليڪٽرڪ پرائيوٽائيزيشن کانپوءِ هزارين تربيت يافته ملازمن کي نيڪالي ڏئي غير تربيت يافته، نا اهل پر با اثر ملازمن کي ٺيڪيداري نظام هيٺ ڀرتي ڪيو، جيڪي فني خرابيون دور ڪرڻ جي اهليت ئي نٿا رکن” ڪي- اليڪٽرڪ ليبر يونين (سي بي اي) جو صدر محمد اخلاق خان چوي ٿو. هن چواڻي ٽيڪنيڪل شيون سکڻ لاءِ وقت ۽ تجربو گهربل هوندو آهي. سياسي طور با اثر ڪجهه ماڻهن کي مٿين عهدن تي رکيو ويو آهي جيڪي اهم فيصلا ته ڪن ٿا پر اهي ٽيڪنيڪل خرابيون دور نٿا ڪري سگهن. ڪراچي شهر ۾ بجلي جي بحران جي ذميواري کان بچڻ خاطر K- اليڪٽرڪ ان جو ڏوهه موسم ۽ وڌندڙ گرمي پَد تي وجهي ٿي. سندن چواڻي گرمي ۾ واڌ سبب ڪمپني جي بجلي پئداواري صلاحيت 1010 ميگا واٽ بدران ڊمانڊ 3100 ميگا واٽ تي وڃي پهتي آهي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ کي نيوڪلئير پاور پلانٽ مان 70 ميگا واٽ بجلي جي فراهمي پڻ ڪافي عرصي کان معطل آهي، جڏهن ته باقي خانگي پاور ڪمپنيون پڻ گهربل بجلي مهيا نه پيون ڪري سگهن. جڏهن ته گئس جي سپلاءِ گهٽ هجڻ سبب پڻ K- اليڪٽرڪ جي پنهنجي پئداواري صلاحيت متاثر ٿي آهي، بجلي بحران جو هڪ سبب اهو به آهي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان اها ڳالهه تسليم ڪندي چيو. ليڪن اها به حقيقت آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 2005 ۾ پرائيوٽائيزيشن کانپوءِ ان جي سسٽم جي بهتري لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. جڏهن ته ڪمپني کي واپڊا 650 ميگا واٽ بجلي سستي اگهه تي مهيا ڪري ٿي ۽ سوئي سائودرن گئس پڻ سستي اگهه تي گئس ڏئي ٿي. “ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي جنريشن تي ڀاڙڻ بدران واپڊا جي سستي بجلي سپلاءِ ڪري تمام گهڻا پئسا ڪمائي رهي آهي” صنعتڪار ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر ماجد عزيز چئي رهيو هو. واضح رهي ته عام ڏينهن ۾ سائيٽ انڊسٽريل ايريا لوڊ شيڊنگ کان آجي هوندي آهي پر گرمي وارن ڏهاڙن ۾ غير اعلانيه لوڊ شيڊنگ سبب صنعتن کي ڪافي نقصان کڻڻو پوي ٿو. ماجد عزيز، ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيوٽائيزيشن کان اڳ 09-2008 ۾ KESC جو ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ گذريل سال وڏي منافعي جو اعلان ڪيو ۽ مئي 2015 ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي سُڪڪ بانڊز اسڪيم 22 بلين روپين جي پڻ جاري ڪئي وئي. سٺي اقتصادي ڪارڪردگي باوجود ڪمپني پنهنجي صارفين کي معياري سروس مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. واضح رهي ته K- اليڪٽرڪ گذريل مالي سال 14-2013 دوران 12.88 بلين روپيا منافعي جو اعلان ڪيو جيڪو ان کان اڳئين سال کان گهڻو وڌيڪ هو، ڇو ته اڳئين سال اهو منافعو 6.82 بلين روپيا هو. K- اليڪٽرڪ جو 2009 جي پرائيوٽائيزيشن کانپوءِ نيشنل گرڊ اسٽيشن کان 650 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪري پنجن سالن تائين سپلاءِ ڪرڻ جو هن سال معاهدو ختم ٿي چڪو آهي. ليڪن وفاقي حڪومت واڌو چارجز لاڳو ڪري نئين معاهدي کانسواءِ بجلي جي سپلاءِ جاري رکي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت به K- اليڪٽرڪ ۾ وفاقي حڪومت پنهنجو 26 سيڪڙو شيئر برقرار رکيو پئي اچي، پر اها ان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه پئي ڪري “وفاقي حڪومت اڳتي اچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي” ماجد عزيز چوي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو