Home / شوبز / ڪومل رضويءَ کي ايڌيءَ سان سيلفي مهانگي پئجي وئي
above article banner

ڪومل رضويءَ کي ايڌيءَ سان سيلفي مهانگي پئجي وئي

show 2 پاڪستان جي نالي واري ڳائڻي ڪومل رضويءَ کي بيماريءَ جي بستري تي پيل پاڪستان جي مشهور سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي وٺڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي مهانگي پئجي وئي. سماج جي خدمت ڪندڙن ۾ سڀ کان وڏو نالو ڊاڪٽر عبدالستار ايڌي اڄ ڪلهه سخت بيماريءَ جي ڪري بستري ڀيڙو آهي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس عيادت ڪري رهيا آهن. ڳائڻي ڪومل رضويءَ به جڏهن سندس عيادت جي لاءِ وئي ته هُن عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي تصوير ڇڪي ورتي، پر سندس اهو عمل کيس ايترو وزنائتو پيو جو هُن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اپلوڊ ڪيل تصويرن تي تنقيد جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ ڪيترن ئي مائهن ڪومل جي غلط ٽائيم تي سيلفيءَ واري شوق کي ننديو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو