Home / سنڌ افيئر / گرمي سبب ماڻهن جا موت: ڀيانڪ موسمياتي تبديلي جو نتيجو!
above article banner

گرمي سبب ماڻهن جا موت: ڀيانڪ موسمياتي تبديلي جو نتيجو!

Allah Bachayoهن سال رمضان شريف جو ڀلارو مهينو جون ۽ جولاءِ جي انتهائي گرم ترين ڏينهن ۾ آيو آهي جنهن ۾ هڪ طرف قدرت انسانن تي سخت ڏمرجي پئي آهي ته ٻئي طرف ملڪي حڪمران پڻ غريب عوام تي ڏمرجي پيا آهن. سنڌ ۾ هن سال جو اونهارو ڪاري قيامت ثابت ٿيو آهي. سنڌ جا انتهائي گرم ترين ضلعا جيڪب آباد، سکر، دادو، گهوٽڪي، ڪشمور، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ، نواب شاهه وغيره جا لکين ماڻهو هر سال جون ۽ جولاءِ جي هنن مهينن ۾ کوري جيئان پيا پچندا آهن. سنڌ جي مٿين گرم ضلعن ۾ هر سال سون جي تعداد ۾ انسان ۽ هزارن جي تعداد ۾ حيوان سخت گرمي ۽ گُهٽ ٻوسٽ وگهي موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ته سنڌ توڻي وفاقي حڪومت طرفان معمول کان وڌيڪ گرمي ۽ سردي ۾ ٿيندڙ انساني غير طبعي موتن جو ڪو به رڪارڊ نٿو رکيو وڃي. هن سال سنڌ ۾ غير فطري ۽ غير معمولي طور تي گرمي پد ايترو ته وڌي ويو جو سامونڊي ڪناري وارو شهر ڪراچي تپي تندور ٿي انساني لاشن جو قبرستان بڻجي ويو، ڪراچي شهر جي سوين قبرستانن ۽ سردخانن ۾ ئي گنجائش ختم ٿي وئي.

JUNE 36جڏهن ته جناح اسپتال، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال سميت شهر جون اٽڪل سموريون سرڪاري ۽ خانگي اسپتالون مريضن ۽ لاشن سان سٿجي ويون. موسميات کاتي وارن جي رڪارڊ موجب 20 کان 25 جون تائين ڪراچي ۾ گرمي پد 42 کان 43 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو سج لڳڻ ۽ ٻين سبب ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي مٿي ڄاڻايل انتهائي گرم ترين مختلف ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 49 سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو. هن واقعي کان چند سال اڳ پڻ مٿي ڄاڻايل سنڌ جي ڪن ضلعن ۾ گرمي پد ذري گهٽ 50 سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو هو. ڪيترائي ماڻهو ۽ جاندار ان غير معمولي گرمي ۾ جلي موت جي آغوش ۾ هليا ويا پر انهن لاوارث سنڌي لوڪن جي موتن جو حڪومت، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪنهن اداري ڪو به نوٽيس نه ورتو. هن وقت پڻ ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ شديد گرمي ۽ گُهٽ وگهي سوين انساني موت ٿي رهيا آهن جن مان ڏورانهن علائقن ۾ سج لڳڻ ڪري ٿيل انساني موت ميڊيا ۾ پڻ تمام گهٽ رپورٽ ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ آيل قيامت وارن ڏينهن ۾ فقط 43 – 42 گرمي پد ۾ ايترن هزارين انسانن جا موت ڪيئن ٿيا. ميڊيا جي ڪن اڪابرن ۽ موسميات سميت مختلف شعبن جي ڪن ماهرن طرفان اٿاريل ان قسم جي سوالن جا جواب ڏيندي موسميات کاتي جي هڪ اهم اهلڪار محمد حنيف خان 27 جون تي رات جو هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي نئون انڪشاف ڪيو ته دراصل 20 جون کان 25 جون تائين ڪراچي ۾ گرمي جي جيڪا شدت 43 – 42 رڪارڊ ڪئي وئي هئي اها شدت مختلف وقتن تي بدلجندي رهي. سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ۽ گهڻ ماڙ ڳتيل آبادي ۾ گهڻي گُهٽ ٻوسٽ هجڻ، بجلي نه هئڻ ڪري انهن ڏينهن وارو ڪراچي جو 43 گرمي پد اصل ۾ 49 سٽي گريڊ جي برابر هو. ان قسم جي غير معمولي گهٽ ٻوسٽ ۽ هوا جي مڪمل طور تي بند هجڻ وارا واقعا جيڪي صدين کانپوءِ پيش ايندا آهن ۽ ڪراچي جا ماڻهو ايڏي خوفناڪ گرمي کي برداشت ڪرڻ جا عادي نه هئا ان ڪري اهي گهڻا موت جو شڪار ٿي ويا. هن اهو پڻ خدشو ظاهر ڪيو ته اهڙا واقعا ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻيهر پيش اچي سگهن ٿا ۽ گلوبل وارمنگ ۾ موسمياتي تبديلين سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايندڙ وقت ۾ گرمي پد موجود اونهاري کان به وڌي سگهي ٿو. جن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ گرمي پد 43 – 42 هو، جنهن ۾ سوين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، موسميات کاتي جو اهلڪار ان موتمار گرمي کي هاڻ 49 سينٽي گريڊ تائين پهتل مڃي ٿو. انهن ڏينهن ۾ بدين، ٺٽو، حيدرآباد، ٿرپارڪر، مير پور خاص ۾ پڻ گرمي پد ايترو ئي ڪراچي جيترو رڪارڊ ڪيو ويو. جن لاڙ جي گهميل هوائن وارن ضلعن ۾ پڻ سوين ماڻهو قهر جي گرمي وگهي موت جو کاڄ بڻيا. اها ڳالهه به ڪيڏي نه خوفناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي ته هن سال سامونڊي ڪناري واري شهر ڪراچي سميت متوازن آبهوا واري لاڙ جتي اونهاري ۾ شام ۽ رات جو ڏکڻ اولهه واريون ٿڌيون هوائون انسانن ۽ حيوانن ۾ نئون ساهه وجهنديون هيون ۽ سانوڻي وسڪارن ۾ ٿر ۽ لاڙ ۾ لڳندڙ جڳ مشهور ڏکڻ جي هير جيڪا روح کي راحت ڏيندي هئي اهي لاڙ جون ٿڌيون سامونڊي هوائون جن جو فطرت جي عظيم شاعر لطيف سرڪار پنهنجي سدا امر شاعري ۾ ذڪر ڪيو آهي. خوفناڪ موسمي بگاڙ ۽ ڀيانڪ ماحولياتي تباهي جي ڪري هاڻ تيزي سان لاڙ مان موڪلائينديون وڃن. اڳ ۾ اونهاري جي ٻن سخت گرم مهينن جون ۽ جولاءِ جون گرميون ۽ ڪاڙها لاڙ واسين کي جڏهن سڄو ڏينهن ڪاڙهي سندن من ماندو ڪري ڇڏيندا هئا ته شام جو سج لٿي کان پوءِ يا ته تيز برسات اچي ڪڙڪندي هئي يا ٿڌيون سامونڊي هوائون ضرور گهلنديون هيون. پر هاڻ ڪجهه سالن کان نه مينهن وسن ٿا ۽ نه ئي رات جو ڪنهن ٿڌي هوا جو ڪو جهوٽو لڳي ٿو. موسمي ۽ ماحولياتي تبديلين جي باوجود هتان جي شهري توڻي ٻهراڙين جي مقامي ماڻهن پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪا به تبديلي نه آندي آهي ۽ نه ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪنهن اداري سندن رهنمائي ڪئي آهي. ان قسم جي بدلجندڙ حالتن کي ڪهڙي جديد سائنسي ۽ لوڪ ڏاهپ وارن مقامي طريقن سان منهن ڏئي پنهنجي وجود جي بقا ۽ تهذيبي ۽ تمدني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به ڪا رٿابندي نه ڪئي وئي آهي، جيڪا وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. گرمي ۾ سنڌ جا هزارين ماڻهو جڏهن موت جو بک بڻجي ويا آهن تڏهن سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون ايترن انساني موتن لاءِ هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏئي رهيون آهن. الزامن ۽ جوابي الزامن جا ڌوڙيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن انساني لاشن جا انبار لڳي رهيا آهن عين ان وقت اوچتو سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي جا اهم اڳواڻ، آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، سنڌ جو گهرو وزير وغيره ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سنڌ جا گڙنگ سرڪاري ڪامورا موت جي چنبي ۾ ڦاٿل لکين ماڻهن کي لاوارث ڇڏي پرڏيهه هليا ويا آهن. اهاته بي رحمي، بي حسي ۽ خراب حڪمراني جي انتها آهي. ڀاڄ کاڌل هي سنڌ جا حڪمران ۽ نا اهل راشي ڪامورا جن سڄي سنڌ جي ڌن دولت ۽ وسيلن کي لٽي ڦري تين وال ڪري پرڳڻي کي تباهه ۽ تاراج ڪري ڇڏيو هو. اهي هن ڪڙڪيل قدرتي ۽ هٿرادو آفت ۾ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ اڪيلو ڇڏي، ان وقت فرار ٿي ويا آهن جڏهن مهانگائي جي راڪاس مسڪين ماڻهن جا هڏ چم به ڪرٽي کائي ڇڏيا آهن. غريب ماڻهو کي ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن ڏهاڙي واهپي جي سڀني شين جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن. اٽو، گيهه، کنڊ، چانور، بصر، پٽاٽا، چانهه، داليون ۽ سايون ڀاڄيون رمضان جي چنڊ ڏسڻ شرط 20 کان 30 سيڪڙو وڌيڪ اگهه تي وڪامي رهيون آهن. مٿان عيدالفطر جيڪا مسلمانن جي سال ۾ سڀ کان وڏي خوشين واري عيد آهي پر بدين جا ماڻهو جيڪي بک ۽ بدحالي کان تنگ ٿي راهوڪي جي ناجو ۽ ڪيول ڪولهي جي روپ ۾ خودڪشيون ڪري رهيا آهن. اهڙن ڏکويل ماڻهن جي هي ڪهڙي عيد ٿيندي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته بدين، لاڙ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا لکين مصيبتن ماريل ماروئڙا حڪومت، اين جي اوز مختلف فلاحي ادارن طرفان کين هن ڀلاري عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هيل تائين سندن ڪا به واهر نه ٿيڻ ڪرڻ ڪري هي عيد به ڏکن ۽ بکن ۾ ملهائيندا ۽ اهو پڻ ممڪن آهي ته بدين، ٺٽي ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي ۽ ٿر ۾ جتي غربت جي انتها آهي اتي هزارين خاندان عيد واري رات ۽ ڏينهن پنهنجي گهرن جا غريباڻا چلها به ماري نه سگهن ۽ سندن انگ اگهاڙا معصوم بچڙا عيد واري ڏينهن ماني ڳڀي لاءِ دانهون ڪندا ۽ سڏڪن سان عيد ملهائين. جا عمر تو مل عيد، سا اسان سُوءِ ورتي سومرا، وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد، سڪڻ ڪيا شهيد مارو جي ملير جا. “شاهه”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو