Home / سنڌ افيئر / 37 ٽي ايم اوز معطل ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي
above article banner

37 ٽي ايم اوز معطل ٿيڻ جي اندروني ڪهاڻي

ايم بي عرساڻي

2001 کان اڳ ۾ تعلقه / ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ( ٽي ايم اي) ۽ تعلقه ميونسپل آفيسر (ٽي ايم او) جو نالو نشان ڪو نه هو. ان کان اڳ ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، ميونسپل ڪارپوريشن، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون، ميونسپل ڪاميٽيون ۽ ٽائون ڪاميٽيون هونديون هيون، جن جي آفيسرن کي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪمشنر، ميونسپل ڪمشنر، چيف آفيسر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، چيف ميونسپل آفيسر ۽ ٽائون آفيسر سڏيو ويندو هو. 2001 ۾ تعلقي جي سڀني ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين کي ملائي تعلقه / ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٺاهي وئي، جن کي هن نظام تحت ٺهندڙ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ وانگر مالي طور آسودو بڻايو ويو، پر ان تي چيڪ بيلنس لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو، اٽلندو 1979 جي آرڊيننس تحت قائم ڪيل سپروائيزري ڪيڊر کي به ختم ڪيو ويو، جنهن ڪري هر آفيسر ٽي ايم او ٿيڻ جي چڪر ۾ لڳي ويو. پ پ پ حڪومت اچڻ کانپوءِ هن کاتي ته ڇا، پر سئي گئس، بئنڪن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جا آفيسر به سياسي اڳواڻن ۽ سروس، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ سيڪريٽريٽ سطح تي ويٺل اعليٰ شان وارن ڊي ايم جي، ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس آفيسرن جي مدد سان ٽي ايم او بڻجي ويا، جيڪو انهن حشر ڪيو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي ڇو ته انهن جي وقت ۾ پگهارن تي 20 کان 40 لک مس خرچ ٿيندا هئا ۽ ڪروڙ ٻه کاڄي ويندا هئا.

JUNE 34

2013 ۾ آيل سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اهي همراهه هٽي ويا، جنهن ڪري حڪمران ڌر سان واسطو يا انهن تايئن پهچ رکندڙ ماڻهو انيشل اپائنٽمينٽ وسيلي يارهين، سورهين ۽ سترهين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندا رهيا ۽ اها ڀرتي ڏيڍ ٻه سال هلي، هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لسٽ کان پوءِ به ماڻهو کڄندا رهيا، جن جي ڪا به سينيارٽي لسٽ جاري نه ٿي آهي جنهن ڪري سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ طرفان ڪنهن کي يارهين گريڊ جو لکي بدلي ڪيو ٿو وڃي ته وري جڏهن مهيني ڏيڍ بعد اهو ڪٿي مقرر ڪيو وڃي ٿو ته انجو گريڊ سورهون ڄاڻايو ٿو وڃي. ائين ڪي ئي همراهه 17هين گريڊ تي وڃي پهتا آهن.

تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشنس جن کي هاڻي ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي انهن جي خرابي جو سبب ڊيپوٽيشن تي مقرري ۽ سفارش تي ڀرتي ته آهي ئي آهي، پر ان ۾ تعلقي جي بااثرسياستدان کي به آجو نه ٿو قرار ڏئي سگهجي، ڇو ته انهن ادارن ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ انهن جي چوڻ تي ٿيندي رهي آهي جنهن ڪري اهي اهو ئي ڪرڻ لاءِ مجبور آهن، جيڪو کين پوسٽنگ ڪرائيندڙ چون. پوءِ به جيستائين آغا سراج دُراني هو تيستائين ٻين کاتن جي مداخلت نه هئي، پر هاڻوڪي صوبائي وزير کاتي کي نه هلائي سگهڻ جو اڻ سڌي طرح اعتراف ڪندي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن  ۽ ميونسپل ڪاميٽين جو ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪمشنرن کي ڪنٽرولنگ اٿارٽي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جو ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڪنٽرولنگ اٿارٽي مقرر ڪرايو آهي. هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرن کي ٽائون ڪاميٽين جا بل / چيڪ ڪائونٽرسائين ڪرڻ جا اختيار ڏنا پيا وڃن، ڄڻ ته انهن ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪاميٽين کي سڌاري ڇڏيو آهي۔ بس سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پاڻ مانيٽرنگ جو نظام درست ڪرڻ بجاءِ ڌارين کي پيا چون ته اچو ۽ اسان کي اسان جو گهر سڌاري ڏيو،  هنن کي ته اي سي آر به سندن اصلي کاتي يعني روينيو ۾ ڪيل ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملندي آهي پوءِ اهي لوڪل گورنمينٽ ۾ ڇو سڌارا آڻيندا؟ هنن کي ته اينٽي ڪرپشن وارا به ڪجهه ڪو نه چوندا آهن، ڇو ته ان جا چيئرمن ۽ ڊائريڪٽر به هنن مان ٿيندا آهن ۽ ٽنهي يعني ضلع، ڊويزن ۽ صوبي سطح جي ڪميٽين جا سربراهه به هنن مان ٿيندا آهن، جنهن ڪري هو جتي ويندا آهن اتي وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئڻ بجاءِ ان ۾ ٽٻيون هڻي وهنجندا آهن.

هونئن به غور ڪبو ته جڏهن  ملڪ ۾ ڪرپشن نه هئي ته به ٿاڻي ۽ تپيدار وٽ رائج هئي، هن کاتي جا سب رجسٽرار ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جا پي اي به ڪروڙ پتي آهن جڏهن ته ارڙهين گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنرن جي اٿڻي وهڻي به مغل شهزادن کان گهٽ نه آهي. عجب جي ڳالهه آهي ته اهي واحد آفيسر آهن جن جي هائوسن تي کاڌو به رشوت جو پچندو آهي، جيڪو تپيدار ۽ مختيارڪار پهچائيندا آهن، پوءِ به انهن کي ايماندار سمجهيو ٿو وڃي. ڊي ايم جي ۽ ايڪس پي سي ايس وارا ته ٺهيو، پر بنا پبلڪ سروس ڪمشن جي امتحان جي اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيل ۽ پوءِ پروموشن وٺي ڊپٽي ڪمشنر بڻيلن کي به هر مرض جو علاج سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هڪ نامينيشن ذريعي ڀرتي ٿيل ۽ آئوٽ آف ٽرن ذريعي پروموشن حاصل ڪندڙ ڪمشنر چئي رهيو هو ته جڏهن به ڪو بحران پيدا ٿيو آهي ته ان کي روينيو وارن ختم ڪيو آهي. ان کان سوال آهي ته جيڪڏهن کانئن اهي گاڏيون، سهوليتون، فنڊ ۽ نيٽ ورڪ کسيو وڃي ته ڇا پوءِ به هو اهڙيون ٻٽاڪون هڻي سگهندو؟ هنن لاءِ ته 2013 ۾ ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل به لکيو هو ته سنڌ جي روينيو کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي رهي آهي، اها ڪرپشن / پيسي جي مڳي ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو ستين گريڊ جو تپيدار رئيس، ڏهين يارهين گريڊ جو سپروائيزر ميان صاحب ۽ چوڏهين گريڊ جو اسسٽنٽ مختيارڪار / وڏو منشي خان صاحب سڏائي رهيا آهن، جنهن ڪري ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ جي وزير ۽ سيڪريٽري جي سڏ تي به نه ايندا آهن، اها ڪيڏي نه ناداني آهي جو پوءِ به مڪاني ادارن جي وزير انهن جي وسيلي مڪاني ادارن ۾ نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ ٿو گهري، اها حڪمت عملي نه پر ناڪاميءَ جو اعتراف آهي.

JUNE 35

جڏهن ايڊمنسٽريٽر يعني ڪائونسلن جا هيڊ روينيو وارا آهن ته پوءِ انهن ۾ ٿيندڙ بي قاعدگين جي سزا صرف ٽي ايم اوز کي ڇو؟ وڏا اختيار ته ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪنٽرولنگ اٿارٽي وٽ آهن، ڀلا جيڪڏهن پوءِ به ٽي ايم او ذميوار آهي ته پوءِ صرف 37 ڇو؟ ڇا باقي پاڪ صاف آهن؟

سسپينڊ ٿيل ٽائون آفيسرن ۾ سڪرنڊ جو ٽائون آفيسر به شامل آهي، جنهن جي ڪائونسل ۾ اٺ- نو ڪروڙ روپيه پيل آهن ۽ ان سيڪريٽريٽ ۾ رڪارڊ جمع ڪرائي رسيد به حاصل ڪئي هئي، جنهن ما صاف ظاهر آهي ته هنن جي معطلي جو سبب رڪارڊ جمع نه ڪرائڻ ۽ بدانتظامي نه آهي، پر ان جو سبب  اهو آهي ته هنن صرف بدليون ڪرائيندڙن کي راضي رکيو، پر بدليون ڪندڙن کي وساري ڇڏيو. باقي جيڪڏهن انهن جي سسپينشن جو سبب ڪرپشن ۽ رڪارڊ نه جمع ڪرائڻ هجي ها ته پوءِ 99 سيڪڙو ٽي ايم اوز سسپينڊ ٿين ها ۽ سندن ڀاڱي ڀائيوار ايڊمنسٽريٽرن کان به پڇاڻو ٿئي ها، جيڪي گذريل سال کان چڱا مڙس لڳا ويٺا آهن ۽ اهو ڪجهه ڪيو اٿن جيڪو 2010 ۾ ڊيپوٽيشن تي آيلن ڪيو ۽ جيڪو ڊيپوٽيشنسٽس کي ڪرڻ گهرجي.

حقيقت ۾ مڪاني ادارن ۾ بدانتظاميءَ جي ذميوار سنڌ حڪومت به آهي، جيڪا پنهنجي فيلڊ آفيسرن جي رپورٽن کي نظر انداز ڪري ٽي ايم اوز جي پٺي ٺپيندي رهي آهي ۽ ٻيو ته ان مؤثر مانيٽرنگ سسٽم به ڪو نه ٺاهيو آهي، جنهن جي هجڻ ڪري 2001 کان اڳ ايڏي ڪرپشن ۽ بدانتظامي نه هئي. هن بدانتظامي جي ان کان به وڏو سبب بااثر سياسي شخصيتون آهن، جن بي جا ڀرتيون ڪرائي مڪاني ادارن جي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي وري لوڪل ڪائونسلن کي اي ٽي ايم طور استعمال ڪري رهيا آهن. هڪ اڳواڻ ته پنهنجي والده جو ٽيجهو ۽ چاليهو به ٽي ايم وارن کان ڪرايو پر جتي بهتر چونڊيل نمائندا آهن، اتي اهڙو ناحق نه آهي، جنهن جو مثال ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ، ميونسپل ڪميٽي، گمبٽ ۽ ٽائون ڪميٽي فيض گنج آهي ان لاءِ ٻه ٻه ذاتيون سڏائيندڙ پارٽي سربراهه کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.

ٽي ايم اوز جي سسپينشن جو سبب خوف ۽ تڪڙ به ٿي سگهي ٿي، جنهن ڪري ڀل ۾ وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جو پوٽو ۽ ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه جو پٽ سيد احسن علي شاهه ٽائون آفيسر سوڀو ديرو به سسپينڊ ٿي ويو اٿن، ان ۽ اهڙين ٻين بااثر آفيسرن ۽ ڏي وٺ ذريعي سڀئي بچي ويندا، جنهن ڪري هڪ ڏينهن اندر سندن ڪيس اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جو فيصلو رد ڪيو ويو آهي، هاڻي هنن جا معاملا ڏسڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي.

انڪري جڏهن روينيو وارا به فيل ٿي ويا آهن ته پوءِ يا  ته لوڪل ڪائونسل رينجرس  حوالي ڪيون وڃن يا مڪاني ادارن جي سپروائيزري ڪيڊر کي با اختيار بڻائي گهربل سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ۽ تعلقي سطح تي ٿيندڙ سياسي مداخلت کي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته اها مڪاني ادارن ۾ ٿيندڙ بي قاعدگين جو مک سبب آهي، ڀلا جيڪڏهن وزير موصوف مجبور آهي ته پوءِ کاتي کي اڌ تتر ۽ اڌ بٽير بڻائڻ بجاءِ ان کي روينيو يا سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي ۾ ضم  ڪرائي پنهنجي کاتي مان ئي جان ڇڏائي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو