above article banner

نور  احمد جنجهي

سنڌ ڌرتي صوفين جي سدا ملوڪ ڌرتي سڏبي آهي جنهن ۾ انيڪ صوفين جون مزارون ، آستانا ۽ تڪيا آهن. انهن سڀني صوفي سڳورن جي فڪر، فقر ۽ فراق جي سنڌي خيال تي گهري ڇاپ آهي، هرهنڌ سندن ڪردار ۽ گفتار جو هوڪو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن نظرئي جي ڦهلاءَ جو ڪم موروثيت جي مرض جي ور چڙهي وڃڻ جي ڪري ايئن اڳتي وڌي نه سگهيو آهي جيئن انهن سچن صوفين جي مرضي ۽ منشا هئي، ڇاڪاڻ ته نيڪ صالح ۽ سلوڪي هجي نه هجي پر اولاد هجڻ جي نالي ۾ اهڙي منتقلي ايئن ئي ڪئي ويندي آهي، جنهن تصوف جي تاڃي پيٽي کي وڏو نقصان رسايو آهي. JUNE 38

انهي بابت تفصيلي بحث ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون تصوف ڇا آهي؟ تصوف جي تاريخ ڪيئن آهي؟ سنڌ ۾ اهو ڪيئن متعارف ٿيو؟سنڌ ۾ اچڻ کانپوءُ انهي ڪهڙو رنگ روپ اختيار ڪيو؟ سنڌي معاشري تي ان جا ڪهڙااثر پيا؟ انهن اثرن جي ڪري جيڪي تبديليون آيون تن جو سنڌي سماج ۾ ڪهڙو ڪارج آهي؟ انهن تبديلين جي اثرن هيٺ رهندي سنڌي سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟وغيره. انهي سموري اوک ڊوک لاءِ تصوف جي تورتڪ ڪرڻي پوندي. تصوف، خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ انهي املهه تعلق کي سڃاڻڻ جي عملي واٽ آهي جيڪو سون سريکو ۽ سچو سٻنڌ ، محبت جي ميخن سان هنيل آهي، جنهن جو پيچ، ايئن ڪڙي منجهه ڪڙو آهي، جيئن ڪنهن ڪاريگر لوهار ان کي لپيٽيو هجي. ڀٽائي سائين فرمائي ٿوته: الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم قالو بلى قلب سين تڏهن تت چيوم تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان انهي مضبوط تعلق جا پنهل پاران پيچ ايئن پاتل آهن جو ازل کان ئي انسان ان ۾ سوگهو آهي ۽ ساه پساه ۾ سڄڻ جو واسو ۽ ورن آهي، انهي پيچ ، جتي قلب کي قرار ڏنو آهي تتي نه کٽندڙ سرگرداني جي سوغات پڻ. انهي پيچ جو پرپيچ پيار لطيف سائين هن ريت فرمايو آهي؛ ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهارن لپيٽيو، منهنجو جيءُ جڙي، تيئن سپيريان سوگهو ڪيو تصوف کي انهي تعلق جي مجموعي ڊيگهه ويڪر جي تاڃي پيٽي ۾ توري تڪي سگهجي ٿو، سائنس به اهڙي ئي تعلق جي نسبت جو مطالعو ڪري ٿي ، تڏهن ته آئنسٽائن جهڙي نامياري سائنسدان مادي ۽ توانائي جي تعلق کي سمجهائڻ لاءِ چئي ڏنو ته سڄي ڪائنات نسبتي آهي، انهي نسبتي ٻنڌڻ کي سمجهڻ لاءِ مذهبن پنهنجي واٽ ورتي آهي، فلسفي پنهجي پر ۾ رنڍاروڙ ڪئي آهي. انسان فطرت پرستي مان فلسفي ڏانهن وڌيو آهي، فلسفي مان هن مذهب جي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏايا آهن، مذهب مان ٿيندي هو سائنس جي سرشتيداري علم تائين پهتو جنهن وسيلي وري هن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پرانهين پار پر پسارڻ شروع ڪيا آهن، مطلب ته انسان جي اها جستجو کيس سک جو ساه کڻڻ نٿي ڏئي ۽ هو مسلسل انهي سرگرداني ۾ محو حرڪت آهي، سندس انهي روش کي شاه عبداللطيف ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي: جيئن سو هرڻ هماء، سرگردان هن سنسار ۾ ، هي پير نه ڌري پٽيين، هو سر ڌڙ نه ڌري ساه، جيڪس تن ملاء ، سرتيون مون سور پرائيو. هرڻ هڪڙو خوبصورت جانور آهي جنهن جي پاڻي پيئڻ جي عام عادت سپن وانگر سانوڻ جي ست ڀرين ڇنڊن جو پاڪ پاڻي پيئڻ آهي. هرڻ اڃ کڻي هلندو آهي اڪن جي ٻه پني کائيندو آهي پر تازي گهوڙن کي به رسائيندو ناهي. هرڻ کي جيئن تن جي تنئونس تپائيندي آهي ته هو سامهون ڏسندو آهي جتي کيس پاڻي نظر ايندو آهي، حقيقت ۾ اهو پاڻي نه پر رڃ هوندي آهي، رڃن جي رڙ پٺيان ايئن ڊوڙندي هرڻ جو گذر سفر ٿيندو آهي. ساڳي ريت ”هما“ اهڙو هڪ ديومالائي پکي آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته انهي جي قسمت ۾ رڳو اڏامڻ ئي اڏامڻ لکيل آهي ڇاڪاڻ ته اهو پکي فضا ۾ اڏامندو رهندو آهي ، اتان کان ئي بيضو لاهيندو آهي، بيضو جيئن ئي اسان جي ڌرتيءَ جي وايو منڊل ۾ ايندو آهي ته ڦاٽي پوندو آهي ۽ ان مان ڦٽل پکي وري فضا ۾ اڏامڻ لڳندو آهي ۽ سندس نصيب ۾ اڏامڻ ئي اڏامڻ آهي. ڪٿي به ويهي هو سک جو ساه نٿو پٽي، جيئن هرڻ اڃ اجهائڻ لاءِ مسلسل رڃن ۾ ڊوڙندو ڊڪندو رهي ٿو ۽ پٽي ءَ پير به نٿو ڌري. اها سرگرداني انهي تعلق جي طاقتور هجڻ کي ظاهر ڪري ٿي ، اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ڇانو ۽ جسم ساڳي نسبت ۾ آهن، پڙاڏو ۽ سڏ ساڳي نسبت ۾ آهن، جيئن شاه سائين فرمائي ٿو؛ پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين، هئا اڳيئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. سو اهو ور وائيءَ جو لهڻو آهي ، انهي وائيءَ جي ور لهڻ جي واٽ جو نالو تصوف آهي، جيڪڏهن طبعي سائنس ڪائنات جي مادي روپ کي پرکڻ ۽ پرجهڻ جو دڳ آهي ته ڪائنات جو جيڪو غير مرئي روپ سروپ آهي، ان جو اڀياس تصوف ڪري ٿو. تصوف لاءِ ڪي ٿا لکن ته ان جو بنياد ” صوف“ تي آهي جنهن جي لفظي معنى آهي اوني ڪپڙو اوڍڻ . ڪي ٿا لکن ته اهو ”اصحاب صفه“ سان نسبت رکي ٿو، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ جيڪي اوني ڪپڙا نٿا پائين سي صوفي ناهن يا وري اهو ته ڇا انسان جي ماضيءَ ۾ ڪي به اهڙا اهڃاڻ نٿا ملن جن کي اڀياسي چئي سگهجي ته انسان آد جڳاد کان صوفي آهي. ڪي همراه وري ڪتابن جا اٺ پڙهي ڪاڳر ڪارا ڪري ڊاڪٽر ٿيا تن وري تصوف کي طبقن ۾ ورهائي اسلامي ۽ غير اسلامي تصوف جي خانن ۾ ورهائي محدود ڪيو. انگريزي ٻولي ءَ وارن جڏهن تصوف جو مطالعو ڪيو ته mysticism جو اصطلاح اڀريو جنهن جوترجمو ڊاڪٽر اديبن ” باطنيت“ ڪيو آهي . جڏهن ته ان لاءِ جوڙيوال ڏيهي لفظ ” اسراريت“ مناسب آهي. باقي مسٽسزم تصوف جو جوڙ ناهي، تصوف ، تصوف آهي، جنهن جو بنياد صفائيءَ تي آهي، صفائي به اندر جي، نه ئي جسمن جي. ڀٽائي تڏهن ته فرمايو آهي؛ صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو تنهانپوءِ ٿيو ، جيئري پسڻ پرينءَ جو اندر اجارڻ جو نالو تصوف آهي، اندر جو علم ئي انسان کي اونده مان روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جن کي پاڻ پڙهائي ٿو سي اڻ پڙهيا ئي پڙهيا آهن باقي نه ته ڪتابن جون ڀريون ته ڪيترن جي مٿن تي نظر اچن ٿيون. تصوف ۾ انسان جيڪا واٽ ورتي آهي تنهنجي اوٽ ۾ انسان جي فطري پهلوءَ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي، اندر جي ڪنن جي ڳالهه ڪندي، ظاهري ڪنن جي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي ۽ شاه ڪريم جهڙن الله لوڪ شاعرن انهن گڏه جي ڪنن جهڙن ظاهري ڪنن وڪڻڻ جي صلاح ڏني آهي جيئن سپرين جي ڳالهه سڻي سگهجي، هي ڪن گاڏهان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج سندي سپيريان ڳالهڙي، تني سين سڻيج تصوف انهي علم کي دريافت ڪرڻ جو علم آهي جيڪو آدم کي ڏيجيل آهي ڇاڪاڻ ته نئون ڪجهه به ناهي، جيڪي ڪجهه به آهي سو انساني دماغ ۾ ”سر“ ڪيو ويو آهي، اهو علم نسل در نسل، صديءَ به صديءَ نروار ٿيندو رهندو ۽ اهي سموريون دريافتون انهي موجودات جي ذخيري جي دريافت آهن، انسان جي مٿي جو بار ئي اهو آهي ته هو انهي خزاني کي دريافت ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي، وڌ کان وڌ چڱايون سهيڙيندو رهي، جيئن انسان جو اهو سفر پنهنجي منطقي انجام ڏانهن خوش اسلوبيءَ سان وڌندو رهي. اهڙي ريت تصوف اعلى انساني ، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي ترغيب ڏئي ٿو. ٻيائي، منافقي ۽ ڪوڙ ڪچ کي ڪوري ڪڍڻ ئي تصوف جو مول متو رهيو آهي. صبر، شڪر، توڪل ۽ تقوى وسيلي نفس جي تربيت ڪندي، صوفي جيڪا راه گهڙين ٿا سا راه لوڪ جي آهي، عام جي آهي، خواص جي ناهي، فقيريءَ جي واٽ آهي،تصوف اميريءَ کان پري ڀڄڻ جي ڳالهه آهي، دنياوي لذتن کان پري رهڻ جي ثقافت آهي،ماڻهوءَ مان انسان ٿيڻ جو گس آهي. مسلم دنيا ۾ جن صوفين جو ذڪر ٿئي ٿو تن ۾ حسن بصري اهو صوفي آهي جنهن اموين جي پهرين هجري صدي دوران، جور ۽ جبرواري آپيشاهي دوران شاهي ٺٺ ٺانگر تي تنقيد ڪئي.بلخ جي شهزادي ابراهيم بن اُڌم ڪپل وستوءَ جي ڪنور سڌارٿ المعروف گوتم ٻڌ وانگر بادشاهي ترڪ ڪري توڪل اختيار ڪئي. معروف ڪرخي عيسائي مان مسلمان ٿيو ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار بنجي ويو.بيبي رابعه بصري (وفات 801ع) تصوف جو هڪ نهايت نيارو تصور ڏنو جنهن ۾ اجائي ڊپ ۽ ملال جي بجاءِ الله جي محبت جو عنصر شامل هو. ننڍي کنڊ ۾ ميران ٻائي ءَ جو مثال آهي جنهن جي انقلابي شاعري اڄ به ماڻهن کي موهي ٿي ۽ اهي سندس پيغام جا متوالا آهن. ميران ٻائي جڏهن محبت جي ان ازلي وٿ جي ڳالهه ڪري ٿي ته سندس نظر ۾ ٻيائي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ٻئي ڌريون هڪ نظر اچن ٿيون جيئن هڪ مڻ وزن جي تور ڪبي آهي ته تارازيءَ جي ٻئي پڙ ۾ به هڪ مڻ جو وٽ يا تراڙو رکبو آهي، ڪانٽي ۾ ، درحقيقت ٻه مڻ هونداآهن، پر هرهڪ ان کي هڪ مڻ ئي سمجهندو ۽ چوندو آهي، ساجن هم تم ايڪ هين، هين ديکن ۾ دو من ڪو من سي توليئي، ڪبهي نه دو من هو ڀڳتي پنٿ جو وڏو نالو ڀڳت ڪبير آهي، جنهن جو ڪلام عام ماڻهوءَ جي زبان تي آهي ۽ جهر جهنگ ڳاتو وڃي ٿو، ماڻهو ان مان لطف حاصل ڪن ٿا ۽ مالڪ جي مام جي ڳوڙهائي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ”رنگيءَ کي نارنگي“ چوڻ واري زماني کي ڪبير نندي ٿو، جڏهن ماڻهو کيس چون ٿا ته ڪاشيءَ ۾ سئو ڏينهن پورا ٿيڻ سان مڪتي ٿيندي ته هو ڪاشي ڇڏي هليو ٿو وڃي، اهڙا نيارا جمود ٽوڙ خيال ئي تصوف جي مجموعي ثقافت کي سرجين ٿا. هڪڙو نئون تصور تصوف ۾ متعارف ٿئي ٿو، سبحاني ما اعظم شاني جو. اها شروعات بايزيد بسطامي ءَ کان ٿي هئي منصور حلاج جهڙن ان جي پيرويءَ ۾ پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ڇڏيا ۽ اهو پيغام اتي ئي محدود نه رهيو ۽ درازن جي دلبر سچل سرمست پنهنجي سرمستيءَ سان ان کي وڌيڪ آشڪار ڪيو. جيتوڻيڪ درٻار جي خيرخواهن انهن ٻولن کي ”شطحيات“ سڏيو پر فقيرن پنهجي سرمستيءَ جي اظهار کي نه ڇڏيو ، انهن ٻولن اها حيثيت وڃي اختيار ڪئي جو جنيد بغدادي جهڙن عالمن کي تصوف جي مختلف اصطلاحن جي وضاحت ڪرڻي پيئي. تصوف جي انهي علم کي ڪاغذ جي زينت بنائيندي قلمبند ڪيو ويو ته ”طواسين “ جهڙا مشهور ڪتاب جڳ کي پڙهڻ لاءِ مليا. ابو نصر سراج” اللمع“ جهڙو ڪتاب لکي تصوف جي نصاب ۾ خوبصورت شروعات ڪئي. ابوالقاسم عبدالڪريم هوازن قشيريءَ جو پٽ هو جنهن جو” قشيريه رسالو“ به تصوف جي بنيادي ڪتابن مان هڪ آهي .” ڪشف المحجوب“، ابوالحسن علي بن عثمان هجويري المعروف داتا گنج بخش جو تصوف تي لکيل فارسيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي. امام غزاليءَ ” احياء العلوم الدين“ ۽ ”المنقذ من الضلال“ جهڙا ڪتاب لکي تصوف جي تعليم کي ڪنهن شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ علمي دنيا ۾ وڏو نالو ڇڏيو. شيخ عبدالقادر جيلاني جون تصنيفات جهڙوڪ ”غنيته الطالبين“ ۽ ” فتوح الغيب“ تصوف جي دنيا جا مشهوردستاويز آهن. شاعري به ان ڏس ۾ پٺتي نه رهي آهي. مجددالدين سنائي پهرين درٻاري شاعر هو پر پوءِ سندس ذهن ۾ تبديلي آئي ۽ هن قصيدا چوڻ ڇڏي ” حديقته الحقيقت“ جهڙي طويل مثنوي لکي تصوف جي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.” منطق الطير“ جي مصنف فريدالدين عطار به انهي سلاسلي تمام بهترين ڪتاب لکيا جيڪي تصوف جي تعليم جو بنياد بنيا. تيرهين صدي عيسوي ۾ ٽي وڏا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا جن صوفي مت جي سلسلي تي گهري ڇاپ ڇڏي آهي. اهي آهن؛ شهاب االدين سهروردي (وفات 1234ع)، محي الدين ابن عربي(وفات 1240ع) ۽ جلال الدين رومي(وفات 1274ع). سندن تصنيفون ترتيبوار ”عواف المعارف“، ”فصوص الحڪم“ ۽ ”مثنوي ومعنوي“ آهن. انهن سڀني ڪتابن جو اثر سنڌ جي توڻي برصغير جي عوام تي رهيو آهي، پر سنڌ جي خيال تي جلال الدين رومي جي مثنوي ڇانيل آهي، ڇاڪاڻ ته شاه لطيف انهي کي سدائين پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ سندس رسالي ۾ مثنوي جي پيغام جو پڙاڏو ملي، طالب ڪثر سونهن سر جهڙا بيت ته انجو چٽو مثال آهن. شيخ سعدي، خواجه بهاء الدين نقشبندي ۽ عبدالرحمان جامي به شامل آهن جن اسانجي تصوف تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. اهڙيطرح سهروردي، چشتي، قادري، نقشبندي ۽ ٻيا سلسلا ننڍي کنڊ ۾ وڌيا ويجهيا. هتان جي تصوف جي تعليمات تي ابن عربيءَ جي نظريئي ”وحدت الوجود“ جو اثر تمام گهرو آهي، جيتوڻيڪ کانئس 5 صديون ِ شيخ احمد سرهندي ”وحدت الشهود“ جو نظريو ڏنو جنهن جي تشرح ايئن ڪئي ويئي ته اهو نظريو وحدت الوجود جي نظريئي جي ابتڙ آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ وحدت الشهود به وحدت الوجود جي واڌاريل شڪل آهي جنهن ۾ ان کي شريعت جي فرم ورڪ اندر رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. انهن سڀني ڪوششن جي باوجود سنڌ جي يا ننڍي کنڊ جي ذهن تي ”همه اوست“ جي هونگار حاوي آهي. اسان جي سموري ڪلاسيڪي شاعري ان جو سڄ جهڙو چٽو مثال آهي. عوام دوست بزرگن جي اثر سان ٿيل مسلمانن توڻي غير مسلمن تي انهن بزرگن جي رواداري جو وڏو اثر رهيو آهي. صلح ڪل جي انهي جذبي ۾ ويدانت جي تعليمات جو پڻ اثر آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي شاعريءَ جي موضوعن ۾ ويدانتي ويچار پڻ شامل آهن. شاه لطيف جي شاعري ۾ به انهن ڳالهين جي ڳڻ ڳوت ٿيل آهي. اهڙي طرح سماج ۾ هڪڙي پليورل ازم نظر اچي ٿي جنهن ۾ تعصب جي ڪا به گنجائش ناهي، ذات تي ڏات ناهي، جو وهي سو لهي. اهي بزرگ ڪنهن به فرقي ۽ خواصي حلقي بنديءَ کان دور هئا، سندن اهڙي ۽ غير جانبداري جي ڪري ، عوام ، ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهبي عقيدن جي وڇوٽين کي پري رکندي، هڪٻئي جي ويجهو آئيا. اڄ انهن صوفين جي آستانن تي ڪوڙين ڪهي وڃي سلام ٿا ڪن. مرد عورتون، ٻڍا توڻي ٻار، سڀئي هڪجهڙا عقيدتمند آهن. عقيدتمنديءَ جو اهو سلسلو اڄ تائين صدين کان جاري ۽ ساري آهي. وقت جي وير هن صاف سٿري جهان کي نه متعفن ڪيو آهي ۽ صوفي جيڪي بادشاهي جي جمود ۽ جبر خلاف هئا، تن جي پونيرن جڏهن بادشاهن جا ڳيجهو ٿي ان عوام سان ويل وهائڻ شروع ڪيا جيڪا عوام سندن سڏ سان گڏ هئي، ڌارين جي اقتدار کي مضبوط ڪيو، ته هن سڳوريءَ ۽ صاف سٿري دنيا جو سمورو ماحول ئي بدلجي ويو. صوفي، جن اندر صاف ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي تن جي پونيرن جڏهن انهن آستانن تي ڪڌا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ته اها وٽ هلي ويئي ۽ رڳو وڃي اقتدار جي چوسيل هڏي بچي. تنهنڪري صوفين جو پيغام همه گير، همه جهت ۽ برابريءَ وارو آهي. اهو حق سچ جو نظريو آهي جڏهن به انهي جي سنڀاليندڙن حق سچ جي واٽ کي ڇڏيو ته پوءِ يقينن اهي ميسارجي ويندا. سنڌ ۾ تصوف جو جيڪو روح آهي ، مول متو آهي اهو عوام دوست ۽ هيڻن جو همراه ۽ هڏ ڏوکي آهي، درٻارن جي دالانن ۾ چپ راست چپ راست ڪرڻ وارو ڪم ناهي، جن جي پانڌ سان پلئو لڳڻ سان خواص کي لڄ ٿي ٿئي تن ميرن سيرن انگ اگهاڙن سان محبت ڪندي، ماڙ ڪرڻ آهي، نه ته نه مسند نشينيون ڪم اينديون، نه جبا، عماما ۽ خلعتون ڪم اينديون، پر انهي بادشاه پرستي وسيلي تصوف جو اظهار ڪرڻ لاءِ جيئڻ ئي جاڙ جيئڻ آهي. سنڌ ۾ تصوف جو جيڪو روپ سروپ قائم دائم رهڻو آهي سو لوڪ دوستي وارو روپ آهي نه ئي بادشاهي وارو ڪوڙو ۽ ڪُوپن ڀريو ڪڌرمي روپ. انهي جو سبب اهو آهي ته صوفيءَ فنا ۾ بقا پاتي آهي ۽ موت کان اڳ مري، موت کي مات ڏني آهي ۽ دنيا کي ڏينهن مڙئي ڏون سمجهيو آهي، جيڪو هن واٽ جو امر پيغام آهي؛ جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ ، اُڀي ڏٺاسون ڏينهن مڙئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو