Home / اسپيشل افيئر / انسان، تهذيب يافته ٿي سگهيو آهي؟
above article banner

انسان، تهذيب يافته ٿي سگهيو آهي؟

Noor Baladiتاريخ پڙهڻ سان اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته دنيا ڪيئن آهستي آهستي ترقي ڪئي آهي. شروع شروع ۾ هتي سادي قسم جا سخت جانور رهندا هئا. ان کانپوءِ وڌيڪ سخت ۽ پيچيده قسم جي حيوانن انهن جي جاءِ والاري اهڙي طرح سڀ کان بدتر حيوان انسان آيو. جيڪو پنهنجي ذهانت جي زور تي سڀني تي حاوي ٿي ويو. وحشتن کان تهذيب تائين انسان جي ترقي جي داستان کي تاريخ چيو وڃي ٿو.

شراڪتي عمل يعني پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عمل انسان ۾ ڪيئن پيدا ٿيو ۽ اهو عمل ڇو هجڻ گهرجي ته اجتماعي فائدي لاءِ سڀئي گڏجي ڪوششون ڪن. تاريخ جي مختلف دؤرن تي نظر وجهڻ سان معلوم اهو ٿئي ٿو ته ڪا وڌيڪ مثبت ترقي ناهي ٿي ۽ اڃا تائين اسان مهذب ۽ ترقي يافته ناهيون بڻجي سگهيا. اڄ به شراڪتي عمل جي وڌيڪ ضرورت آهي. هڪ ملڪ يا ان جا رهواسي پنهنجي مقصد لاءِ ٻين تي حملا ۽ ظلم ڪندا آهن، هڪ فرد ٻئي فرد کي کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪڏهن انسان لکين ورهين جي ترقي جي سفر جي باوجود اڄ به ايترو بيڪار، خراب ۽ غير مهذب آهي ته خبر ناهي ڪيترا ٻيا وڌيڪ زمانا گهرجن جو انسان جو عمل اهڙو ٿي وڃي جهڙو مهذب ۽ سمجهدار مخلوق جو هجڻ گهرجي. تاريخ ۾ اهڙا دؤر به اسان کي نظر اينداجيڪي اسان جي اڄوڪي دؤر کان بهتر هئا. يعنيٰ انسان وڌيڪ مهذب ۽ متحد هئا. اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته ڪافي ملڪن جو ماضي شاندار گذريو آهي. مثال طور مصر، چين، هندستان ۽ يونان وغيره ۽ انهن مان گهڻا ٺهي وري بگڙجي ويا. اڄ به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي عظيم تهذيب ۽ سائنس جي حيرت انگيز ڪارنامن تي فخر ڪن ٿا ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سائنس حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن ۽ سائنس جا وڏا ماهر عزت ۽ احترام جي قابل آهن. پر اسان کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته ڪافي شين ۾ انسان ٻين جانورن کان ڪجهه وڌيڪ ترقي ناهي ڪئي. ٿي سگهي ٿو ته اڻ ڄاڻ ماڻهو ان ڳالهه تي کلن.

juli  31-44 b

ننڍن ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جو به نظم و ضبط آهي اسان انهن ڪيڙن ۽ مڪوڙن کي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ خراب سمجهندا آهيون پوءِ به ان ننڍي ۽ ذليل مخلوق کي شراڪتي عمل جو فن/ ڏانءُ عام فائدي لاءِ ذاتي قرباني ڏيڻ جو اصول انسان کان وڌيڪ بهتر ايندو آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ شراڪتي عمل ڪرڻ ۽ سماج جي ترقي ۽ فائدي لاءِ قرباني ڏيڻ تهذيب جو ڪو معيار آهي ته اسان چئي سگهون ٿا ته مڪوڙا ۽ ڪيوليون ان لحاظ کان انسان کان وڌيڪ مُهذب آهن. خاندان جي مفاد لاءِ فرد کي قربان ڪرڻ گهرجي، قوم جي مفاد لاءِ خاندان کي، ملڪ جي مفاد لاءِ قوم کي قربان ڪرڻ گهرجي ۽ روح خاطر سڄي دنيا کي قربان ڪرڻ گهرجي. روح ڇا آهي ان جو علم شايد تمام گهٽ ماڻهن کي هجي پر هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي خيال مطابق الڳ الڳ رايا ٿي سگهن ٿا. اهو هڪ الڳ ۽ وڏو بحث آهي.

اهو ڏسي ڪيتري نه خوشي ٿيندي آهي ته سڀ مرد ۽ عورتون نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي سماج جي مفاد لاءِ خوشي خوشي اڳيان وڌندا رهن ۽ ٿوري گهڻي تڪليف ۽ مصيبت کان به نه گهٻرائين ته سماجي تبديلي ۽ ترقي ناممڪن ناهي ۽ ان تي اهو فخر محسوس ٿيڻ گهرجي ته اهي هڪ اعليٰ مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهي ته وڌيڪ خوش قسمت آهن جن کي سماج ۽ قوم لاءِ قرباني ڏيڻ جي خوشي نصيب ٿي آهي. اسان پنهنجي سماج کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هي هڪ وڏو ڪم آهي. پر ان کان به وڌيڪ ته “انسانيت” جي مفاد جو سوال آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي اها اڄوڪي جنگ ان عام عظيم الشان جنگ جو هڪ جزو آهي.جيڪا انسان جي مصيبتن ۽ تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ آهي. ان لاءِ اسان خوش ٿي سگهنداسن ته قوم جي ڀلائي لاءِ جيڪو ڪجهه اسان کان ٿي سگهيو اهو اسان ڪري رهيا آهيون.

nmbaladi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو