Home / ويندي ويندي / اها خبر ڇو اسان کي ڏاڍي دير سان پئي؟
above article banner

اها خبر ڇو اسان کي ڏاڍي دير سان پئي؟

ملا عمر لاءِ خبر آئي ته هو هاڻ هن جهان ۾ ناهي رهيو. مٿان خبر آئي ته هڪ ٻيو ملو، جلال الدين حقاني به جهان ڇڏي ويو. جلال الدين جو حقاني نيٽ ورڪ طالبان جي سڀ کان خطرناڪ نيٽ ورڪ سڏيو وڃي ٿو. سندس موت جي حالات بابت ڪا وڏي ڄاڻ ناهي.

پر ملا عمر بابت خبرن مان پتو پيو ته ڪراچي جي هڪ وڏي اسپتال، شايد آغا خان اسپتال ۾ ٻه سال اڳ گذاري ويو. ظاهر آ ته مرڻ کان اڳ آغا خان اسپتال جي نامحرم نرسن جي هٿان جوس پيتا هوندائين. اسپتال جي ٽي وي تي هلندڙ ٽاڪ شوز ۾ عمران خان جهڙي ڪلين شيوَ ترجمان جا بيان ٻڌا هوندائين. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪنهن نرس جي هٿان دوائن جو آخري ڊوز وٺي اکيون ٻوٽي ڇڏيون هوندائين. خبر ناهي ته سندس ساه ڪنهن وهاڻي تي مٿو ٽيڪي نڪتو يا گوڏي تي. پر اها خبر اسان کي ڏاڍي دير سان پئي ته دشمن قوت طالبان جو ليڊر اسان جو مهمان رهيو. حالانڪه هڪ پاسي اسان چوندا وتون ته اسان وارا جاچوسي جا ادارا دنيا جي نمبر ون ايجنسي آهن ٻئي پاسي اسان جنهن شخص کي پڪڙي هٿ ڪرڻ لاءِ سالن جا سال آمريڪا کان ڊالر وٺي شاپنگ ڪندا رهياسين سو پاڪستان جي دل سڏجندڙ شهر جي هڪ وڏي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ اتي گذاري ويو پر اسان کي خبر به نه پئجي سگهي ته ڪو ڪاڻو مريض ملا عمر هيو يا ٻيو ڪو. ملا عمر جا پوئلڳ سندس ڪاڻي هجڻ کي مجاهدانه نشاني سڏين ٿا. چون ٿا ته روس خلاف ڊالر يافته جهادي جي ڏهاڙن ۾ کيس اهڙو گهاءُ مليو جو همراه اک وڃائي ويٺو. ڪاڻو ٿي پيو. سو. هڪ مُلو، ٻيو ڪاڻو، سو ان کي سڃاڻڻ ۾ ڪهڙي عربي فارسي هئي جيڪا اسان جي دنيا جي نمبر ون ايجنسي کي نه ٿي آئي؟

juli  31-58 b

ڪي سال اڳ ايبٽ آباد ٻاهران جڏهن ملا عمر جي محبوب هستي، اسامه بن لادن کي ڪافرن اچي دسيو هو تڏهن به اهي سوال اٿيا هيا ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جنهن شخص کي پڪڙي ڏيڻ جي پڪ پڪاڻي سبب اسان جو ملڪ دهشتگردي خلاف ويڙه ۾ فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻيو آهي سو، جيئن چئبو آ ته سندس نڪ هيٺان موجود رهيو پر اسان کي خبر نه پئي؟ سو سوال ڪيو ويو ته يا اسان نااهل آهيون يا اسان چورن سان مليل آهيون؟ ڪهڙو جواب ڏجي؟ نااهل يا چورن سان مليل؟

ملا عمر جي موت جي اعلان ٿيڻ وارن ڏهاڙن ۾ افغانستان ۽ طالبان وچ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي سان ڪوه مري ۾ ڳالهيون هلي ، پوريون ٿيون هيون. ائين پئي لڳو ته افغانستان جي گهرو ويڙه ۾ ڪا ساهي ايندي. پر ملا عمر جي جاءِنشين ملا منصور جي گادي سنڀاليندي ئي رڻ ٻري ويو آ. 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات ڪابل ۾ ٽي وڏا حملا ٿيا جن ۾ وڏوجاني نقصان ٿيو. هيڏانهن داعش افغانستان ۾ ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي. معنيٰ طالبان کان به ٻه هٿ اڳتي. ان صورتحال ۾ افغانستان جو ڇا ٿيندو؟ ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي. طالبان گروه داعش جي دٻاءُ سبب وڌيڪ سخت حملا ڪندا. سخت پاليسيون لاهيندا. هيڏانهن عراق جيان افغانستان کي به پنهنجي ڪمزور حال تي ڇڏي آمريڪا چلتو ٿي چڪو آهي. جنت ماڻڻ جي آسري ۾ خدا جي زمين کي دوزخ بڻائڻ تي بضد جهادي ڪابل ۾ جنڊو کوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ڪوئيٽا به گهڻو پري ڪونهي. ٻئي لاءِ کڏو کوٽيندڙ پاڻ ان ۾ ڪڏهن ٿا ڪرن سو لقاءَ اسان جي نسل نه ڏٺو ته ايندڙ نسل ضرور ڏسندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو