Home / پروفائيل / اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص !
above article banner

اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص !

Majid Samoڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو مختلف حوالن سان سڃاتا ويندا آهن، سندن ڪردار، فن، فڪر انهن جي اهڙي ته سڃاڻپ بڻجي وڃي ٿو جو ان جو نالو وٺڻ بنا ان جو تصور اکين آڏو اچي ويندو آهي، مون کي ان وقت اڪبر جسڪاڻي ياد اچي ويندو آهي جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ماهوار نڪرندڙ رسالي “گل ڦل” جو ذڪر ٿيندو آهي، ڪنهن محفل ۾ جڏهن جوهيءَ جو ذڪر ڪندا آهيون تڏهن به منهنجي تصور ۾ ان اڪبر جي تصوير ئي ڦرندي آهي جنهن کي سنڌ“ بتين واري نانيءَ” جي عنوان سان ناول جي تخليقار طور سڃاڻي ٿي، مون کي ته ان وقت به اڪبر جسڪاڻي ياد ايندو آهي جڏهن ڪنهن محفل يا تقريب ۾ ٻارن جي ادب جو ذڪر ٿئي ٿو، ان جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته هو هڪ اڪيڊمي هو ٻارن جي ادب جي، هو سنڌي ادب جي پيڙهه هو، گل ڦل هن جي سڃاڻپ هو ۽ هو گل ڦل جي سڃاڻپ هو. هن جي ادارت ۾ جڏهن گل ڦل نڪرندو هو تڏهن هن جو سنڌ جي هزارين ٻارڙن سان واسطو هوندو هو. ان گل ڦل سنڌي ادب جي پيڙهه وڌي، ان گل ڦل اديب پيدا ڪيا، ان گل ڦل ٻولي لاءِ ڪم ڪيو، اهو گل ڦل جنهن ۾ ٻارڙا جڏهن پنهنجيون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون موڪليندا هئا ته انهن جي ايڊيٽنگ ڪري اڪبر جسڪاڻي وڏي خوبصورتي سان شايع ڪندو هو، جنهن کان پوءِ انهن ٻارن جي حوصلا افزائي ٿيندي هئي، اڄ جيڪڏهن اوهان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کان پڇندئو ته انهن جي شروعات اهو گل ڦل ئي هو جنهن جي پٺيان اڪبر جسڪاڻي جو ڪردار هو.

اڪبر جسڪاڻي دادو ضلعي جي شهر جوهيءَ ۾ 1958ع ڌاري ڄام خان جسڪاڻي جي گهر ۾ اک کولي هئي، هن جو والد ننڍ پڻ ۾ ئي سعودي عرب ۾ گذاري ويو جنهن سبب کيس نانيءَ ۽ ناني پاليو هو. زندگيءَ جو اڙانگو سفر طئي ڪندڙ اڪبر 1975ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ کان سياست جي شروعات ڪئي، هن پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ هاري ڪميٽيءَ لاءِ به ڪم ڪيو، هڪ ٻي ڳالهه ته ڀل اڪبر پنهنجي حياتي ۾ ٻيا ڪيترا به سماجي ڪم ڪار ڪيا هجن پر جهڙيءَ ريت هن جي گل ڦل سڃاڻپ بڻيو تهڙي ريت سندس ٻي ڪا سڃاڻپ نه بڻي ۽ اها ئي ڳالهه هن لاءِ فخر جوڳي هوندي هئي، اڪبر جي هڪ ٻي سڃاڻپ به هئي، جيڪو هن پنهنجي نانيءَ تي ناول لکيو هو، “ بتين واري ناني” ٻارن لاءِ لکيل هن جو هڪ ٻيو ناول “رمون پيٽي” به ٻارن توڙي نوجوانن ۾ وڏو مقبول ويو.

juli  31-52 b

اڪبر جسڪاڻي کان پوءِ بس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ٻارن جو ادب ئي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، اهو اڪبر جنهن کي اڄ ڪير به ياد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇا ڪاڻ ته هن پوري حياتي ٻارن کي ارپي. سنڌي سماج ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ادب سرجيو ويو ان کان پوءِ جيڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ڪم ٿيو ته ان جو وڏو حصو اڪبر جسڪاڻي ڏانهن وڃي ٿو، جيڪڏهن اڪبر جسڪاڻي جهڙو شخص ڪنهن سڌريل يا ترقي يافته ملڪ جو شهري هجي ها ۽ اتي ان جو ٻارن لاءِ ايترو ڪم ٿيل هجي ها ته شايد ان جي نالي سان لائبريريون ۽ ادبي ادارا منسوب هجن ها. چون ٿا ته اڪبر جو جيترو پنهنجي نانيءَ سان پيار هو اوتري ئي هن جي گُل ڦُل رسالي سان محبت هئي، پر جڏهن هڪ ڏينهن هو بيمار ٿيڻ سبب چارج عارضي طور ڇڏي وڃڻ کان پوءِ جوهي هليو ويو ۽ وري واپس آيو ته کيس رسالي جي چارج نه ڏني وئي ۽ اڪبر دل شڪسته ٿي پيو. ان اڪبر کان پوءِ اهو گل ڦل به اڄ اداس آهي جنهن کي گلن جيان اڪبر ئي سينگاري سگهندو هو، اهو گل ڦل جنهن سان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن توڙي ليکڪن جون يادون سلهاڙيل آهن ۽ اهي ماڻهو ان گل ڦل جي ئي تعريف ڪندا آهن جيڪو گل ڦل اڪبر جسڪاڻي آڻيندو هو، گل ڦل به اهو ئي آهي، ادبي بورڊ به اهو ئي آهي ناهي ته اڄ ان عمارت ۾ اهو اڪبر ناهي جنهن کي اڄ سنڌ وساري ويٺي آهي.

اڪبر جسڪاڻي جي موت بابت ٻه ڳالهيون سامهون آهن پر هن وقت تائين اهي ٻئي ڳالهيون ثابت نه ٿي سگهيون آهن ته اڪبر جو موت ڪيئن ۽ ڇو ٿيو؟ ڪي ماڻهو چون ٿا ته اڪبر جو قتل ٿيو هو، ته وري ڪي اهو به تاثر ڏين ٿا ته اڪبر آپگهات ڪيو هو، جيڪڏهن اڪبر جو قتل ٿيو هو ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ جيڪڏهن هن آپگهات ڪيو هو ته ان جو سبب ڇا هو…؟ ان مخلص ۽ سنڌ جي ٻارن جي ادب لاءِ جاکوڙيندڙ هن شخص جو سڙيل لاش 13 آگسٽ 1999ع ڌاري حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان مليو هو، سندس موت اڄ تائين راز بڻيل آهي، ان جي بهرحال جاچ ٿيڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو