Home / سنڌ افيئر / بدين کي وري ڪنهن ٻوڙايو؟
above article banner

بدين کي وري ڪنهن ٻوڙايو؟

Allah Bachayoبدين ضلعو جيڪو سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن ۾ ڏاکڻي سنڌ جو آخري پوڇڙي وارو ضلعو هئڻ ڪري گذريل ڊگهي عرصي کان قدرتي گهٽ هٿرادو وڌيڪ آفتن جهڙوڪ ٻوڏن ۽ سوڪهڙي جهڙين ٻٽين آفتن جو شڪار بڻجي تباهه ٿي هن وقت سڄي ملڪ جو انتهائي غريب ترين ڏتڙيل ضلعو بڻجي ويو آهي. تيل ۽ گئس جي قدرتي وسيلن سان مالا مال هن امير ترين ضلعي کي تباهه ڪري غريب بڻائڻ ۾ مک ڪردار هتانجي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سنڌ حڪومت جو آهي، جيڪي ضلعي کي وڌيڪ تباهي کان بچائي ترقي ڏيارڻ بجاءِ ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن. بدين ضلعو جيڪو 2003ع ۽ 2011ع جي هٿرادو ٻوڏن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو هو اهو گذريل چئن سالن کان وري خوفناڪ سوڪهڙي جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي. هر سال آبڪلاڻي جي مند ۾ جون کان آگسٽ مهيني تائين جڏهن سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ هوندي آهي پر بدين سميت سڄي لاڙ ۾ پاڻي لاءِ پڪارون هونديون آهن. ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج جي واهن جي پڇڙي ۾ واري پئي اڏامندي آهي. هزارين مسڪين ننڍا آبادگار ۽ هاري جن جا خريف جي مند جا هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪروڙين روپين جي ماليت جا زرعي فصل جيڪي درياهه ۽ واهن ۾ گهڻو پاڻي هجڻ جي باوجود سندن اکين اڳيان سوڪهڙي ۾ سڙي تباهه ٿيڻ لڳندا آهن.

چونڊيل عوامي نمائندا ۽ بااثر ڀوتار وري سنڌ جي انتهائي ڪرپٽ آبپاشي کاتي ۽ سيڊا ۾ پنهنجا من پسند اهڙا بااختيار بدنام ۽ راشي ڪامورا مقرر ڪرائيندا آهن جيڪي هڪ ته ٻين جو پاڻي بند ڪري واهن جي ڪڙين جا مانڊول ۽ موڳا ٽوڙائي سندن زمينن تائين پاڻي پهچائڻ ۽ ٻيو ڪم اهو ڪن ته واهن ۽ سم نالن جي کاٽين جي نالي ۾ جاري ٿيندڙ ڪروڙين رپين ۾ ڪرپشن ڪري ان جو وڏو حصو کين پهچائين. ڪوڙا هٿرادو ٺيڪيدار ۽ ڪوڙا رڪارڊ ٺاهي فقط خانه پوري ڪندا رهن، باقي خدا جي خلق ڀلي پاڻي لاءِ رڙيون ڪري يا سم نالن جي ٻوڏن ۾ ٻڏي مري، ان سان سندن ڪو به واسطو ناهي. اهو ئي سبب آهي ته خاص صاحبن جي آبپاشي ۽ سيڊا جي انهن عوام دشمن ڪامورن جو ڀيانڪ ٻوڏن ۽ سوڪهڙي جي آفتن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو به وار ونگو نه ٿيو آهي.

juli  31-24 b

هن سال 2015ع ۾ جولاءِ جي آخري هفتي تائين آبپاشي نصير ڪئنال ڊويزن جي پڇڙي واري سب ڊويزن خيرپور گنبو ۽ اڪرم واهه ڊويزن جي ٻن سب ڊويزنن، ڪڍڻ ۽ قاضيا بدين جي واهن گنج بحر، مور شاخ، نور واهه، ڪامارو شاخ جي پڇڙي جا آبادگار پاڻي لاءِ ملڪاڻي شريف، پنگريو، ٽنڊوباگو ۽ بدين شهرن ۾ بک هڙتالون ڪري رهيا هئا. تڏهن سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر بئراجن تي وچولي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ننڍي ٻوڏ اچي چڪي هئي پر سندن واهن جون پڇڙيون سڪل هيون. گنج بحر، مور شاخ اهي واهه آهن جيڪي ڊزاسٽر ريڊ زون قرار ڏنل بدين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي جنهن کي مقامي متاثر قديم لوڪ موت جي وادي سڏين ٿا. يوسي ڀڳڙا ميمڻ، يوسي ٻهڊمي، يوسي شهيد دودو سومرو واري ان علائقي کي سيراب ڪن ٿا. جتان ايل بي او ڊي جو خوني سم نالو ڪي پي او ڊي گذري ٿو، جيڪو سم نالو سڄي بدين جي ڏاکڻي علائقي لاءِ هر وقت موت جي علامت بڻيل آهي. انهن واهن جي پڇڙي جي آبادگارن منٺار ڀٽي، مجيد لُنڊ، بابو منڌرو، عبدالهادي ملاح جي اڳواڻي ۾ واهن ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ايوان صحافت بدين اڳيان جيڪا بک هڙتال شروع ڪئي هئي اهي عيدالفطر واري ڀلاري ڏينهن تي پڻ پنهنجي ٻچن سان گڏ وڃي عيد ملهائڻ بجاءِ بک هڙتال تي ويٺا رهيا پر بدين جو ڪو به چونڊيل عوامي نمائندو ۽ آبپاشي جو اهلڪار بک هڙتال جي ڪئمپ تائين نه پهتو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد اسماعيل راهو ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ ڪئمپ ۾ پهچي بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي.

تباهي هيٺ آيل سامونڊي پٽي جا اهي مسڪين ننڍا آبادگار پاڻي لاءِ پڪارون ڪندي اڃا بک هڙتال تي ويٺا هئا ته 27 جولاءِ اڱاري جي رات جو اٽڪل 8 وڳي کان جيڪا تيز طوفاني برسات شروع ٿي اها بند ٿيڻ جو نالو ئي نه پيئي وٺي. معمولي وقفي سان جاري رهندڙ ان وچولي برسات ۾ اوچتو صبح جو اٽڪل 6 وڳي ڌاري تمام گهڻي شدت اچي ويئي. وقفي وقفي سان اٽڪل 15 ڪلاڪن جي ان تيز طوفاني وسڪاري سڄي بدين ضلعي ۾ تباهي مچائي هڪ دفعو ٻيهر ان کي اجاڙي ڇڏيو آهي. هن کان اڳ ڪيترائي ڀيرا ٻوڏن ۽ وچولي برسات ۾ ٻڏي تباهه ٿي هڪ ويران کنڊر جو ڏيک ڏيندڙ اسان وارو انوکو قديم شهر ڪڍڻ پڻ هن دفعي مڪمل طور ٻڏي وڃي ها پر وري به شهر جي نيڪال جي قديم قدرتي کاڻ بچاءُ ڪري ويئي، جنهن کاڻ ۾ به شهر جي قبضا گير مافيا قبضا ڪري پنهنجا گهر ۽ سرن وارا رستا ٺهرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته شهر مان پاڻي جي نيڪال وارو ميگا پراجيڪٽ ڪرپشن جي ور چڙهي ناڪام ٿي ويو، من پسند ٺيڪيدارن ۽ بااثرن ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري اڻ مڪمل ڊرينيج جي ان رٿا کي ناڪام بڻائي هزارين شهرين کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اهڙو ظلم فقط ڪڍڻ شهر سان نه ٿيو آهي. هن برسات ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارو شهر بدين اٽڪل 80 سيڪڙو ٻڏي ويو، هي سٽون لکڻ وقت 8 ڏينهن تائين ٻڏي ويل بدين شهر جو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو هو، جنهن جي نڪاسي لاءِ اٽڪل 25 ڪروڙ، لنواري شريف اٽڪل 6 ڪروڙ، نندو شهر اٽڪل 7 ڪروڙ جي ڊرينيج جي ميگا پراجيڪٽن کان سواءِ تلهار، ڪڙيو گهنور، راڄو خاناڻي، کور واهه ۽ ترائي وغيره جا ننڍا وڏا شهر جيڪي اٽڪل سڀئي ٻڏي ويا آهن. انهن لاءِ پڻ ڪروڙين رپين جي لاڳت واريون ڊرينيج جون رٿائون جوڙيون ويون جن جا ٺيڪا پڻ بااثرن پنهنجي ڪن خاص ماڻهن کي ڏيئي اڻ مڪمل ۽ ناقص رٿائون جوڙي ڪرپشن ڪرائي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري بدين ضلعي جا سڀئي شهر پهرين سانوڻي برسات ۾ ٻوڙائي ڇڏيا آهن پر ڪو به داد فرياد ڪونهي.

هوڏانهن 15 ڪلاڪن جي اها برسات جيڪا بدين شهر ۾ 78 ملي ميٽر ۽ تعلقي گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊوباگو جي تعلقن ۾ 210 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ان برسات جو پاڻي آبپاشي کاتي جي سم نالن ۾ نيڪال ٿيڻ جي بجاءِ انهن کي سم نالن هنڌان هنڌان گهارا هڻي اٽڪل سڄي ضلعي کي وڌيڪ ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽي تعلقا گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊوباگو وڌيڪ سخت متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ هڪ سروي موجب ڪروڙين رپين جي ماليت جا زرعي فصل 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڦٽيون، مرچ، ٽماٽا ۽ سايون ڀاڄيون 100 سيڪڙو ناس ٿي ويون آهن. جڏهن ته ساريالي جو مک فصل جيڪو 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويو آهي پر 10 سيڪڙو بچيل فصل مان به تڪڙو پاڻي نيڪال نه ٿيو ته اهو پڻ سَوَ سيڪڙو تباهه ٿي ويندو. ضلعي جي ٻنهي ڳوٺن ۽ شهرن مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ذريعو آبپاشي جون مين ۽ برانچ سم ناليون آهن جن مان گهڻن جو ڇوڙ ايل بي او ڊي جي ٻن سم نالن ڪي پي او ڊي ۽ اسپائينل ڊرين ۾ ٿئي ٿو. اهي ٻئي سم نالا وري 1998ع ۾ واش آئوٽ ٿيل سمنڊ سان ڳنڍيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڊي پي ڊي ۾ ڇوڙ ٿين ٿا. طوفاني برسات ۽ ان بعد لاڳيتو تيز سامونڊي هوائون لڳڻ ڪري تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين اڃا تائين ابتي وهي رهي آهي، جنهن ڪري ڪي پي او ڊي ۾ خطرناڪ چاڙهه اچڻ ڪري برانچ سم ناليون پڻ ابتيون وهڻ لڳيون، جنهن ڪري انهن ۾ هنڌان هنڌان گهارا پئجي ويا، جڏهن ته شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ڊي پي او ڊي ۾ پڻ چاڙهه اچڻ ڪري ان کي آر ڊي 117 وٽان وڏو گهارو پئجي ويو، جنهن گهاري پڻ ڪيترائي فصل ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. تعلقي گولاڙچي مان چونڊيل پ پ جو ايم پي اي محمد نواز چانڊيو جيڪو سيڊا جو وائيس چيئرمين پڻ آهي ان ميڊيا کي ٻڌايو ته بدين کي سم نالن ٻوڙيو آهي، جن سم نالن ۽ واهن جي کاٽي واري ڪم ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري بدين کي ٻوڙايو ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو