Home / بلوچستان / بلوچستان؛ بغاوت، معافي ۽ وري آپريشن!
above article banner

بلوچستان؛ بغاوت، معافي ۽ وري آپريشن!

عابد مير

ڪجهه رويا روايت بڻجي وڃن ٿا، ان ڪري اهڙن روين جو انجام مذڪوره روايت جي پسمنظر ۾ ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. جيئن شيخ چلي جو رويو روايت بڻجي ويو آهي. اهو رويو اڄ به ڪٿي نظر اچي وڃي ته ان جو نتيجو اسان ان جي روايت موجب ڪڍون ٿا. اهڙي ريت ملان نصير الدين جو رويو، پنهنجي طرز جي هڪ روايت آهي. بيربل جي روايت به اڄڪلهه جي درٻار ۾ ڪٿي نه ڪٿي نظر اچي ٿي. ايئن بلوچستان جي معاملي ۾ به معافي ۽ مار جو اهو رويو روايت جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. اچو ته ان روايت کي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسون.

1948ع ۾ بلوچستان جي نئين ٺهيل ملڪ سان الحاق کي ڪجهه حلقن قبول نه ڪيو ۽ بغاوت ڪئي. ان بغاوت جو سرواڻ، الحاق تي صحيح ڪندڙ خان آف قلات جو سڳو ڀاءُ پرنس آغا عبدالڪريم بڻيو. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جبلن ڏي منهن ڪيو. نئون ملڪ سهي پر هڪ رياست جي مقابلي ۾ ڪجهه ماڻهن جي بغاوت ڪٿي پئي بيهي سگهي. سو به اهڙي صورتحال ۾ جڏهن بغاوت ڪندڙن سان گهر جا ڀاتي به گڏ نه هجن. بلڪه توهان خلاف سازش ۾ رڌل هجن. ان ڪري بهتري بغاوت ترڪ ڪرڻ ۾ هئي پر بلوچن وٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڪا روايت ناهي رهي. ان ڪري رياست عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرنس پنهنجي ساٿين سان گڏ جابلو پناهگاهن مان نڪري زمين تي آيو پر ايندي ئي کيس گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو.

بلوچستان لاءِ اهو رويو قبوليت جوڳو نه هو. جتي ماڻهن جي زندگي جا معمول فقط “زبان” جي سهاري هلنداهجن. اتي زبان سان ڪيل واعدو ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. جنهن روايت ۾ رڳو پنهنجو واعدو نڀائڻ لاءِ پنهنجي ٻار جو ڪنڌ ڪپيو وڃي ۽ هڪ عاشق پنهنجي محبوبه کي بخشي ڇڏي، اتي نه ته ڪنهن قسم نامي جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه وري واعدي ٽوڙڻ جي ڪا گنجائش پر ٻئي پاسي “عهد نامي” جي ڪا روايت ئي ناهي. هتي ته رڳو مفاد آهن. اهي به هاڻوڪن حڪمرانن، شهنشاهن جا مفاد، واعده خلافي کي بلوچ، ايمان ٽوڙڻ کان به وڏو گناهه سمجهي ٿو. ان ڪري واعدو ٽٽو ڄڻ سندس اعتبار ٽٽو ۽ ٽٽل اعتبار کي ڀلي ٽاڪيندا رهو پر ان کي ٽاڪو ناهي لڳندو. بلوچستان ۽ رياست وچ ۾ لاڳاپيل گذريل سٺ ورهين کان ان بي اعتباري جو شڪار آهن، جنهن کي هر ايندڙ حڪمران سگهارو ڪرڻ بدران وڌيڪ ڪمزور ڪيو.

july (a) 36

ڪجهه سال پوءِ پنهنجي خان ۽ پرنس جي توهين کان دلبر داشته ٿي اسان جي هڪٻئي بزرگ پنهنجي ڪجهه ساٿين سميت پهاڙن جو رخ ڪيو، تڏهن جي هڪ آمر جي لانگ بوٽن هيٺ هو. آمر جنهن جي سڃاڻپ واعدا ٽوڙڻ آهي، جيڪو ملڪ جي سرحدن جي حفاظت جو واعدو ڪري ايندو آهي ۽ واعدو ٽوڙيندي ملڪ جو سياسي ۽ انتظامي نظام پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺندو آهي. ان تي ته ڪو انڌو به اعتبار نه ڪري ليڪن اسان جا بزرگ هڪ ڀيرو وري واعدي جي چڪر ۾ اچي ويا. سمورن انتظامي ۽ بندوق بازي جي حربن جي ناڪامي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عام معافي جو ڄار وڇايو ويو ۽ بلوچ نالي پکي “واعدي” جو داڻو چڳڻ لاءِ هر وقت تيار. اهي باز، پهاڙن تان هيٺ لهي آيا. هيٺ لهندي ئي گرفتار ڪيا ويا ۽ پوءِ سڀ هڪ هڪ ڪري ڦاهي تي لٽڪايا ويا. سندن قيادت ڪندڙ بزرگ پنهنجي پيرسني سبب پير گهليندي، واعدي خلافي جا زخم سهندي هي جهان ڇڏي ويو. پوءِ سياست به آزمائي وئي. اسان جا نالي چڙهيا سردار سياسي به ٿيا. اهي جن جا ڪنڌ قبائلي انا جي ڪري هميشه آڪڙيل رهندا هئا، تن کي اسان جي هڪ سياسي قائد “ووٽ” لاءِ ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪيو. انهي کي ڪيڙا، مڪوڙا سمجهندڙ عوام اڳيان آڻي بيهاري ڇڏيو. بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو سياسي ۽ عوامي حڪومت قائم ٿي. پر اهو تجربو به ناڪام ٿيو ۽ ستم اهو ته “قائد عوام” طرفان ان حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ايئن بلوچستان جي عوامي ليڊرن کي جيلن ۾ وڌو ويو. هاڻي وري سندن لاءِ عام معافي جو اعلان هڪ آمر طرفان ٿيو. عام معافي- يعني مارا ماري، هاڻي اها مارا ماري ڪنهن بغاوت بدران قبائليت جي بنياد تي ٿي. بلوچستان کي قبائلي رتوڇاڻ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو جو ايندڙ ٻن ڏهاڪن تائين بغاوت ۽ انقلاب بلوچستان ۽ بلوچن لاءِ اجنبي ٿي ويا.

پوءِ اهو ٿيو ته باغي انقلابي اڳواڻ رهيا نه وري ڪارڪن. بس ڪجهه مٿي ڦريل سردار باقي وڃي بچيا. سندن گمراهه ڪندڙ سياست به پنهنجي طبعي پڄاڻي ڏانهن وڌي رهي هئي ته ملڪ وري هڪ ٻئي آمر حوالي ٿيو. هن اچڻ شرط ماضي جي هڪ باغي سردار کي جيل ياترا ڪرائڻ ضروري سمجهيو. اهو عمل ڪنهن ستل شينهن کي جاڳائڻ مثل هو. پوءِ اٺن سالن تائين اها آمريت بلوچستان کي ڏنگيندي رهي. هن شخص “معافي ۽ مار” واري روش کي وري زندهه ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ته اهو طئي ٿي ويو ته جڏهن به حڪمرانن عام معافي جو اعلان ڪيو عوام پنهنجو سامان سهيڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. وڏن شهرن ۾ ايئن سمجهيو ويو ته هاڻي ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو. ان دور ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري ڊرامي جي به زبردست نمائش ٿي. اهو سلسلو ايترو ته هلي پيو جو هڪ ڀيري سبي جي سرڪٽ هائوس ۾ “لاپتا ماڻهن” کان به هٿيار ڦٽا ڪرايا ويا. ان تي هڪ ڀيري مرحوم نواب اڪبر بگٽي ٽوڪ طور چيو هو ته جيتري انگ ۾ مزاحمتڪارن کان هٿيار ڦٽا ڪرايا ويا آهن ايتري ته بلوچستان جي آبادي ئي ناهي.

july (a) 37

پوءِ وري پ پ جي مشهور شريڪ چيئرمين جڏهن ڪوئيٽا اچي معافي ڏيڻ بدران بلوچن کان معافي گهري ته سياسي ڪارڪنن جي ڇچريل لاشن جي اهڙو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جو انجام توتڪ سانحي جي شڪل ۾ سامهو آيو. ان سموري روايت کي ڏسندي حڪمرانن طرفان بلوچستان سان همدردي ڪرڻ وقت هڪ هندستاني فلم جو ڊائلاگ ياد اچي ٿو: “تھپڑسے نہیں پیار سے ڈر لگتا ہے صاحب!َ

سو ان روايت جي تسلسل ۾ هن ڀيري عام عافي ۽ آپريشن جو سلسلو گڏو گڏ شروع ڪيو ويو آهي. عام معافي وارو پراڻو شراب پنجن کان پندرهن لک جي نون پئڪيجز جي بوتلن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. جنهن لاءِ ستر جي ڏهاڪي جي بلوچ تحريڪ جي هڪ ڪارڪن ۽ هاڻوڪي تجزئي نگار مير محمد علي ٽالپر جو چوڻ آهي ته “ محبت خريد نٿي ڪري سگهجي حب الوطني معاشي پئڪيجز جي محتاج ناهي هوندي- محبت جو ملهه فقط محبت آهي. مار ڪڏهن به محبت جو مٽ نٿي ٿي سگهي. اهي جن جا ڪٽنب اڄ بغاوت جي نالي تي ماريا پيا وڃن. سڀاڻي انهن جي دلين ۾ رياست لاءِ محبت ڪيئن جنم وٺندي؟ اهي جن جا ٻچا هن جنگ جو ٻارڻ بڻيا. اهي ان جنگ جي ڌٻڻ مان ڀلا ڇو نڪرندا؟”

رياست وٽ طاقت آهي، اها چاهي ته ان جو ڪنهن به حد تائين استعمال ڪري سگهي ٿي پر شهرين کي باعزت زندگي جو احساس ڏيارڻ لاءِ رياست وٽ ٻيا به ڪيترائي آپشن هوندا آهن. طاقت جو آپشن بلوچن جي معاملي ۾ آزمايل ناڪام نسخو آهي. ممڪن آهي ان جي وسيلي هاڻوڪي بغاوت تي ضابطو آڻي سگهجي پر اهو مرض جو عارضي حل هوندو، مستقل طور ڪو به باغي نه ته معافي سان ضابطي ۾ اچي ٿو نه مار سان… اها ته بس پيار جي ستايل مخلوق آهي. ان ڪري پهرين ساڻن پيار ۽ احترام سان پيش اچو پوءِ 1948ع کان “معافي ۽ مار” جي ان روايت کي ختم ڪريو ۽ آخري ڳالهه اها طئي ڪري وٺو ته اهو معاملو بنيادي طور سياسي آهي. ان جو ڪو به ويڙهه وسيلي حل ممڪن نه آهي، سواءِ سياسي حل جي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو