Home / سنڌ افيئر / تباهه ٿيل سنڌ ۽ وري ٻوڏ جو خطرو!
above article banner

تباهه ٿيل سنڌ ۽ وري ٻوڏ جو خطرو!

Allah Bachayoآبڪلاڻي جي مند اچي وئي آهي ۽ خوفناڪ موسمي ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري گذريل اٽڪل 15 سالن کان سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جون برساتون گهڻو ڪري آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ پونديون آهن. سنڌ ۾ آيل 2011 ۽ 2010 جون ڀيانڪ مهاٻوڏون انهن ئي ٻنهي مهينن ۾ آيون جن ٻنهي ٻوڏن سنڌ کي ايتري قدر ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو جو هڪ سروي موجب سنڌ معاشي طور تي اٽڪل 30 سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي. انهن ٻنهي مها ٻوڏن ۾ سنڌ جا اٽڪل ٻه ڪروڙ ماڻهو سخت متاثر ٿيا، لکين ماڻهو بي گهر ٿي سالن تائين سکڻين رليف ڪئمپن، رستن ، سمن نالن جي ڪئمپن، ٿر جي ڀٽن شهرن جي چوراهن تي دردر جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿيا. جن سنڌ جي ٻوڏمتاثرن جي آخر تائين ڪا به واهر ٿي نه سگهي.

رليف جو سمورو سامان، بدعنوان سرڪاري ڪامورا، چونڊيل عوامي نمائندا وزير ۽ مشير هڙپ ڪري ويا. 10 هزار روپين جي وطن ڪارڊ جي نالي ۾ لکين ماڻهن کي قطارن ۾ بيهاري قيامت خيز گرمي اذيتون ڏيئي ڪيترن ئي مهينن تائين اڃن بکن ۾ ماري ماندو ڪيو ويو. ٻوڏ متاثرن جي بحالڪاري جي نالي ۾ اربين روپين جي منصوبن جا اعلان ڪيا ويا پر حقيقي طور تي اهڙو ڪنهن به منصوبي تي عمل ٿي نه سگهيو. جڏهن ته مختلف منصوبن جا ڪوڙا رڪارڊ ٺاهي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

اهي ٻئي ٻوڏون قدرتي نه پر هٿرادو طور آندل ٻوڏون هيون جيڪي سنڌ جي سياسي حڪمرانن ۽ بدعنوان سرڪاري ڪامورن سنڌ تي ڪڙڪايون. جنهن ۾ 2010ع جي دريائي ٻوڏ ٽوڙي بند ۽ ڪوٽ عالمون وٽان ايس ايم بند کي ٽوڙائي سنڌو درياهه جي ساڄي طرف واري سنڌ کي ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين ٻوڙائي تباهه ڪيو ويو.

هٿرادو طور تي دريائي بچاءَ بندن کي ٽوڙائي اڌ سنڌ کي ٻوڙائڻ وارو اهو ڪيس اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. جڏهن ته 2010 جي ٻي مها ٻوڏ جيڪا ايل بي او ڊي جي ڪري آئي جنهن ۾ ايل بي او ڊي جي تباهه ٿيل چئني خوني سم نالن اسپائينل ڊرين، ڪي پي او ڊي، ڊي پي او ڊي ۽ ٽائيڊل لنڪل ڊرين، برساتي پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ جي بجاءِ گهارا هڻي اٿل ڪري ابتو وهي.

سنڌو جي کاٻي طرف وري سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي زرخيز زرعي بليٽ واري اڌ سنڌ کي نوابشاهه کان جاتي تائين اهڙي طرح ٻوڙي ڇڏيو جو اٽڪل 400 ڪلو ميٽرن جي ڊيگهه وارو اهو ڀاڱو مهينن تائين سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو هو. ٿر جو حصو بڻيل وارياسو ضلعو عمرڪوٽ جيڪو ويجهي ماضي ۾ ڪنهن به وڏي برساتي ٻوڏ ۾ هرگز نه ٻڏندو هو ان جو پڻ ڪنري ۽ ساماري تعلقن جو وڏو مرچن ۽ ڦٽين وارو ڀاڱو ٻڏي تباهه ٿي ويو.

july (a) 40

سانگهڙ، ميرپور خاص، عمرڪوٽ جي ڪپهه، مرچ، انبن ۽ ڪيلن جي باغن وارا ضلعا تاراج ٿي ويا. مرچ ۽ ڦٽين جا ڪروڙين رپين جي ماليت جا روڪڙي ناڻي وارا قيمتي زرعي فصل سئو سيڪڙو تباهه ٿي وڃڻ ڪري مرچن جي ايشيا جي ڪنري شهر واري سڀ کان وڏي منڊي ۾ ان سال چند سئو مڻ مرچ به نه پهتا ۽ ٽن سالن تائين ڪنري جي مرچن جي منڊي ويران رهي. ساڳي طرح سان ڪپهه جي پيدوار ۾ اول نمبر جي حيثيت حاصل ڪندڙ ضلعي سانگهڙ جي مارڪيٽنگ ۾ پڻ ڦٽيون نه پهچڻ ڪري ويراني رهي. جنهن سان هزارين مسڪين هارين ۽ آبادگارن سان گڏ مرچن ۽ ڦٽين جي سوين واپارين ۽ ڪارخانيدارن جو پڻ معاشي قتل ٿي ويو، جن جو قرض ٻڏي وڃڻ ڪري ڏيوالو نڪري ويو.

حڪومت ۽ واسطيدار ادارن هارين آبادگارن ۽ واپارين کي پهتل ايڏي وڏي معاشي نقصان جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ازالو نه ڪيو آهي. ان ٻوڏ جو سڄو نزلو وري به اچي ڏتڙيل ضلعي بدين تي ڪڙڪيو جنهن کي هر دور ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻائي هر لحاظ کان تباهه ڪيو ويو آهي، جيئن ته بري طرح سان ناڪام ۽ تباهه ٿيل پهرين بدين ۽ هاڻ اڌ سنڌ لاءِ ميگا ڊزاسٽر بڻجي ويل واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي منصوبي، ايل بي او ڊي جي مٿان چار ئي سم نالا بدين ضلعي مان گذرن ٿا، ان ڪري هن مهاٻوڏ جو سمورو پاڻي اچي بدين ضلعي ۾ گڏ ٿيو جيڪو ڍونڍ جهڙو برساتي پاڻي ڪيترن ئي سالن تائين ضلعي جي خاص طور تي ٽن تعلقن ٽنڊو باگو، بدين، تلهار ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي زرعي ايراضي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بيٺو رهيو جيڪو ٻوڏ ۾ برساتي پاڻي، سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي سرڪاري اهلڪارن ۽ صوبائي وزيرن جي ڪيل اعلانن ۽ دعوائن جي باوجود ڪن هنڌن تي هزارين ايڪڙن جي ايراضي تي اٽڪل ٽن سالن تائين نيڪال ٿي نه سگهيو، جنهن ڪري هزارين غريب هارين ۽ آبادگارن کي ٻٽو ۽ ٻيڻو نقصان پهتو.

جن جو ان ٻوڏ ۾ الهه تلهه تباهه ٿي ويو هو. زمينن مان ان ٻوڏ جو پاڻي ٻن کان ٽن سالن تائين نه نڪرڻ ڪري اهي زمينون غيرآباد رهيون جن ۾ اٽڪل مندن جا زرعي فصل پوکجي نه سگهيا جنهن ڪري بدين ضلعو وڌيڪ ڀيانڪ معاشي تباهي جي ور چڙهي ويو. غريب هارين ۽ آبادگارن کي ٻچا وات ۾ اچي ويا.

جن علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي سالن کان پوءِ سڪي ختم ٿي ويو ته حڪومت جي اهلڪارن ان ٻوڏ متاثرن علائقي جي واهن جو مٺو پاڻي لاڳيتو بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٻوڏ بعد اهي علائقا ڪربلا جو ڏيک ڏيڻ لڳا جنهن جو هڪ مثال نصير واهه ڊويزن جي پوڇڙي واري آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنبو جي اٽڪل ڏهن واهن جو آهي جن واهن جي پوڇڙي ۾ اڄ ڏينهن تائين به مٺو پاڻي پهچي نه سگهيو آهي، خيرپور گنبو ۽ ملڪاڻي شريف جا اهي سوين مسڪين آبادگار جن گذريل سال اسلام اباد جي ايوانن تائين وڃي پاڻي لاءِ احتجاجي ڌرڻا هنيا هئا. انهن جي واهن ۾ اڃا تائين پاڻي نه پهتو آهو ۽ اهي پاڻي وڏيرا چورائي رهيا آهن. جن جو ڪو به وار ونگو نٿو ٿئي.

2011ع جي خوني ٻوڏ ايل بي او ڊي جي سم نالن آڻي اڌ سنڌ کي غرق آب ڪيو هو. جنهن ۾ خود اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون پنهنجي اباڻي ضلعي نوابشاهه کي پڻ اسپائينل ڊرين جي گهارن ٻوڙي ڇڏيو هو جنهن ضلعي جو اهو ڀاڱو ويجيهي ماضي ۾ اهڙي بي دردي سان نه ٻڏو هو. ٻوڏ جو پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ، پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جا قديم قدرتي رستا بحال ڪرڻ، ٻوڏ جي پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪالي ۽ متبادل ڇوڙ کانسواءِ ايل بي او ڊي جي سم نالن آبپاشي جي واهن ۾ پيل گهارن کي بند ڪرڻ انهن جي کاتي جا منصوبا جوڙي هنگامي طور تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پهرين مرحلي ۾ چار ارب روپيا ۽ ان کانپوءِ مختلف مرحلن ۾ ان رقم کان به وڌيڪ اربين روپيا جاري ڪيا جيڪي ڏوڪڙ سيڊا آبپاشي کاتن جي ڪامورن، سان گڏ سرڪاري ڌر جي دادلن جي پيٽ ۾ هليا ويا ٻئي منصوبا بدترين ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي ويا.

ايل بي ايو ڊي جا سم نالا ساڳي خوفناڪ حالتن ۾ موجود آهن. ايل بي او ڊي سسٽم ذريي سمنڊ ۾ پاڻي جي نيڪال جا ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڊي پي او ڊي وارا ٻئي رستا بدستور بند آهن، جنهن ڪري بدين وٽان سمنڊ ۾ پاڻي جي نيڪال جا سمورا در بند آهن. اهڙي حالت ۾ هن سال به جيڪڏهن معمول کان وڌيڪ گهڻيون برساتون پيون ته ساڳي اڌ سنڌ ٻڏي ويندي ۽ 2015ع جي هي ٻوڏ 2011ع جي مهاٻوڏ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڀيانڪ هوندي ۽ بدين ضلعو خاص نشاني تي هوندو.

مٿي ڄاڻايل اڳ جون مهاٻوڏون آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ آيون پر هن سال ملڪ جي اترين علائقن ۾ مٿين ٽنهي صوبن ۾ جون جي مهيني ۾ شروع ٿيل برساتون هاڻ جولاءِ ۾ ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهيون آهن هماليا ۽ هندو ڪش پربتن مان ايندڙ سمورن دريائن جو ڇوڙ جيئن ته هر حالت ۾ سنڌو ۾ ٿئي ٿو ۽ سڄي ملڪ جي سانوڻي برساتن جي ٻوڏ جو پاڻي قديم زماني کان سنڌ ۾ اچي تباهي مچائي ٿو. ان ڪري هر سال سڪي به سنڌ ٿي ته ٻڏي به سنڌ ٿي. هي سٽون لکڻ تائين سنڌو مستي ۾ اچي ويو آهي اتر سنڌ جي گهڻن ضلعن جا ڪچا ٻڏي ويا آهن. سنڌو جي پيٽ ۾ زمينداري بندن جون رڪاوٽون دائم ۽ قائم آهن. 2010ع جي مها ٻوڏ بعد بچاءَ بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ اربين روپيا سنڌ جي خزاني مان نڪتا آهن پر ميڊيا جي رپورٽ موجب بند ڪمزور آهن نگراني گهٽ آهي بندن جي صورت ۾ سڌاري لاءِ جاري ڪيل فنڊن ۾ پڻ اربين روپين جي ڪيل ڪرپشن جا پڙاڏا آهن جنهن ڪري سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو هن وقت ساهه مٺ ۾ آهي جڏهن ته 2010ع جي مهاٻوڏ کان اڳ آبپاشي جي ڪامورن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو هو ته سمورا بچاءَ بند مضبوط آهن ان ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي ننڍي وڏي ٻوڏ جو ڪو به امڪان ناهي. هن سال پڻ آبپاشي ڪامورن 20 جولاءِ تي سکر ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي خاطري ڪرائي آهي ته سمورا بند مضبوط آهن سنڌ ۾ ڪنهن به ٻوڏ جو ڪو به خطرو نه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو