Home / اسپيشل افيئر / جوگندر ناٿ منڊل: اڇوت، اڇوت ئي رهيو!
above article banner

جوگندر ناٿ منڊل: اڇوت، اڇوت ئي رهيو!

Akhtar Balochجوگندر ناٿ منڊل، هڪ اهڙو شخص هو جنهن جي چونڊ جناح صاحب ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ به گڏيل هندستان ۾ مسلم ليگ طرفان وزير جي حيثيت سان ڪئي هئي ۽ گڏيل هندستان جي صوبي بنگال ۾ قانون جو وزير هو. ورهاڱي کانپوءِ 10 آگسٽ تي جڏهن محمد علي جناح پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت سان قسم کنيو ته آئين ساز اسيمبلي جي ان اجلاس جي صدارت جو اعزاز به جوگندر ناٿ منڊل جي حصي ۾ آيو.

جوگندر ناٿ جو تعلق هندو مذهب جي ان طبقي سان هو جنهن کي اڇوت سمجهيو ويندو هو. منهنجي استاد، ناليواري محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان گهڻو عرصو پوءِ انهن پنهنجي لاءِ لفظ “دِلت ” جي چونڊ ڪئي. گانڌي جي اڇوتن کي “هريجن” جو خطاب ڏنو هو. ليڪن اهي اهو نالو قبول ڪرڻ لاءِ قطعي طور تيار نه هئا. گڏيل هندستان جي مشهور اڇوت اڳواڻ ڊاڪٽر امبيڊڪر جو خيال هو ته گانڌي جي هريجن جو خطاب ڏئي اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اڇوتن کي هندو مذهب ۾ شامل رکيو وڃي. امبيڊڪر سمجهندو هو ته گانڌي اڇوتن سان دوکو ڪري رهيو آهي، ان سبب ئي هن پنهنجي 3 هزار ساٿين سميت ٻڌ مذهب اختيار ڪيو هو.

ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان ۽ ان کانپوءِ انڊيا – پاڪستان ۾ آباد ٿيندڙ دلتن جي معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ڪا خاص تبديلي ناهي آئي. ليڪن ڊگهي عرصي کانپوءِ انهن کي پنهنجي حقن جو ادراڪ ٿيو آهي، اهي پنهنجا حق تسيلم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد به ڪري رهيا آهن- بحرحال اسان ڳالهه ڪري رهيا هئا سين جناب منڊل جي جيڪو پاڪستان جو پهريون قانون جو وزير هو.

juli  31-54 b

10 آگسٽ 1947ع تي جڏهن قائد اعظم گورنر جنرل جو قسم کنيو هو، تڏهن سندس خواهش هئي ته ان اجلاس جي صدارت هڪ اڇوت اقليتي اسيمبلي ميمبر جوگندر ناٿ منڊل ڪري. سندس ان فيصلي مان ان ڳالهه جو اظهار ٿئي ٿو ته جناح صاحب نئين ملڪ ۾ اقليتن کي ڪيتري اهميت ڏيندو هو. لياقت علي خان اجلاس جي صدارت لاءِ جوگندر ناٿ جو نالو تجويز ڪيو جڏهن ته ان جي تائيد خواجه ناظم الدين ڪئي. جوگندر ناٿ صدر جي حيثيت سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ اها اميد ڏيکاري ته جناح صاحب جي قيادت ۾ ملڪ وڌيڪ ترقي ڪندو. احمد سليم پنهنجي ڪتاب “پاڪستان ۽ اقليتون” جي صفحي نمبر 104 تي ان حوالي سان لکي ٿو ته: “اقليتي فرقي جي ميمبرن مان صدر جي چونڊ نئين رياست جي روشن خيالي جو مظهر ۽ سٺو سنوڻ آهي. پاڪستان جو وجود ننڍي کنڊ جي هڪ اقليت جي طور وجود ۾ آيو. آءُ اهو نقطو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان بلڪه سڄي دنيا جي رهواسين جون نظرون پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي تي لڳل آهن. مسلمان پاڻ لاءِ الڳ ملڪ چاهين پيا. هاڻي دنيا اهو ڏسڻ چاهي ٿي ته مسلمان اقليتي فرقي سان درياهه دلي سان پيش اچن ٿا يا نه، مسلم ليگ جي اڳواڻن ۽ خاص طور تي قائد اعظم اقليتن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان جي اقليتن کان نه رڳو انصاف ۽ رواداري بلڪه فراخدلي وارو سلوڪ ڪيو ويندو. اقليتن جو به فرض آهي ته اهي ملڪ سان وفادار رهن ۽ ذميواري سان ڪم ڪن.

1946ع ۾ هندستان ۾ برطانوي راڄ دوران مڪاني نمائندن تي ٻڌل جيڪي پوري عبوري ڪابينه مقرر ڪئي وئي هئي ان لاءِ مسلم ليگ طرفان جوگندر ناٿ منڊل کي نامزد ڪيو ويو هو، اها هڪ وڏي ڳالهه هئي ته اهڙي پارٽي جيڪا مسلمانن جي حقن جي ڳالهه ڪندي هجي، اها ڪابينه لاءِ هڪ هندو اڇوت کي پنهنجو وزير نامزد ڪري. ان جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته ڪانگريس طرفان به وزارت لاءِ مولانا ابوالڪلام آزاد کي نامزد ڪيو ويو هو. زاهد چوڌري پنهنجي ڪتاب “پاڪستان جي سياسي تاريخ” جلد 2” جي صفحي نمبر 47 تي لکي ٿو ته “مسلم ليگ طرفان اڇوت کي شامل ڪرڻ تي ڪانگريسي اڳواڻن جو رد عمل کڻي جيڪو به هو ليڪن لنڊن ۾ ليبر حڪومت کي ان ڳالهه تي ڳڻتي ٿي ته ڪٿي ڪانگريس ناراض نه ٿي وڃي ۽ حڪومت تان هٿ نه کڻي وڃي. ان ڪارڻ 14 آڪٽوبر تي لارڊ پيٿڪ لارنس “گورنر جنرل” لارڊ ويول کي لکيو : “اسان کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ته ڪانگريس نگران حڪومت ۾ شامل رهڻ کان ان بنياد تي انڪار ڪري ڇڏي ته اڇوت کي مسلم ليگ جو نمائندو تصور نه ٿو ڪري سگهجي” ۽ جڏهن 15 آڪٽوبر تي ويول ليگ جا پنج نالا برطانيا جي شاهه کي منظوري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن موڪليا ته ان ئي ڏينهن پيٿڪ لارڊس جواب ۾ لکيو : “ مون کي افسوس آهي ته آءُ واقعي اهو سمجهان ٿو ته شاهي منظوري حاصل ڪرڻ ان وقت تائين ممڪن نه هوندي جيستائين توهان اهي نالا نهرو کي واضح ڪري نه ٻڌايو. ڪانگريس کي اڇوت جي شموليت تي سخت اعتراض ٿي سگهي ٿو، اها نتيجي ۾ حڪومت تان دستبردار ٿي سگهي ٿي، اهڙي مرحلي ۾ برطانيه جي شاهه کي ملوث ڪرڻ مناسب ڪرڻ نه هوندو”.

مارچ 1949ع۾ جوگندر ناٿ منڊل قرار دار مقاصدجي حمايت ڪئي. “ هي اها ئي قرارداد آهي جو اڄ تائين پاڪستان جي سياست جو موضوع آهي، ترقي پسندن جو خيال آهي ته ان قرارداد ذريعي جناح جي (سيڪيولر پاڪستان کي مذهبي رياست جو درجو ڏنو ويو). اڇوتن لاءِ الڳ چونڊن جو حق تسليم ڪرائي انهن هندو اقليت جي اثر کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو، پنهنجي وزارتي خدمتن جي صلي ۾ هو 1953ع ۾ پنهنجي وزارتي عهدي تان هٽايو ويو، جنهن جو کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. ڏک ٿيڻ به گهربو هو. ڇو ته سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته “جن لاءِ مئاسين سي ڪانڌي ئي نه ٿيا”

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نوڪر شاهي جي گرفت جهڙي طرح اقتدار جي ايوانن تي زور دار ٿي رهي هئي. ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هندن بابت شڪ شبها پيدا ڪرڻ ضروري هو. تاثر اهو ڏنو ويندو اها ته اهو اڪثريتي مسلمانن جي خواهش آهي ته غير مسلمن جي ڪردار کي محدود ڪيو وڃي ڇو ته سندن نئين ملڪ سان وفاداري مشڪوڪ آهي. اهو مفادپرست نوڪر شاهي طرفان غير مسلمن ۽ خاص طور هندن لاءِ واضح اشارو هو ته وقت جي حڪومت جي حمايت سان ڪو فرق نه ٿو پوي ۽ سندن لاءِ پاڪستان ۾ هاڻي ڪا به گنجائش نه آهي.

ڪيترو معصوم هو جوگندر ناٿ منڊل -کيس ان ڳالهه جو اندازو ئي نه هو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ هن کي پاڪستان ڇڏڻو پوندو. آئين ساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن جناح صاحب کي قائد اعظم جو لقب ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته تقريبن سمورن اقليتي ميمبرن مخالفت ڪئي ليڪن جوگندر ناٿ ان جي حمايت ڪئي ۽ جڏهن جناح صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ته هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته : “تقدير جي ظالم هٿن قائد اعظم کي وقت کان پهرين اسان کان ڇني ورتو، هن جي تمام گهڻي ضرورت هئي”.

محمد علي جناح جي لاڏاڻي کان ڪجهه عرصو پهرين ئي جوگندر ناٿ منڊل پاڪستان کان انڊيا منتقل ٿي ويو. ان جا ڪهڙا سبب هئا ان حوالي سان احمد سليم پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: “پاڪستان جي پهرين قانون واري وزير ۽ اڇوت اڳواڻ جوگندر ناٿ منڊل قدم قدم تي پاڪستان حڪومت جي حمايت ڪئي هئي، کيس چيڀاٽيل عوام جي هيرو هجڻ جو اعزاز هو. 1940ع کان جڏهن هو ڪلڪتا ڪارپوريشن ۾ چونڊيو ويو تڏهن کان هو مسلم عوام جو ساٿ ڏئي رهيو هو، هن اي ڪي فضل حق وزارت ۽ خواجه ناظم الدين وزارت“ 1943ع -1945ع سان سهڪار ڪيو ۽ “47-1946ع ۾ مسلم ليگ جي ان وقت ڪم آيو جڏهن قائد اعظم کي گڏيل هندستان جي عبوري وزارت لاءِ پنهنجي وزيرن جا پنج نالا گهربل هئا.

قائداعظم منڊل کي مسلم ليگ طرفان وزير نامزد ڪرڻ پيو چاهي. هن قائداعظم جي اها آڇ قبول ڪري قائد جي ان حڪمت عملي کي ڪامياب بڻايو ته جيڪڏهن ڪانگريس عبدالڪلام آزاد کي هڪ مسلمان وزير نامزد ڪري سگهي ٿي ته مسلم ليگ به هڪ اڇوت کي پنهنجو وزير مقرر ڪري سگهي ٿي. پوءِ 3 جون 1947ع تي اعلان ٿيو ته ضلعي سلهٽ جي رهواسين کي اهو طئي ڪرڻو هو ته ضلعو آسام ۾ شامل رهندو يا پاڪستان جو حصو بڻبو. هندن ۽ مسلمانن جي ووٽن ۾ گهڻو فرق نه هو ۽اڇوتن جا تمام گهڻا ووٽ هئا. جيڪي نتيجن تي اثر انداز ٿي پئي سگهيا. قائداعظم جي هدايت تي مسٽر منڊل ان سلسلي ۾ سلهٽ پهتو ۽ فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ڪرائي موٽيو”.

جيئن مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي سياست ۾ بيوروڪريسي جو عمل دخل تمام گهڻو هو. اها ڪنهن به اهڙي شخص کي بنا ڪنهن لحاظ جي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، جنهن جي اڳيان ان کي جوابده ٿيڻو پوي. ان ڪري بيوروڪريسي اهڙن ماڻهن جا پر مختلف هيلن بهانن سان ڪپڻ شروع ڪري ڇڏيا. جوگندر ناٿ منڊل به ان جو شڪار ٿيو. هو پاڪستان ٺهڻ وقت پاڪستان جو اڪيلو وزير هو جنهن کي هڪ بيوروڪريٽ انهي حد تائين مجبور ڪيو جو هو نه رڳو وزارت ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو بلڪه ملڪ به ڇڏي هليو ويو. ان حوالي سان پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “ روئداءِ چمن” ۾ لکي ٿو ته: “ چوڌري احمد سليم مرحوم پنهنجي زندگي جو وڌيڪ حصو انگريزن جي ملازمت ۾ گذارڻ کانپوءِ هاڻي دهلي کان پاڪستان اچي ويو هو ۽ اتي ئي سيڪريٽري جنرل طور پاڪستان ۾ نوڪر شاهي جو معمار ۽ امام سمجهيو ويندو هو. اڃا هو ڪابينه ۾ فقط سيڪريٽري هو. “ هو خزاني جو سيڪريٽري، خزاني جو وزير، نڪي وزيراعظم بڻيو هو، سندس ترقي جو اهتمام بعد ۾ ٿيندو رهيو” هن تي بقول سندس اهو انڪشاف ٿيو ته جوگندر ناٿ منڊل جي ملڪ سان وفاداري مشڪوڪ آهي جنهن جي معنيٰ اها نڪتي ته چوڌري صاحب مرحوم مردم شناس ۽ وفاداري پرکڻ جي معاملي ۾ قائداعظم کان به وڌيڪ تيز نظر رکندڙ هو.

ايئن هن وزير منڊل کان ڪابينه جا اهم ڪاغذ لڪائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي، اها ڳالهه منڊل کان برداشت نه ٿي سگهي هو خوددار ۽ انا پرست هندو سياستدان هو. تحريڪ آزادي واري دور ۾ وڏيون قربانيون ڏئي تڪليفون برداشت ڪري خاص طور ڏکئي وقت ۾ پنهنجي قوم جي خلاف قائداعظم جو ساٿ ڏئي وزارت جي ان منصب تائين پهتو هو. هاڻي آخر هو اهڙي توهين ڪيئن برداشت ڪري پئي سگهيو ته ڪابينه جو پنهنجو ملازم سندس سياسي ڪردار ۽ وفاداري جي باري ۾ جج بڻجي ويهي. هو فوري طور وزارت ڇڏي واپس ڪلڪتي هليو ويو ۽باقي عمر اتي هندن جا طعنا برداشت ڪندو رهيو”

جوگندر ناٿ منڊل جون قربانيون مسلمانن سان مححبت، مسلم ليگ سان وفاداري پنهنجي جاءِ تي ليڪن هن عظيم شخص سان هڪ بيوروڪريٽ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي. ليڪن منهنجي خيال ۾ هاڻي به پاڪستان ۾ اڻ ڳڻيا جوگندر ناٿ موجود آهن جو هن وطن سان پنهنجي وطن دوست جو ثبوت ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيا آهن ليڪن ڪو به انهن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.

ڇا اڇوتن کي مڃڻ لاءِ ۽ اقليتن جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو