Home / اسپيشل افيئر / رڪارڊ ڪيپنگ جا مونجهارا- نسل ڀوڳين ٿا!
above article banner

رڪارڊ ڪيپنگ جا مونجهارا- نسل ڀوڳين ٿا!

Gulab Soomroسنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهو جي متعلق رڪارڊ ڪيپنگ (ماڻهو متعلق ڄاڻ بوقت ضرورت) جو ڪو به مقرر معيار اسان کي ڪونه ملندو، اسڪول ۾ داخلا کان وٺي جهان فاني مان ڪوچ ڪرڻ تائين جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو رڪارڊ کپندو ته ان جي رڪارڊ کي ڳوليندي اسان جي اڌ عمر گذري ويندي ۽ اگر ملي به وڃي ته ان ۾ ايتري ته ڦير ڦار ملندي جو ان ماڻهو جي باري ۾ اسان جي ڪا به حتمي راءِ ڪانه جڙندي. آخر ۾ سوچ اها ئي اچي بيهندي ته هٿ کڻڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت آهي. ٻار جي باري ۾ پهرين ڄاڻ ان جو ڄم ڏينهن هوندو آهي پر اسان وٽ ٿيندو ائين آهي ته ان جي ڄم تاريخ به مبهم هوندي آهي. گهڻا ماڻهو لکن ئي ڪونه، گهڻا لکندا ته صحيح ڪونه لکندا، ٻار ڄمندو خميس ڏينهن ته وري لکندا جمعو، سندن خيال هي هوندو آهي ته جمعو مبارڪ ڏينهن آهي ان جو ٻار جي زندگي تي سٺو اثر ٿيندو. گهڻن ماڻهن (ذات/برادرين) وٽ ڪجهه ڏينهن منحوس تصور ڪيا ويندا آهن جيڪڏهن ان ڪري به ماڻهو ٻار جو ڄم ڏينهن مٽائي لکائيندا آهن. ان کانپوءِ ان جو نالو رکڻ به خاندان ۾ گهڻن ئي ڦڏن کي جنم ڏئي ڇڏيندو آهي. ماءُ چوندي جيڪو نالو ان سوچيوآهي ٻار لاءِ اهو سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو، پيءُ ڪنهن مولوي کان وڃي پڇي ايندو، سمجهندو مولوي صاحب جيڪو نالو ڏسيو آهي اهو نه صرف اسلامي آهي پر ٻار لاءِ برڪت وارو به ثابت ٿيندو. ٻار جو ڏاڏو سڀني کي دڙڪا ڏيندو ۽ هي چوندي فخر محسوس ڪندو ته ٻار تي هن جي مرحوم ڀاءُ جو نالو رکبو. هن جي خيال موجب نوان ۽ فيشني نالا خاندان ۾ بگاڙ ۽ ڌڻين (ماڻهو جيڪي هي جهان فاني ڇڏي چڪا آهن) کي وسارڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا ۽ اگر ان خاندان جو ڪو مرشد يا ڪو چڱومڙس آهي ته وري اهو به وسان ڪونه گهٽائيندو، گهر ۾ خوشقسمتي سان جيڪڏهن ڪجهه پڙهيل ماڻهو آهن ته اهي به نالي رکڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهي پوندا،

هنن مڙني ڪارڻن ڪري سنڌ ۾هڪ ٻار جا هڪ کان وڌيڪ نالارکيا ويا آهن، رکيا وڃن ٿا ۽ شايد رکيا ويندا!.

هڪ ٻيو مسئلو ان تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي نوڪري ملڻ تائين اسان جي نالن جي اسپيلنگز جو ڪوبه مقرر معيار نه آهي. مثال طور عائشه جي اسپيلنگز تي غور ڪيو. Aisha Ayesha, Aaisha, Ayisha, هن نالي جون اسان وٽ هڪ کان وڌيڪ اسپيلنگز آهن، وري هن نالي کي ڏسو. Saleem, Salim, Saliem يا وري هن نالي تي غور ڪيو Chuttal Khan, Chutal Khan, Chotal Khan وري هن جي پرک ڪريو ته اسان وٽ لفظ علي جون ڪيتريون اسپيلنگز آهن. Ali, Ale, Alee, هي ته ڪجهه مثال آهن نالن جا هاڻي اچون ٿا ذاتين جي اسپيلنگز تي، سومرو soomro, sumro, sumaro، Solangi, Solungi, Sulangi, Abbasi, Abassi, Abasi, Syed, Sayyed, Saiyed وري اچو ته شهرن جي نالن کي ڏسئون. Naushoroferoze, Noshorofairoz, Mehrabpure, Mehraabpure, Umerkot, Omerkote, Umarkot, هنن ۽ اهڙين کوڙ سارين غلطين جو ادراڪ ڪرڻ، نه ته ڪو ان ٻار جو خاندان سوچي ٿو، نه اسڪول سطح تي هن ڪم لاءِ سنجيدگي ڏٺي وئي آهي ۽ نه ئي وري حڪومتي سطح تي ڪا پاليسي جوڙي وئي آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا فارم نالي ڪا شيءِ ڪانهي. هڪ همراه بيان پئي ڪيو ته مان جڏهن پنهنجي ننڍڙي جي داخلا لاءِ ڳوٺ واري اسڪول جي انتظاميه سان رابطو ڪيو ۽ داخلا فارم جي گهر ڪئي ته جواب ۾ اهو چيو ويو ته توهان صرف پنهنجي ٻار جي ڄم سند ڏيو داخلا ان بنياد تي ٿي ويندي.

سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي جو هڪ ذيلي ادارو “ريفارم سپورٽ يونٽ ( آر ايس يو)” ،جيڪو سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ سال 2007 کان ڪم ڪري رهيو آهي،آر ايس يو ۾ هڪ ڪم ڪندڙ دوست ٻڌايو ته اسان جڏهن نوڪري لاءِ جمع ٿيندڙ سندن جي جانچ پڙتال ڪئي ته اسان کي ڪافي ڏکيائون پيش آيون. سنڌ ۾ هر بورڊ جي مارڪ سندن کان وٺي مک سندن تائين جو ڪوبه خاطر خواهه نمونو ڪونه آهي، ڪنهن اميدوار جو نالو پهريان لکيو آهي ته ڪنهن سيٽ نمبر، ڪنهن تاريخ اول لکي آهي ته ڪنهن آخر۾، ڪنهن سبجيڪٽ ٽيبل کي باقائده لکيوآهي ته ڪنهن بس وقت پاس ڪيوآهي. سڀ کان وڌيڪ تنگ اسان کي اميدوارن جو ڊوميسائيل ۽ فارم ڊي ڪيو.

juli  31-50 b

ان جومک سبب سنڌ جي هڙني ضلعن ۾ ڊوميسائيل يا فارم ڊي جو ڪو به هڪ مقرر يا متفقه نموني جو نه هجڻ آهي. توهان کي اهو پڙهي، حيرت ٿيندي ته ڪوبه ڊوميسائيل يا پي آرسي يعني فارم ڊي اميدوار متعلق پوري ڄاڻ ڪونه ٿوڏئي. اسان جو ڪم اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي سندن يوسيز جي اسڪولن ۾ ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استاد طور مقرر ڪرڻ آهي. ان جي لاءِ اسان هر اميدوار جي سندن جي جانچ پڙتال ڪيون ٿا ۽ انهن جي يوسي، تعلقو يا ضلعو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو قانوني دڳ آهي ته اهوهنن جا ڊوميسائيل يا فارم ڊي آهن. پر اسان کي تمام گهڻي مشڪل پيش آئي، ڇاڪاڻ ته، اڪثر ڊوميسائيلز ۾ يوسي لکيل آهي ئي ڪونه، بس اڌو گابرو اميدوارن جو پتو لکيل آهي يا ڪٿي ته صرف تعلقي جو نالو لکيل آهي.

اهڙي طرح يوسيز به ذات، برادري ۽ شخصي نالن آڌار جڙيل آهن. ان دوست وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعن جي نئين سر جوڙجڪ جيڪااڪثر سياسي بنيادن تي ٿئي ٿي (ڪاش اها روينيو کي نظر ۾ رکندي يا ان ضلعي ۾ رهندڙ آبادي کي سهولت پهچائڻ لاءِ ڪئي وڃي) هڪ ضلعي کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ سبب گهڻن ئي اميد وارن جو اميدون تيل ٿي ويون. سنڌ جي آفيسن ۾ ڪوبه بهتر نظام جيڪو عوام جي لاءِ ڀلائي آڻي اڻلڀ آهي، ڊيٽا جيڪا گهربل آهي اڻپوري آهي، سندون جيڪي ضروري آهن انهن ۾ موجود مواد ۾ خرابيون آهن، نالن جي اسپيلنگز جو ڪو مقرر معيار ڪونه آهي، يوسي، تعلقو يا ضلعو ترقي ۽ سهولت لاءِ نه بلڪ حڪمران پارٽي جي ووٽ بينڪ کي سامهون رکڻ جي بنياد تي ٺاهيا ۽ ڊاهيا وڃن ٿا ته پوءِ ترقي حڪومت ۾ موجود اشرافيه جي ته ٿي سگهي ٿي پر عوام جي ٿئي ۽ نه ئي وري ڪي علائقا ترقي ڪن ٿا. ان جي ابتڙ عوام ۾ بيزاري، ڪاوڙ ۽ اسهپ وارا لاڙا جنم وٺن ٿا. مٿي بيان ڪيل مڙني مسئلن کي سامهون رکندي هيٺ ڪجهه حل تجويز ڪجن ٿا، جن تي عمل ڪندي اسان نه صرف حڪومت جي ساک کي بهتر ڪري سگهون ٿا بلڪه عوام جي لاءِ آسانيون به پيدا ڪري سگهون ٿا.

سنڌ جي مڙني سرڪاري توڙي خانگي اسڪولز ۾ داخلا فارم متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن ان فارم ۾ ٻار متعلق گهربل معلومات داخل ڪري سگهجي. اهو ڪم سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتي جي ذيلي اداري آر ايس يو کان ڪرائي سگهجي ٿو. داخلا فارم صرف ۽ صرف انگريزي ۾ تيار ڪيو وڃي، داخلا فارم اهڙو هجي جيڪوٻار متعلق هرقسم جي معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو هجي، يعني ٻار متعلق ذاتي، سماجي، طبي ۽ تعليمي ڄاڻ وغيره.

شخصي نالن، ذاتين، ڳوٺن ۽ شهرن جي نالن جي اسپيلنگز جو ڪو هڪڙو مقرر معيار جوڙيو وڃي. هن ڪم ۾ حڪومتي سطح تي ڪوشش ڪئي وڃي ته بهتر آهي ۽ جنهن وقت اسڪولن ۾ داخلا هلي ان وقت مهم هلائي وڃي ته ٻار جي متعلق ڄاڻ ۾ اسپيلنگز جو جيڪو معيار مقرر آهي ان تي عمل ڪيو وڃي.

ٻارن جا والدين ٻار جو نالو رکڻ وقت هروڀرو جي وهمن، وسوسن، سوچن، مرضي، خوائش يا ڪنهن کي خوش رکڻ جي ڦڏن ۾ نه پون ۽ نالو به صرف هڪڙوئي رکن ڇاڪاڻ ته جيئن پاڻ مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هڪ کان وڌيڪ نالا هڪ ڳمڀير مسئلوبڻجي پون ٿا، خاص ڪري ان ٻار لاءِ جنهن جا مائٽ اڻپڙهيل آهن.

سنڌ جي هر ضلعي جي ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ فارم ڊي جي شڪل الڳ الڳ آهي. ان جو معيار به پوري سنڌ لاءِ هڪ ئي ڪيو وڃي جنهن ۾ هيٺ بيان ڪيل معلومات جو هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.

اميدوار جي نالي، پيءُ جي نالي سان گڏ مڙس جو نالو (عورت اميدوارجي نسبت سان) ان جي يوسي، تعلقي، ضلعي جو نالو به هجي. ان کان پوءِ ان جو هاڻوڪو۽ مستقل پتوڏنل هجي.

هنن فارمن تي حڪومت سنڌ جو مونو گرام هجڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي. ڏٺو ائين ويو آهي ته گهڻن ضلعن هنن فارمن تي پنهنجو پنهنجو مونوگرام ڏنو آهي ان کي ختم ڪيو وڃي.

سنڌ جي سرڪاري نقشي ۾ ضلعن کي ڏنل رنگ هنن فارمن جا رنگ به اهي ئي هجن ته جيئن فارم کي هٿ ۾ کڻڻ سان ئي پتو پوي ته هي فارم ڪهڙي ضلعي سان تعلق رکي ٿو.

هڪ ضلعي کي جڏهن ٻن ضلعن ۾ ورهايو وڃي ته انهن علائقن جي ماڻهن جي رڪارڊکي به درست ڪيو وڃي ۽ هڪ مهم ذريعي ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي ته هو به پنهنجا ڪاغذ پٽ درست ڪرائن ۾ سستي نه ڪن.

هنن فارمن جي پيج سائيزبه هڪ ئي مقرر ڪئي وڃي بهتر ٿيندو ته اي 4 هجي.

اميدوارن جا سندن فوٽوز ۾ مختلف ۽ عجيب و غريب انداز به هنن فارمن جي اهميت تي هڪ سواليه نشان آهن. فوٽوز جو به هڪ مقرر ميار هجڻ لازمي آهي ته ڪهڙي طريقي يعني ڪهڙو فوٽو هجڻ ضروري آهي سائيڊ پوز يا فرنٽ پوز.

يوسيز، تعلقن ۽ ضلعن جي نالن کي درست ڪري لکيو وڃي. مثال طور هڪ يوسي جو نالو مولو آهي هن لفظ مان خبر پئي ٿي ته اصل ۾ هي مولابخش نالي جو بگڙيل فارم آهي. سنڌ ۾ سوين اهڙيون يوسيز آهن جن جي نالن کي درست ڪري لکڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ انهن کي فهرست ۾ الف بي واري آرڊر ۾ لکيو وڃي.

گهڻا اهڙا تعلقا آهن جيڪي ذاتين جي اسمن سان مشهور آهن انهن کي نالن کي مٽائي ان تعلقي سان لاڳاپيل ڪا مشهور شخصيت پويان ان تعلقي جو نالو رکيو وڃي. جيئن ڪو مشهور اداڪار، لکاري، عوامي نمائندو وغيره. اگر ان تعلقي ۾ ڪا مشهور شخصيت نه ملي ته پوءِ سنڌ سطح تي اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون آهن انهن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن مان ڪو هڪ نالو متفقه راءِ سان رکيو وڃي. جيئن نور محمد لاشاري مرحوم، محمود صديقي مرحوم، استاد بخاري مرحوم، مرزا قليچ بيگ مرحوم وغيره.

آخري ڳالهه

سڄي سنڌ ۾ روڊن ۽ رستن تي کتل بل بورڊز تي ويڙهيل سياستدانن جي تصويرن کي هٽائي (هنن تصويرن کي ڏسڻ سان جيڪڏهن ماڻهن جا مسئلا حل ٿين ٿا ته پوءِ ته ڀلي لڳل هجن) انهن تي جيڪا معلومات گهربل آهي اها لکرائي وڃي. حالت اها آهي ته ٽريفڪ سائن وارن بورڊن، نشانن تي به تصوير ويڙهيل نظر ايندي هن جو نه ته اڄ تائين ان لاڳاپيل کاتي نوٽيس ورتو آهي نه عوام، نه حڪومت ۽ نه ئي وري عدليه سڳوري.

مٿي بيان ڪيل ڪجهه حقيقتن کان نظر اندازي ڪرڻ پاڻ کي نقصان ڏيڻ ۽ قوم کي انڌيري ۾ رکڻ لاءِ ڪافي آهي ياد رکو ته تعليم ئي اهو واحد نسخو آهي جنهن کي واپرائي اسان نه صرف اڳتي وڌي سگهون ٿا بلڪه تعليم جي ئي مدد سان اسان پنهنجا الاهي سارا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا.

com.gmail@sikandarkns

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو