Home / ايڊيٽوريل / زرداري _اسٽيبلشمينٽ مفاهمت:  ماروئڙا، سانگيئڙا، آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي! 
above article banner

زرداري _اسٽيبلشمينٽ مفاهمت:  ماروئڙا، سانگيئڙا، آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي! 

july-15-2015لڳي ٿو ته زرداري صاحب جي مفاهمت جي سياست وري پنهنجو رنگ ڏيکاريو. جون مهيني جي پهرين هفتي کان سنڌ ۾ نيب، رينجرز ۽ ايف آءَ اي پيپلز پارٽي جي ڪرتائن، ڌرتائن ۽ ڪارندن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي. سڀني کي ڦڦڙي وٺي وئي. ڪي ٽاه کائي ملڪ کان ٻاهر ڀڳا ته ڪن وڃي ضمانتون ڪرايون. شاهد مسعود پارا تجزئي نگار پ پ سرڪار ڊهڻ جون تاريخون ڏيڻ لڳا. پيپلن جا منهن لٿل هئا. پر الائي ڇو اسان جي دل نه پئي مڃيو ته مٿين سرڪار پ پ کي گهر موڪلڻ لاءِ قطعي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي .اسان کي لڳو ته هي ڳرن پيرن جو کڙڪو مڙئي دهمان لاءِ آهي. اسان کي اهي شڪ ان ڪري پيا جو سنڌ ۾ جڏهن به اسٽيبلشمينٽ پ پ جي تڏا ويڙه جو فيصلو ڪندي آهي تڏهن پلان بي تي عمل ڪندي پ پ کان ٻاهر ويٺل سياستدانن سان رابطا وڌائي ڇڏيندي آهي. هيل ارباب غلام رحيم کان وٺي لياقت جتوئي، امتياز شيخ توڙي ٻيا سياسي يتيم ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ خاڪي وردي جي جهلڪ پسڻ لاءِ سڪندا رهيا پر کين ڪوبه سڏ نه آيو. وفاق ۾ حڪمران جماعت جا سنڌ ۾ ڪارندا به اوٻاسيون ڏيندي ڏٺا ويا. ويندي فنڪشنل ليگ به “اڱڻ ٻهاريان، تنهنجون واٽون نهاريان…” جهونگاريندي رهي پر پرين جي پار جو ڪوبه نياپو نه آيو. معنيٰ؟ ان جي معنيٰ اها ٿي ته اسٽيبلشمينٽ توڙي وفاقي سرڪار في الحال سنڌ ۾ ڪنهن سياسي تبديلي آڻڻ يا مڙهڻ جي سوچ ۾ ناهن.

پر ڪيترن ماڻهن کي اهو به لڳو ته متان اوچتو ڪنهن نادري حڪم هيٺ سنڌ ۾ صوبائي سرڪار کي گهر موڪلي ٿلهين مڇين جا پيٽ چيري ان مان ڦٻايل رقم نه واپس ورتي وڃي ۽ ائين سنڌ ڪرپٽ حڪمرانن جي هٿن مان ترڪي وڏن واڳوئن جي وات ۾ نه هلي وڃي جيڪي سنڌ مان سڀ ڪسرون ڪڍن. مثال طور؛ جڏا سڏا جيڪي به حڪمران سنڌ ۾ اڄ تائين آيا سي ڀل ڪيترا به ڪرپٽ هيا پر ڪالاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ، سنڌ جي ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن بابت اسلام آباد کان مختلف راءِ رکندا هيا. جنرل پرويز مُشرف جهڙي ماڻهو به ڪالاباغ ڊيم تي پنجاپ جي خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هيل جيڪڏهن سنڌ ۾ مٿان مڙهيل ڪا تبديلي آئي ته اهي سنڌ ۾ مڙهيل مير جعفر ٽائيپ حاڪم کان سڀ ڪجهه لکرائي وٺندا. ان ڪري ۽ ٻين کوڙ اصولي سببن سبب “افيئر” سميت کوڙ ساڃاه وندن سنڌ ۾ نامعقول حڪمراني جو حل مٿان مڙهيل فارمولي جي شڪل ۾ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ان عرصي دوران پارٽي چيئرمين بلاول ملڪ موٽي آيو ۽ ڳجهيون توڙي ظاهري ملاقاتون ڪندو رهيو. وزيراعلي رينجرز جي مدي پوري ٿيڻ ۽ اختيارن تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ماٺ ٿي وئي. ڏوڪڙن جون ڳوڻيون ڀري کڏون کوٽي لڪائيندڙن سک جو ساه کڻڻ شروع ڪيو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هيو. ايان علي عيد وڃي پنهنجي پيارن سان ڪئي. سنڌ اسيمبلي رينجرز جي مُدي ۽ دائره اختيار وڌائڻ جو بل سال لاءِ منظور ڪري ڇڏيو.

عيد جي ڏهاڙن ۾ دبئي کان خبرون اچڻ شروع ٿيون ته زرداري صاحب پارٽي ۾ خاص طور سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ گهرايا آهن. شروعات ۾ ته ائين لڳو ته اسلام آباد جي دٻاءُ سبب پارٽي مان گندا بيضا ڪڍي پارٽي جو صفايو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر جڏهن تفصيل پڌرا ٿيا ته خبر پئي ته هي ته اڳيون نور به چٽ ڪرڻ لاءِ تبديل آندي وئي آهي. رڳو هڪ مثال ئي ڪافي آهي ته جنرل مُشرف جي زماني ۾ سکر جو ناظم رهندڙ ناصر شاه، جنهن مٿان پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاه ڪرپشن جا الزام مڙهيندو رهيو آهي تنهن کي سنڌ جي مڪاني ادان جو سڻڀو قلم دان ڏنو ويو آهي.ائين ئي ٻه ارب رپين ملڻ جي افواه جي متاثر شرجيل ميمڻ کي انعام ۾ ورڪس ۽ سروسز جو سکيو ستابو کاتو مليو آهي.

ايئن ناهي ته سنڌ ۾ ڪي سٺا آفيسر ناهن يا پيپلز پارٽي ۾ صاف سٿرا ماڻهو ناهن. اڄ به پ پ قيادت ديڳ مان هٿ ڪڍي اعلان ڪري ته بس کوڙ کاڌو هاڻ سنڌ اڏيو ته سنڌ ۾ جام وسيلا ۽ ماڻهو آهن جيڪي سنڌ کي سنئين دڳ ڪري سگهن ٿا پر پ پ جي دبئي ۾ ٿيل فيصلن کي ڏسندي لڳي ٿو ته پ پ قيادت هاڻ “ويران وڌ..” وانگر ٻنهي هٿن بجاءِ هٿن پيرن سان سنڌ جي خدمت جو عزم ڪيو آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ وچ ۾ هڪ نئون اين آر او ٿيو آهي جنهن هيٺ پ پ کي سنڌ ۾ فري هينڊ ڏنو ويو آهي ۽ عيوض ۾ پ پ سندن حڪمن جي بجا آوري ۾ اڳ جيان دير نه ڪندي. سنڌ ۾ چڱي حڪمراني سندن ايجنڊا ۾ في الحال ناهي.

طاقتور ڌرين ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اها مفاهمت نواز شريف معرفت ٿي آهي، ڪنهن برادر عرب اسلامي ملڪ معرفت يا ڌرين هڪٻئي سان روبرو ڳالهايو سا خبر ناهي. پر اها ضرور خبر آهي ته ان ڊيل سبب ڀوڳڻو سنڌ کي ئي پوندو. هاڻ ته اها صورتحال ٿي وئي آهي ته ڇري گدري تي ڪري يا گدرو ڇري تي، ٻنهي صورتن ۾ وڍ سنڌ کي ملن ٿا.

ان ڪري، هاڻ بجاءِ پ پ جي خراب حڪمراني تي تبري ڪرڻ جي، آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيو ئي. توهان اسان کي، ڪرپٽ وڏيرن جي متبادل طاقت ٿيڻ کان، سواءِ اسان جي اندر جي ڪمزور انسان جي، ڪنهن نه روڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو