Home / سنڌ افيئر / سراج دراني کان ناصر شاهه تائين مڪاني ادارا: ڍڳو پير پيران
above article banner

سراج دراني کان ناصر شاهه تائين مڪاني ادارا: ڍڳو پير پيران

سرڪاري نوڪري ءَ لاءِ لازمي آهي ته اميدوار کي گهربل تعليم ۽ ٽريننگ هجي، جڏهن ته پروموشن لاءِ وري سينيارٽي يعني تجربو درڪار هوندو آهي، وڌ کان وڌ تجربو به کين وزيرن کان اڳتي نڪرڻ نه ڏيندو آهي، جنهن ڪري اهي 20هين گريڊ ۾ هجن يا 21هين ۾ يا کڻي 22هين ۾، پر کين ڪنهن نه ڪنهن ناتجربيڪار وزير جي ماتحت رهڻو پوندو آهي، ڇو ته اهو قانون ۾ لکيل آهي، اهو قانون انهن ٺاهيو آهي جن کي معزز اسيمبلي ميمبر چئجي ٿو. جيڪڏهن ڪو انهن بابت تعريف کانسواءِ ڪا ٻي ڳالهه ڪندو آهي ته چوندا آهن ته سندن استحقاق مجروح ٿيو آهي، جيڪو آئين جي خلاف آهي، ڇو ته آئين ۾ هر ڪنهن کي اظهار جو آزاديءَ جو حق مليل آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 25 مطابق پاڪستان جا سڀئي شهري برابر آهن ، جڏهن ته آفيسرن کي هر حالت ۾ ماتحت رکڻ لاءِ اهو دليل ڏنو ويندو آهي ته، اهي پگهاردار آهن ، ڀائي! پگهاردار ته توهان به آهيو ، توهان ته ٻه ٻه پگهارون کڻي رهيا آهيو، هڪ سنڌ حڪومت کان ۽ ٻي وري ٽي ايم اي کان، جيڪا سنڌ حڪومت واري پگهار کان پنجوڻ ڇهوڻ تي آهي. بحرحال آفيسرن جو پهريون ڪم اهو هوندو آهي ته پنهنجي باس کي کاتي متعلق بريفننگ ڏين. ٻين لفظن ۾ کيس پڙهائين. ان ڳالهه جو اعتراف چڱي نموني پڙهيل ۽ نسبتن هوشيار وزير سيد مراد علي شاهه هن نموني ڪيو هو ته هن اريگيشن جو وزير هجڻ دوران پاڻي ماهر ادريس راجپوت کان گهڻو ڪجهه سکيو هو، پر اڪثر وزير سيڪريٽرين کي ان نموني نه ڏسندا آهن، بلڪله کين ڪمدار ڪري هلائيندا آهن، جنهن ڪري هر طرف لاقانونيت جو راڄ آهي.

مڪاني ادارن واري کاتي جي حوالي سان ڏسجي ته گذريل ستن سالن ۾ ان جا سراج دراني، اويس مظفر ۽ شرجيل انعام ميمڻ وزير رهيا آهن، جعفر خواجه نگران وزير هو، جڏهن ته سيد ناصر حسين شاهه هاڻي وزير بڻيو آهي.
juli  31-34 b

سراج دراني 90 واري ڏهاڪي ۾ به وزير رهيو هو ، ان وقت بينظير صاحبه وزير اعظم ۽ سيد عبدالله شاهه وزير اعليٰ هو، پر جڏهن گذريل دؤر ۾ بلديات جو وزير بڻيو ته اُهي ٻئي نه هئا، جنهن ڪري پاڻ ته ڇا، پر ايگريڪلچر کاتي سان تعلق رکندڙ سندس PS ذوالفقار ڏهر عرف ڍولو وزير جي چِٽ تي به ڏهن –پندرهن منٽن ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ ۽ بيگناهه آفيسرن جي سسپينشن ٿي ويندي هئي. بعد ۾ اهو ذوالفقار ڏهر ۽ تعليم کاتي جو انسٽرڪٽر عبدالحق ابڙو SCUG ڪيڊر ۾ ضم ٿيا ۽ ڇهن مهينن ۾ اڻويهين گريڊ ۾ پهچي ويا ۽ مٿين گريڊ باوجود سيڪريٽري سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ (ارڙهون گريڊ) بڻجي ويا. ڊيپوٽيشن عام ٿي وئي ۽ هر کاتيءَ لاءِ مڪاني ادارن جا در کولي اصل ملازمن لاءِ در بند ڪيا ويا، ايتري قدر جو هڪ چوڏهين گريڊ جو ايڪسائيز انسپيڪٽر بغير SGA &CD طرفان ڊيپوٽيشن تي موڪلڻ جي ڄامشوريءَ جو ارڙهين گريڊ جو لوڪل گورنمينٽ سپورٽ آفيسر (جنهن کي هاڻي اسسٽ ڊائريڪٽر سڏجي ٿو) بڻجي ويو، سورنهين گريڊ جو روينيو ملازم ۽ پندرهين گريڊ جو ڪمپيوٽر آپريٽر به ارڙهين گريڊ جي پوسٽ وٺي ويا. کاتي اندر به او پي ايس جو ڪو حساب نه هو، جنهن ڪري 8-10 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽50-60 ايس سي يو جيءَ جا آفيسر گهر ويٺا رهيا. هڪ همراهه کي سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ ڊائريڪٽ 18هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪري ٽنڊي الهيار جو ٽي ايم او بڻايو ويو. ڪيترائي ماڻهوضم ڪيا ويا، غير قانون پروموشنن جو ته ڪو حساب ئي نه هو جڏهن ته غير قانوني ڀرتين جو اهو حال آهي جو هڪ ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ چار-پنج سئو ڪلارڪ ۽ هڪ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ پنجاهه ڊرائيور رکيا ويا، جنهن ڪري مڪاني ادار صفا ويهي وياجنهن جي سزا مڪاني ادارن کي روينيو کاتي جي ايڊمنسٽريٽرن جي صورت ۾ ملي رهي آهي.

آغاز سراج دراني کان پوءِ آصف علي زرداريءَ جو ويجهو اويس مظفر وزير بڻيو، جنهن کي مڪاني ادارن واري کاتي سان گڏ، ديهي ترقي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ جا کاتا به ملائي ڏنا ويا.اهم کاتي جو وزير هجڻ باوجود هن ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪرڻ کي عيب سمجهيو ۽ هن سان ملڻ مهانگو هو، جيئن ته سندس ترجيحات ڪي ٻيون هيون، انڪري هن کاتي ۾ ڪا نمايان تبديلي نه آندي.

اويس مظفر جي استعيفا بعد اهو وڏو کاتو به شرجيل انعام ميمڻ کي ڏنو ويو، جنهن به ڪڏهن فيلڊ آفيسرن سان ملي تجويزون وٺي کاتي ۾ ڪا بهتري آڻڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي، ان جو شايد اهو سبب هو ته اهو نه صرف حڪومت، پر حڪمران جماعت جو به ترجمان هو، هن جي بدقسمتي يا خوشقسمتي اها هئي جو کيس عبدالحق ابڙو، ذوالفقار علي ڏهر ۽ ايڪسائيز انسپيڪٽر جهڙا آڳا پيڇي ڪرڻ وارا نه مليا. شرجيل ميمڻ کاتو روينيو عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ويندي ويندي صرف ٽي ايم او ز سسپينڊ ڪري ڄڻ ته اهو اعتراف ڪيائين ته هو ايڊمنسٽريٽرن کي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي.

هاڻي سندس قلمدان تبديل ٿيڻ بعد روهڙيءَ سان تعلق رکندڙ ٻه دفعا ضلع ناظم طور ڪم ڪندڙ سيد ناصر حسين شاهه کي رورل ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ کي جدا ڪري صرف لوڪل گورنمينٽ ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ جو وزير بڻايو ويو آهي. هن کي ڪو گهڻو وقت ته نه ٿيو آهي، پر سندس ڊائريڪشن چند ڏينهن اڳ ڪنهن نيوز چينل کي ڏنل انٽرويوءَ مان نظر اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته شرجيل صاحب روينيو وارن کي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪنٽرولنگ اٿارٽي بڻائي ڀلو ڪم ڪيو ۽ هو به ان کي جاري رکندو، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هو وزير مهر سردارن نه، پر ڊي سِن جي سفارش تي ٿيو هجي ۽ کيس بلديات کاتو شرجيل انعام جي سفارش تي مليو هجي، جنهن ڪري سندس پيروي ڪرڻ لازمي بڻجي وئي اٿس. جيڪڏهن کاتي کي ٻاهريان آفيسر هلائي رهيا آهن ته پوءِ وزير ۽ سيڪريٽري بلديات جي ڪهڙي حيثيت ؟! اهو ته ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته موجوده حڪومت مڪاني ادارن جو اهڙو حال ڪيو آهي جو ان جا آفيسر ۽ وزير ان کي هلائڻ جي قابل نه رهيا آهن. سائين جي ان بيان مان روينيو وارن لاءِ ظاهر ٿيندڙ عقيدت مان اهو به لڳي رهيو آهي ته هن ضلع ناظميءَ دؤران به عوام جي ڀلي خاطر استعفيٰ ڏئي سندس جاءِ تي ڊي سي اوز کي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.سندس طرفان نيب جي ڪيس ۾ سسپينڊ ٿيل هڪ آفيسر کي بحال ڪرائي سندس اسٽاف آفيسر مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش مان به سندس سوچ جو اندازو ٿئي ٿو. ڪن ماڻهن جو وري خيال آهي ته اهو ڪم انهن طاقتن ڪرايو آهي، جيڪي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪرائينديون آهن، ڇو ته کين انهن سان ڊيل ڪرڻ سولو لڳندو آهي ۽ وزير وري نه چاهيندي به واهه واهه ڪن ٿا.

حقيقت ۾ مڪاني ادارن جي تباهيءَ جو سبب حڪومت سطح تي ٿيندڙ فيصلا ۽ مانيٽرنگ سسٽم نه هجڻ آهي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ارڙهين گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنر کي لينڊ ڪروزر، ڊبل ڪيبن، ايڪس ايل آءِ سميت چار-چار گاڏيون ڏنيون ويون آهن، سندن قبضي هيٺ آيل مڪاني ادارن جون گاڏيون جدا آهن. انهن کي شاهي آفيسن سان گڏ تاج محل جهڙا گهر به ڏنا ويا آهن. جن مان نڪري گهٽين ۾ اچڻ تي دل ئي نه چوندي اٿن، ان جي برعڪس اڻويهين گريڊ جي ڊائريڪٽون ۽ ارڙهين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي مهراڻ گاڏي به نه ڏني وئي آهي. نه صرف ايترو پر ڪنهن کي به آفيس نه ڏني وئي آهي، سڀئي اڌارين آفيسن ۾ ويٺا آهن،. نه کين فنڊ ڏنا وڃن ٿا، نه ٽي اي ڊي اي ۽ نه اسٽاف, جڏهن ته اختيار ته کين آهن ئي ڪو نه. سڄو کاتو رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪراچيءَ مان هلايو ٿو وڃي.

افسوس جو ان ڳالهه جو به خيال رکيو نه ٿو وڃي ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ ڊيپوٽيشن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي انحرافي آهي. ڇو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو ايڊمنسٽريٽيو سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز آهي ۽ لوڪل گورنمينٽ وارن جو سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ آهي. ڀلا جيڪڏهن اها ڊيپوٽيشن نه آهي ته پوء مڪاني ادارن جي ڪميشنڊ آفيسرن کي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ڇو نه ٿو لڳايو وڃي؟! اهو به نه ٿو سوچيو وڃي ته هنن کي اي سي آر به سندن اصلي کاتي يعني روينيو ۾ ڪيل ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملندي آهي. اهي رڳو چيڪ ڪڍڻ آيا آهن، انڪري اهي لوڪل گورنمينٽ ۾ ڪهڙا سڌارا آڻيندا؟ هنن کي ته اينٽي ڪرپشن وارا به ڪجهه ڪو نه چوندا آهن، ڇو ته ان جا چيئرمن ۽ ڊائريڪٽر به هنن مان ٿيندا آهن ۽ ٽنهي يعني ضلع، ڊويزن ۽ صوبي سطح جي ڪميٽين جا سربراهه به هنن مان ٿيندا آهن، جنهن ڪري هو جتي ويندا آهن اتي وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئڻ بجاءِ ان ۾ ٽٻيون هڻي وهنجندا آهن.

هونئن به غور ڪبو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن نه هئي ته به ٿاڻي ۽ تپيدار وٽ رائج هئي، هن کاتي جا سب رجسٽرار ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جا پي اي به ڪروڙ پتي آهن، جڏهن ته ارڙهين گريڊ ڊپٽي ڪمشنرن جي اٿڻي وهڻي به مغل شهزادن کان گهٽ نه آهي عجب جي ڳالهه آهي ته اهي واحد آفيسر آهن جن جي هائوسن تي کاڌو به رشوت جو پچندو آهي، جيڪو تپيدار ۽ مختيارڪار پهچائيندا آهن، پوءِ به انهن کي ايماندار سمجهيو ٿو وڃي ڊي ايم جي ۽ ايڪس پي سي ايس وارا ته ٺهيو، پر بنا پبلڪ سروس ڪمشن جي امتحان جي اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيل ۽ پوءِ پروموشن وٺي ڊپٽي ڪمشنر بڻيلن کي به هر مرض جو علاج سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هڪ نامينيشن ذريعي ڀرتي ٿيل ۽ آئوٽ آف ٽرن ذريعي پروموشن حاصل ڪندڙ ڪمشنر چئي رهيو هو ته جڏهن به ڪو بحران پيدا ٿيو آهي ته ان کي روينيو وارن ختم ڪيو آهي، ان کان سوال آهي ته جيڪڏهن کائن اهو نيٽ ورڪ، مهانگيون گاڏيون، شاهي سهوليتون ۽ فنڊ کسيا وڃن ته ڇا پوءِ به هو اهڙيون ٻٽاڪون هڻي سگهندو؟ هنن لاءِ ته 2013 ۾ ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل به لکيو هو ته سنڌ جي روينيو کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي رهي آهي، اها ڪرپشن / پيسي جي مڳي ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو ستين گريڊ جو تپيدار رئيس، ڏهين يارهين گريڊ جو سپروائيزر ميان صاحب ۽ چوڏهين گريڊ جو اسسٽنٽ مختيارڪار / وڏو منشي خان صاحب سڏائي رهيا آهن، جنهن ڪري ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ جي وزير ۽ سيڪريٽري جي سڏ تي به نه ايندا آهن، اها ڪيڏي نه ناداني آهي جو پوءِ به مڪاني ادارن جي وزير انهن جي وسيلي مڪاني ادارن ۾ نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ ٿو گهري، جن کي ٿر جي ڏڪار جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو ۽ هاڻي انهن تي وڏي وزير خود روينيو جي وصوليءَ جي حوالي سان بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو آهي، بس سمجهه جي ڳالهه آهي ته جنهن کان هڪ مڻ نه ٿو کڄي، ان کي ويهه مڻ ٿا کڻايا وڃن!! هي ته اهي آفيسر آهن، جيڪي پرڻي کان وڌيڪ مرڻي تي خوش ٿيندا آهن، ڇو ته ٻوڏ، زلزلي ۽ ڏڪار کانپوءِ هنن ۾ خوشحاليءَ جي لهر ڇائنجي ويندي آهي. هي اهي آفيسر آهن، جن خوش آمد کي پروٽوڪول ۽ پاڻ کان هيٺين ملازمن جو ساهه مٺ ۾ ڪرڻ کي ڊسيپلين جو نالو ڏنو، شايد ان ادا ئي عوام جون ڳاليهون ڪندڙن کي متاثر ڪيو هجي. جڏهن روينيو وارا اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڀرتي ٿيندا آهن، ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ لاءِ کين ڇهن کان ڏهه سال سروس يعني تجربو درڪار هوندو آهي، پر مڪاني ادارن جي ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ لاءِ ائين اچي ٺهڪو ڪندا آهن، اتي نه کين تجربي جي ضرورت پوندي آهي ۽ نه ٽريننگ جي ، پوءِ به چيو ٿو وڃي ته اهي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي نفي شهرن ۾ گڏ ٿيل مينهن جو پاڻي ، گند جا ڍير ۽ وهندڙ نالا ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به جيڪڏهن اها ڳالهه مڃجي ، ته به ان ۾ مڪاني ادارن جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ جو ڪهڙو ڪارنامو؟!

مڪاني ادارن ۾ بي قاعدگين جو مُک سبب چونڊيل نماعيندن جو ڪردار به آهي، جيڪي کين اي ٽي ايم وانگر استعمال ڪري رهيا آهن، هڪ اڳوڻ ته پنهنجي ماءُ جي ٽيجهي ۽ چاليهي جي ماني به ٽي ايم اي کان ڪرائي. ظاهر آهي ته جيڪو کين ايڏو ڪم ايندو ان کي بچائيندا به.

جيڪڏهن روينيو وارا يونين ڪائونسل کان وٺي ڊويزن سطح تائين بهتر ڪم ڪري رهيا آهن ته پوءِ صوبي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ؟ ان کي به روينيو کاتي حوالي ڪري، لوڪل گورنمينٽ جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ جي موڪل ڪرائي يا ته سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪو آرڊينيشن کاتي ۾ ضم ڪري هڪ وڌيڪ ايڊيشنل سيڪريٽري رکيو وڃي يا کيس بورڊ آف روينيو سان ملائي هڪ وڌيڪ ميمبر رکيو وڃي. ڀلا جيڪڏهن کاتي کي اڌ تتر ۽ اڌ بٽير ئي رکڻو آهي ته پوءِ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي ان جو نالو روينيو ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ رکيو وڃي ، ڇو ته هي صرف لوڪل گورنمينٽ نه رهيو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن ۽ ڊولپمينٽ آفيسرن جا نالا بدلائي کين ترتيبوار ڊويزنل لوڪل گورنمينٽ پوسٽ ماسٽر، ڊسٽرڪٽ لوڪل گورنمينٽ پوسٽ ماسٽر ۽ تعلقه لوڪل گورنمينٽ پوسٽ ماسٽر بڻايو وڃي ، ڇو ته سندن آفيسون هاڻي ٽپال گهر کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، انهن جو ڪم صرف اهو آهي ته سنڌ حڪومت کان آيل خط هيٺ موڪلن ۽ان جو جواب وري حڪومت ڏي روانو ڪن، جواب نه ملڻ جي صورت ۾ اهي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو