Home / ايڊيٽوريل / سنڌو جوڀن تي آيل آ ته ان ۾ رنج ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
above article banner

سنڌو جوڀن تي آيل آ ته ان ۾ رنج ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

سنڌو دريا ۾ وري چاڙهه آهي. ملڪ جي اترين علائقن ۾ زورائيتن برساتن سبب سنڌو کي ڀريندڙ سڀ دريا متل آهن. ويندي پاڙيسري ملڪن، افغانستان ۽ ڀارت ۾ به وڏا مينهن پيا آهن. ظاهر آ ته اهو پاڻي ڦري گري، چناب، راوي، جهلم ۽ ڪابل دريا کان ٿيندو سنڌو ۾ داخل ٿيڻو هيو سو ٿيو. گذريل ڪافي ڏينهن کان گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي جي بيراجن توڙي سنڌو جي کاٻي ساڄي بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌيل آهي. ملڪ ۾ ڪي ملوڪ اهڙا به رهن ٿا جيڪي ان صورتحال کي ٻوڏ جو نالو ڏين ٿا.

“افيئر” پنهنجي ڄمار ۾ اهڙا نوڙي مان نانگ ٺاهڻ وارا تماشا کوڙ ڏٺا آهن. 2005 جي اونهاري ۾ به ٺيڪ ان ريت دريا ۾ چاڙه آيو هو جنهن کي ڪن حلقن ٻوڏ جو نالو ڏنو هيو. حالانڪه تڏهن “افيئر” ڄڻ ٻنڌڻن ۾ هيو پر ڌڻي ايتري سمجهه ڏني هئي جو ان لقاءُ کي سمجهي سگهون. اسان تڏهن ٻوڏ ڙي ٻوڏ جي واويلا کي تيلي مان ٿنڀ ٺاهڻ ڪوٺيو ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته دريا ۾ پاڻي جو وهي اچڻ ٻوڏ نه پر سجايو سنوڻ آهي. ان معمول جي لقاءُ کي ٻوڏ ڪوٺيندڙن جي نيت بد آهي تڏهن ئي هو سنڌ جي درياهه کي جل ٿل ڏسي نه ٿا سگهن. اڄ “افيئر” سمجهه جي بهتر ڏاڪي تي آهي. ان ئي ڪري اسان چئون ٿا ته سنڌو کي تار وهندو ڏسڻ اسان جي اکين جو ارمان آهي. اسان سدائين سندس پيٽ سُڪل ڏٺو آهي. هيل جو سندس ٻئي اڃارا ڪنارا جل جون چميون وٺن ٿا ته ان ۾ دانهون ڪرڻ ۽ ٻوڏ ڙي ٻوڏ! جي واويلا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

july 31-2015

خبر ناهي ته سنڌ تي سنڌ نالو سنڌو دريا سبب پيو يا سنڌو تي نالو سنڌ سبب پيو پر حقيقت اها آهي ته چين ولايت جي برپٽ، تبت جي هڪ چشمي مان ڦُٽي وهندڙ سنڌو دريا ڀارت مان ٿيندو پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ گلگت چلاس لتاڙيندو، پٺاڻن جي ملڪ مان ٿيندو، پنجاپ جو الهندو پاسو ڏيندو سنڌ جي سينڌ ۾ اچي سنڌور بڻجي وهي هلي ٿو. ايترن ديسن مان گذرڻ باوجود هو اتي پرديسي لڳي ٿو پر جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته سندس ٽور ئي مٽجي وڃي ٿي. محبوب جي چال هلندڙ سنڌو کي سنڌ جا ماڻهو پوڄين به ٿا ته پيار به ڪن ٿا. ان ڪناري سنڌين دنيا جي سڀ کان معتبر ۽ آڳاٽي تهذيب جوڙي. ويد لکيا. عورتن سنڌو ندي تي سهرا چيا ۽ شاعرن گيت لکيا. ان سنڌو تي جڏهن به جوڀن اچي ته اهو سنڌين لاءِ عيد جو، جشن جو ڏينهن هجڻ کپي. هي ڪهڙا ردي ذهن آهن جيڪي سنڌين کي سنڌو جي جوڀن کان، ٻوڏ ڙي ٻوڏ جون رڙيون ڪري ڊيڄائن ٿا؟

اسان جي خيال ۾ هن ملڪ ۾ هڪ اهڙي لابي موجود آهي جيڪا سنڌو سان ساڙ رکي ٿي. ان تي بند جي نالي ۾ ڪوڙڪيون وجهڻ چاهي ٿي. کيس مست رقصان سنڌو نه ٿو وڻي. ۽ ٻي لابي اها آهي جيڪا سنڌو مان ڊيڄاري، سنڌو جا بند ٽوڙي، ان کي ڍورن ۽ نارن ۾ وهائي امداد وٺي ڳڙڪائڻ ٿي چاهي. اهي ٻئي لابيون ميڊيا ۾ ڌمچر مچائن ٿيون ته درياءُ جي چاڙه سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي تنهن ڪري پاڻي جو ڪو بِلو ڪريو.

پاڪستان هڪ وفاق آهي. پنجاب ۽ سنڌ ٻه وفاقي وحدتون آهن. پاڪستان کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي وحدتن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جا کوڙ سارا ٺاهه ٿيا آهن.1991 ۾ پاڻي جوآخري ٺاه ٿيو جيڪو پنجاپ پنهنجي مرضي مطابق ڪيو. ان ٺاه ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وهائڻ کي سنڌ جي اهڙي زمين جيڪا سمنڊ جي آمهون سامهون هئي، جي سامونڊي کاڌ کان بچاءُ لاءِ علاج طور تجويز ڪيو ويو. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ويندو ته ٺٽي ۽ بدين جون زمينون بچنديون نه ته ايندڙ وقت ۾ سمنڊ سجاول ۽ گولاڙچي ۾ ڇوليون هڻندي نظر ايندو. پر اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وهڻ ، پاڻي جو زيان نظر ايندو آهي. سندن واويلا شروع ٿي ويندي آهي ته وارو ڪريو، پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، ڪارو ڊيم ٺاهيو. معنيٰ، ڊيم، سو به اسان جي مرضي سان ٺاهيو، سو به ڪالاباغ وٽ.

جنرل پرويز مُشرف جي زماني ۾ ڪالاباغ ڊيم اڏڻ جي مهم هلائي وئي. جڏهن ٽن صوبن ان منصوبي جي مخالفت ڪئي ته جنرل صاحب اي جي اين عباسي صاحب جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن کي پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ ڊيم تجويز ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. چارئي صوبا ان ڪاميٽي تي راضي ٿيا. ان ڪاميٽي ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي تجويز ڏني. ڀاشا ڊيم جو پيڙه جو پٿر رکيو ويو. پر هڪ لابي کي جيئن ته ڪالاباغ کان سواءِ ٻيو ڊيم نه کپي ان ڪري 1991ع جي پاڻي ٺاه وانگر ان ڳالهه ته به اها لابي نه بيٺي. ڀاشا ڊيم اڏڻ جو منصوبو ڪاغذن ۾ پيو ڳري سڙي. ڀاشا کان علاوه اسڪردو وٽ ڊيم اڏڻ جي تجويز ايندي رهي آهي. يا متبادل طور ننڍا ننڍا ڊيم اڏڻ. پر لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل طاقتور لابي جي سئي ڪاري ڊيم تي اٽڪيل آهي. سنڌو ۾ آيل تازي چاڙه کان پوءِ اجائي واويلا پٺيان اها ئي لابي آهي.

ٻيو سنڌ ۾ لوڀين ۽ ٺوڳين جو انبوه آهي جنهن جو گذر سفر پِنِِ جي ٽُڪر تي آهي. وزير، ڪامورا، واٺڙيا ۽ ٻي مخلوق ان ۾ اچي وڃي ٿي. ٻوڏ جي بهاني امداد وٺي، يا بندن جي مرمت جا ڏوڪڙ هٿ ڪري گهر جون گُنديون ڀرڻ سندن محبوب مشغلو آهي. 2010 ۾ ٽوڙي وٽ دريا جو بند ٽوڙي انهن ٺڳن سنڌ ٻوڙي لکين انسانن جا جهُڳا جهڻ ڪيا. ٻُڏل ماڻهن جي امداد واسطي جيڪي پئسا مليا سي پاڻ ڦٻائي ويا، جيڪو کاڌ خوراڪ مليو سو گدامن ۾ ڀرائي کاڌائون ، کپايائون يا ڪنو ڪري اڇلايائون. هيل به سندن لوڀيون نظرون دريا شاه جي ڦهليل پيٽ تي آهن ته ڪٿان ٿو ڪو ڪوئو کاٽ هڻي دريا کي برپٽ جو رستو ڏيکاري.

سو، ڪچي جي ٻُڏڻ کي ٻوڏ ڪوٺيندڙ وڃي پنهنجي دماغ جو علاج ڪرائي اچن. سنڌ جي صدين پراڻي چوڻي ٻُڏيءَ جا ٻيڻا جو ڇا مطلب سو ڪو دوست وڃي انهن نادانن کي سمجهائي.

اسان پاڻي پوڄڻ واري تهذيب جا وارث آهيون. سنڌو کي جوڀن ۾ ڏسڻ لاءِ سهسين سُکائون باسيندا رهيا آهيون. واسينگ جيان وڪڙ کائي هلندڙ دريا کي ڏسي پنهنجا محبوب ياد اچن پيا. اڄ سنڌو تي آيل اوج ڏسي ڪو جشن ملهائڻ گهرجي. واوايلا نه!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو