Home / اسپيشل افيئر / سنڌ آڏو ايجنڊا جانڻ ۽ جنت ٻُڌن!
above article banner

سنڌ آڏو ايجنڊا جانڻ ۽ جنت ٻُڌن!

Irshad Memonبلڪل ننڍپڻ ۾، پنجٽيهه ورهيه اڳ، هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار سائنسي صفحي جو مطالعو، ليکڪ لاءِ انوکي آبياري هئي. گيان سو به سنڌيءَ منجهه! خاص طور تي “جانڻ ۽ جنت جي ڪهاڻي.” مانواري علي مرتضيٰ ڌاريجي رئٽڪلف جي ڪتاب کي “سَرير جي آتم ڪٿا” سلسلي هيٺ قسطن ۾ ترجمو ٿي ڪيو. هر هڪ عضوو سندي آکاڻيءَ جو پاڻ بياني هئو. مقامي ٻوليءَ ۾ ائناٽامي ۽ فزيالاجي جي ڏکين محاورن کي سمجهائڻ مُشڪل ڪم هئو، جيڪو مرتضيٰ جهڙي اورچ انسان ڪري ڏيکاريو. جَسُ هجيس. راوي پاري اڻ گهڙيل ڪاٺ ۽ صفا ڪچڙي ذهن ۾ پنهنجي جسم بابت ڄاڻ گهر ڪري وئي، کيس خود کي سڃاڻڻ ۾ آساني ٿي. ڪجهه عرصو پهريائين حيدرآباد جي سفر دوران ڌاريجي صاحب سان ملاقات ٿي ته آءٌ سي جُملا ڳولهي نه سگهيس. جن رستي ٻُڌائي وڃانس ها ته هُن منهنجي شخصي تربيت ۾ ڪيترو ڪارائتو رول ادا ڪيو.

تنهن بعد، چار پنج سال گذريا هوندا جو ميڊيڪل ڪاليج ۾ هئس. ساڳيون ڳالهيون، وڌيڪ تفصيل سان ۽ يوناني ٽرمنالاجي ڀريل انگريزي ۾ پئي پڙهيم. عمر جو دخل چئجي، احساس ٿيو ته سائنسي لٽريچر وٽ نرالي لينگوئيج ۽ لاجڪ آهن. ٻولي ۽ منطق جيڪي اڍائي هزار ورهين جي کوجنا، ڏي وٺ ۽ تجربن کان پوءِ نِسري نروار ٿيا. انهن معاشرن اندران جن ساڳي طرح جي ڏاهپ سان سلهاڙيل مادي اوسر پڻ ڪري ڏيکاري آهي. چند صديون پهريائين حرفت، ٽيڪنالاجي جو وهٽ ميدان تي لٿو ته سموري سوسائٽي، گڏيل طور ڪُل سائنس واسطي تجربي گاهه جي حيثيت ورتي. مامرو پروڙڻ ۾ هروڀرو ايترو آسان ڪين آهي. بنهه تڏهن، جڏهن اهڙي ڪنهن سماج جي وصف منجهه پاڻ، سنڌي معاشرو داخلا جي اهليت ڪونه سانڍي. اسين تخليقي ۽ پيداواري صلاحيتن جي ان معيار تي نه آهيون جتي گيان ۽ وگيان جا اُڀار رڳو ماڻڻ بجاءِ، کين ترقي ڏيارڻ، اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجئون. سادو بيان سَو ته سائنسي ٻولي ۽ لاجڪ جا ماخذ اُهي خطا آهن جن حيات سان گهرو تعلق رکندڙ طبعي معاملن جي مُنجهيل سُٽ کي سِڌو ڪرڻ ۾ هزارين سال ۽ انيڪ پيڙهيون ڳاريا ۽ ڳاريون آهن. ٻين لفظن ۾ سندي تاريخ ڏني آهي. ڏَڏُ مذهبي قوتن سان ويڙهه ڌار ڪئي اٿن. پاڻ وانگر نه ته ملينيم کان سرس عرصو نُور ۽ نار جي بحث ۾ گذاري چُڪا آهيون. آرمسٽرانگ مرندو مري ويو، ويساهه نه ڪيوسين ته هُو چنڊ تي به پُهتو.

juli  31-48 b

قبلي علي مرتضيٰ جي محنت برابر پر اڄوڪي گهڙيءَ، پنجاهه ورهيه ڄمار ۾ آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته ميڊيڪل سائنس کي بهتر انداز ۾، انگريزي منجهه ئي پڙهيو اٿم. پرک ٿي ته اُن جي گِريڪ ۽ لئٽن ٽرمنالاجي، لاجڪ وسيلي. مُون مثل ساڳي بات رياضي، فزڪس ۽ ڪئمسٽري جا طالب اُچاريندا، اوس ته. مُنهنجي مادري زبان ڪيترين ئي خوبين واري آهي، پراچين، الڳ. البته اُها تنهن معاشري مان اُسريل ڪين چئجي جيڪو تخليقي ۽ پئداواري اُپت جي اُن سطح تي هُجي جَڏهن هُو پنهنجي گرڀ مان، گيان جي جهان ڪاڻ نڪور اهڃاڻ، مُحاورا ۽ اصطلاح جنم ڏئي سگهي. پيرا کڻڻ، تقليد آخري راهه هوندي، تڏهن، اوهان کي وڻي نه وڻي. انگلش کان بيزاري جو شڪار ماڻهو اسپيني، فرئنچ، جرمن يا چيني ٻولي وڃي سکن. ڳوٺ نه ته سَائيءَ جو ڪُونڊو آهين ئي آهين.

موچاري سکيا جي گُهرج بهتر انساني ترقي، هيومن ڊولپمينٽ واسطي ڪَرُ کڻندڙ ڪوٺجي. آباديءَ ۾ سٺ سيڪڙو نوجوان فرد اسان جو ڪيترو قيمتي اثاثو آهن، احساس ڪرڻ کپي. ڏيهاڙي، ڏوهاري مزاج رکندڙ ۽ ميرو رومال اوڍيندڙ چنگچي ماسٽرز جي لوڌ ۾ اضافو ڪنهن هنڌ ڇيهه ڪندو، ويچار طلب آهي. تعليم ۽ هنرمندي جا اعليٰ نه ته وچولا معيار حاصل ڪرڻ خاطر، سکيا ۽ انساني اوسر ۾ اٽوٽ تعلق ڄاڻڻ واسطي، ٿورڙي ئي سهي پر هڏڏوکي ڏاهپ کي وڏي مٿي ڪُٽ ڪرڻي پوندي، نانءَ ڪٺيو قومي سوال اسان جا سَتَ ڏهاڪا وٺي چُڪو. جن چيو ٿي ته آجپي بعد هيومن ڊولپمينٽ ڏانهن وربو تن سَندا ڀِڀَ ڀري ترقي ڪري ڏيکاري. ٻوليءَ جي پليٽ فارم تان جهيڙيندڙ پنهنجي جُهد کي حقيقت پسنديءَ جي متن هيٺ جاري رکن ته چڱو ٿيندو. آخر به، سائنس کي سائنس ڪري پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو. مادري زبان کي اوتري اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ گيان جي ڀاشا کي سندس لاءِ لازم قدر. انگريزي جي روپ ۾ املهه وٿ موجود اٿئون. اچو ته ان پاسي موٽ کائون. بُڇان وٺي ته اُسريل دنيا جي ڪنهن ٻي ٻولي کي اپنايون. مقصد ٽئين زماني جي ضرورتن آهر وک وڌائڻ هجي. فقط نيشنلزم جي اثر هيٺ ۽ ڊپ وچان ته سنڌي جي هُوندَ کي ڇيهو نه رسي، مقامي زبان جي ڦوڪڻي ۾ هوا ڀَرڻ سان پوئتي بيهي وڃڻ کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو. جن جي مادري ٻولي سَا مٺڙي ڀاشا آهي تن کي سندس وجود لاءِ انديشا پالڻ جي خفي ۾ ڇو پوڻ کپي؟ جڳ جهان ۾ ڪَا مَدرٽنگ الوپ ٿي آهي ڇا؟ جديد وقت ۾ تنهن طرح جو ڪو مثال ملي ئي ڪو نه.

هتي هڪڙو ٻيو احوال ٿا کوليون. 1990ع ڌاري هُوڪريا ٿيا. ڄامشوري اسپتال واڳيل سرجن علي بخش جتوئي جو جراحي سان لاڳاپيل، سنڌي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. سرجري جي حوالي کان مريض جي تپاس جا طريقا، ڪلينيڪل ميٿڊس. واٽون جن وسيلي ڊاڪٽر بيماري جي پاڙ تائين پهچي وڃي. قابل اُستاد جتوئي صاحب جي عمل کي سڀني ساراهيو. اخبارن ۾ تبصرا ڏٺاسين. راوي تڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ميگزين جي سرواڻي ڪندي، ارشاد ڪاظمي، غلام رحماني لاکي ۽ شهلا شيخ تي ٻڌل ٽيم سندس انٽرويو وٺڻ واسطي رواني ڪئي، هُو ساٿي مانواري سرجن سان انگلش ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪري واپس آيا. رسالو شايع ٿيو ته آءٌ ڪاپي مَهان گُرو حليم بروهي ڏانهن کڻي ويس. صُفحا اٿلائيندي ڄاڻايل انٽرويو تي نظر پيس، ڪاوڙ وچان ڏند ڪَرٽڻ شروع ڪيائين. چئي-ميڊيڪل جا شاگرد پنهنجي فيلڊ ۾ معلومات حاصل ڪرڻ خاطر جيڪا ٿوري گهڻي، انگريزي ۾ ڄاڻ رکن هَاڻ تنهن کان به وڃن. طب سنڌيءَ ۾ پڙهندا ته باقي دنيا سان رابطي ۾ ڪيئن رهندا؟

جناب بروهي جي مٿئين جملي ۾ وڏو سبق آهي جي پروڙي وٺئون. هُو صاحب هئو جنهن سنڌي کي رومن الفابيٽ ۾ لکڻ لاءِ مُهم هلائي. اسان سندس ڏانهن ڌيان نه ڌريو، چريو قرار ڏئي، هُن جو جيئندان تنگ ڪيوسين. اهڙي روش جو نتيجو ڇا نڪتو؟ سماج ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪبو ويو. ڊپ ٿو ٿئي ان مهل کان جڏهن ڀُڻڪو سڻجي ته هيءُ مريض لاعلاج آهي.

اين جي او اسٽائل ۽ نيت کان پاسائتو ٿي لکجي ٿو ته اڄوڪي سنڌ سامهون مکيه ايجنڊا انساني اوسر، هيومن ڊيولپمينٽ آهي. نوجوانيءَ جي شڪل ۾ تنهن مقصد لاءِ ڪچو مواد آڏو اٿئون. سکيا، تربيت، بنيادي شرط آهي، علم جي پکيڙ ڪاڻ ٻوليءَ جو رٿ گهرجي.

مادري زبان واسطي جذبا جيڪي به هجن، تنهن ڀاشا کي اپنائڻو پوندو جَا نئين زماني جي للڪار سامهون پير کوڙڻ ۾ سهڪاري ٿئي. تيزيءَ سان تباهيءَ جي اونداهي کوهه ۾ ڪرندڙ معاشري جا ساڃاهه وند اک پٽين. انفرادي ترقي جي هٻڇ ۽ حاصلات کين پاڙي ۾ ٻرندڙ اوڙاهه جي سَيڪَ کان بچائي نه سگهنديون. اهڙي ڪنهن نرگسيت، خام خياليءَ مان جيترو جلد پاڻ آجو ڪندا، خود ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي هنڌائتو ڪري وٺندا. وڌيڪ ڇا چئجي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو